پُرِي بابت
معنيٰ
پنڌ ڪري، هلي، ڪاهي، وڌي، اڳتي هلي.
To advance, go forward, get before.
بيتن ۽ وائين ۾
- پُرِي پَتَنگَ آئِيا، سِرِي سَھائيءَ وَٽِ، ڪَندا ڪانَہ گهَٽِ، مَٿو وِجَهندا مَچَ ۾.[ سُر يمن ڪلياڻ - پتنگ ۽ باھ ]
- پُرِي پَتَنگَ آئِيا، سِرِي سَھائيءَ ساءِ، ڪَندا ٻِي نَہ ڪا، مَٿو وِجَهندا مَچَ ۾.[ سُر يمن ڪلياڻ - پتنگ ۽ باھ ]
- پُرِي پَتَنگَ آئِيا، سِرِي سَھائيءَ جَهلَ، ڪَندا ڪَنڌَ اُڇَلَ، مَٿو ڏِيندا مَچَ ۾.[ سُر يمن ڪلياڻ - پتنگ ۽ باھ ]
- پُرِي پَتَنگَ آئِيا، سِري سَھائيءَ ھيٺِ، ٿِئا ڏيٺارِئا ڏيٺِ، مَٿو ڏِيندا مَچَ ۾.[ سُر يمن ڪلياڻ - پتنگ ۽ باھ ]
- پُرِي پَتَنگَ آئِيا، سِري وَٽِ سَھائي، اَچِي پِئا آڳِ ۾، ڪُڏِي سَڀَ ڪاھي، لاڳاپا لاھي، کاڻا کُوري وِچَ ۾.[ سُر يمن ڪلياڻ - پتنگ ۽ باھ ]
- پُرِي پَتَنگَ آئِيا، مَٿي مَچَ مِڙِي، ويندا تان نَہ کِڙِي، مَٿو ڏِيندا مَچَ ۾.[ سُر يمن ڪلياڻ - پتنگ ۽ باھ ]
- پُرِي پَتَنگَ آئِيا، سائُو سَڀَ سَري، کاڻا کُوري وِچَ ۾، مَنجهان قُرِبَ ڪَري موٽِئو ڪو نَہ وَري، اُڇَلَ پَسِي آڳِ…[ سُر يمن ڪلياڻ - پتنگ ۽ باھ ]
- موٽِي مانڊاڻَنِ جِي، وَرِي ڪِئائِين وارَ، وِڄُون وَسَڻَ آيُون، چوڏِسِ ۽ چوڌارَ، ڪي اُٺِيُون وَڃِي اِستَنبولَ ۾، ڪَن مَڻِئو مَغرَبَ…[ سُر سارنگ - ڌرتي ڍُري ]
- سَڌَرَ سين سَڱُ ڪَري، پَرکَنڊينَ پيياسِ، ڪيرَ بِرَھمَڻِ ڪَنِ جي، ڪيرَ ڄاڻي ڪيڻاسِ؟ ھُوندَ نَہ سِنڌُ سُياسِ، پُرِيي ڪِيَسِ پَڌِرِي.[ سُر معذوري - ڪتا ۽ ڪوھ ]
- اَڌَرَ نِڌَرَ اَڀَرِي، ويچارِي وَري، لالَڻَ لَئي لَطِيفُ چئَي، پُرِي پيرَ ڀَري، ڪَمِيڻِي ڪَري، ڪارُون ڪيچَ ڌَڻِيَنِ کي.[ سُر معذوري - اڌر نڌر ۽ ھيڪلي ]
- اِي ھَلُ ھوتَنِ ڪارَڻِ حالَ، شالَ سَڳَر ٿِيندِينءَ ساٿَ جي، پيرَ پانھِنجي پِرِينءَ لَئي، ڪوڏِ رَتائِين ڪالَهہ، چَڙَھَندي سِرِ چوٽِيين،…[ سُر معذوري - وايون ]
- مُون تَہ ڪِينَ چَيونِ، ڪُڄاڙئان ڪيچِ وِئا، پُرِي پَٻَ نَہ جَهلِئا، ھاڙِھي ڪِينَ اُتونِ، سَٻَرُ ساٿُ سَندونِ، وِئو لَتاڙي لَڪِيُون.[ سُر ديسي - اڱڻ مٿي اوپرا ]
- آتَڻُ اورانگهي وِئا، پارِي ڇَڏي پوءِ، آرِيچا اُٺَنِ تي، ھِيءَ تان جَڏِي جوءِ، ڪِي ھَلِي ڪِي ھَٿَ کَڻِي، ڪِي رِڙھي…[ سُر حسيني - لَڙُ مَ لاڙائُو، جِيءُ ۽ آتڻ ]
- چارَڻَ چَنۡگُ ڪُلِهي ڪَري، پيرَ پُرِي پاتا، صَدا جِي سَيِّدُ چئَي، وائِي ڪِئائِين واتا، تَنھِن تي راءُ راضِي ٿِئو، دِلِ…[ سُر سورٺ - حاضر آھي سِر ]