پَھتِ بابت
معنيٰ
پورُ، خيال، رِيچَڪ. رستو، دستور. چال. مَرڪُ، لائق، شيوو. شادي وغيرہ ۾ ڪاڄ ڪندڙ کي مدد طور ڏنل ڪجهہ رقم، پُوئو. ٺاھ، ميل، سلوڪ. لاڳاپو، دستي، ناتو.
Custom, ritual, concord, state of agreement. Money given to the person bearing the expenses of any rite, as circumcision, a wedding etc. adj. Proper, befitting.
بيتن ۽ وائين ۾
- جَي اَٿيئِي سَڌَ سُرڪَ ۾، تَہ وَنءُ ڪَلاڙَڪي گهَرِ، وَڍَڻُ چِيرَڻُ چِچِرَڻ، پَھتِ اُنِهين جِي پَرِ، جَي وَٽِيءَ پوءِ وَرِ،…[ سُر ڪلياڻ - سُوري، ڪاتي ۽ زھر ]
- ڪوڙيِين اُڀا ڪيتِرا، وَڍِئو سِرَ سَڃِينِ، جَي پَھتِ نَہ پيئِي سَڄَڻين، تَہ وَڍِيَل ٿا وارِينِ.[ سُر ڪلياڻ - سُوري، ڪاتي ۽ زھر ]
- اوجَهڙِ اَسُونھِنِ، ڏيھُ گهَڻو ئِي ڏورِئو، سَڳَرِ ريءَ سُونھَنِ، پَھتِي ڪانَہ پَنڌُ ڪَري.[ سُر آبڙي - ٿڪيائي ٿر ٿيلهہ ]
- ٿَڪُ تَہ ٿِيين ٿانءِ، پَھتِي ڪانَہ پَنڌُ ڪَري، سي لالَڻَ ھَنيُون لاءِ، مَنجهان حُجَ ھَلَنِ جي.[ سُر آبڙي - ٿڪيائي ٿر ٿيلهہ ]
- ڪَمِ قَرابَتَ جَنِ جِي، ھِتي آيَمِ ھِيئَن، رِفاقَتَ راڱَنِ جي، پَھتِيَسِ پَھَرَ سِيئَن، ماڻُهو مَلاحِظو تَنھِن جو، ڪيچِ نَہ ڪَندا…[ سُر معذوري - ڪتا ۽ ڪوھ ]
- ڪَھِي جا ڪِينَ کَڻِي، پِرِينءَ پَھتِي سا، وِھي ويڙِھِجِي جا، وَصُلُ تَنھِن وِڃايو.[ سُر معذوري - نڱي بي بوجهہ ]
- نَہ ڪا ھِتي نَہ ھُتِ ڪا، ڳورِيءَ سَندِي ڳالِهہ، ڪِينَ پَھتِي مالِ، حالِ پَھتِي ھوتَ کي.[ سُر معذوري - نڱي بي بوجهہ ]
- جاڳائي جَتَنِ، گورا گَسِ ھَلايا، پَھتِي ريءَ پَھاڙَ ۾، اُٺَ مَ آڳِٽِجَنِ، سُونھان جٖي سَردارَ سين، توڏَ مَ تَرٽِجَنِ، لُطِفَ…[ سُر ديسي - اوٺي اُٻھرا ]
- سَؤُ سُکَنِ ڏيئِي، وِرھُ وِھايُمِ ھِڪِڙو، پَھتِ مُون پيئِي، سَرَتِيُون اِنَهيءَ سُورَ سين.[ سُر حسيني - سؤُ سُک ۽ طالب، تات ]