پَنڌِ بابت
معنيٰ
پيرين پيدل، پيادل، پيادي
Pedestrian, afoot, on foot.
بيتن ۽ وائين ۾
- نَنگَرَ ۽ ناڙِيُون، پَڳَھَ کَڻِي پَنڌِ ٿِئا، بَندَرَ بازارِيُون، سُڃا سامُونڊِيَنِ ري.[ سُر سامونڊي - پڳھ ۽ سامونڊين سڱ ]
- اولا کَڻِي اُوءِ، پَڳَھَ ڇوڙي پَنڌِ ٿِئا، آيَلِ سامُونڊِيَنِ جِي، آھي اَڙانِگي جُوءِ، ڪَڏِھِين ڏِسَندَيِسِ رُوءِ، وَرِي ھِنِ اَکِيُنِ سين.[ سُر سامونڊي - وايون وڃڻ جون ]
- پاڻُ نَہ ٿِئي پاڻَ کان، پاڻان ٿِيين پاڻُ، ڄاڻِي ڏِسِجِ ڄاڻَ کي، ڄاڻِي مَنجهان ڄاڻَ، جِمَ سُمهين سَسُئِي، ٿِيجِ پَنڌِ…[ سُر آبڙي - سڀ ڪجهہ سندي اندر ]
- ھِيڪَلِيائِي ھاڻِ پُورِيندِيَسِ پُنهونءَ ڏي، ليڙَنِ سين لَطِيفُ چئَي، پُوندِيَسِ پَنڌِ پَرياڻِ، رُلِي ڇُلِي ڇَپَرين، ڪَنھِن پَرِ لاھِيان ڪاڻِ، ڪَندِيَسِ…[ سُر معذوري - اڌر نڌر ۽ ھيڪلي ]
- مُون کي ڇَڏِ مَ ڇَپَرين، ھوتاڻِي ھِنَ ھَنڌِ، تو سين پُوندِيَسِ پَنڌِ، ڏِيندِيَسِ باھِ ڀَنڀورَ کي.[ سُر ڪوھياري - اُڊڪا ۽ ايلاز ]
- سَڏَنِ پُٺِيءَ سَڏَڙا، واڪو وِجُهہ وَڻين، تُنھِنجِي پَنڌِ گَهڻين، مَنَ ڪوھِيارو ڪُوڪَ سُڻي.[ سُر حسيني - جِيئڻُ ۽ مَرڻُ ]
- لَڏِئو لَطِيفَنِ، پَلاڻي پَنڌِ پِئا، ھَٿان حَبِيبَنِ، ڪَڏِھِين ڪونَہ ڏُکوئِيو.[ سُر راڻو - ھلو ھلو ڪاڪ ۽ ڀُونءِ ]
- کَڻَنِ نَہ کَرڪاڻَ، پَنڌِ پَراھين ھَلِئا، ڏوٿِيڙا ڪَنھِن ڏُٿَ کي، جُنبِئا ڏُونھُن جابانَ، کاھوڙِيَنِ اُھڃاڻَ، اَنگِ نَہ سَڄِي اَڳِڙِي.[ سُر کاھوڙي - ڏوٿِي، ڏُٿ، ڏُونگر ]
- پَھَ ۾ پَنڌِرَھين ڏِينھَن، ٿا سامِي ڪَنِ صَدا، ڪَري آيا ڪاپَڙِي، مَنجهان گامَ گَدا، ڪَنھِن جَنھِن ٻولَ ٻَڌا، لِڪا ڀُوڻَنِ…[ سُر رامڪلي - ڏھاڙي وارتا ]
- پَرينديئي پَنڌِ ٿِئا، گَنجو ڇَڏي گامُ، تَنِ ويھِي ڪِئو نَہ وِچَ ۾، آديسِيَنِ آرامُ، گُرُوءَ سَندي گَسَ ۾، ڪِئائُون تَنَ…[ سُر رامڪلي - آديسي ۽ مونا طور سينا ]
- ناٿَ جِتِ ئِي نِنڌِ، تِتِ نَہ نِھارِئو جوڳِيين، ھُئا ڪُويساھا ڪاپَڙِي، ٿي پُرئا پَراھين پَنڌِ، ھُو ھُئو ھِنَ ئِي ھَنڌِ،…[ سُر رامڪلي - بازار، ناٿ، گرو ۽ ھرنام ]
- ناٿَ جِتِ ئِي نِنڌِ، تِتِ پِہ نِھارِئو جوڳِيِين، ھُئا سُويساھا ڪاپَڙِي، ٿِي پُرئا پَراھين پَنڌِ، ھُو ھُئو ھِنَ ئِي ھَنڌِ،…[ سُر رامڪلي - بازار، ناٿ، گرو ۽ ھرنام ]
- ٻانڊو ٻيلِي نَہ ٿِئو، وَرِي اَڄُ وِئو، پيٽِرُ پَنڌِ پِئو، سُونھاري سَيِّدَ ڏي.[ سُر بلاول - وڳند ]
- هُوندَ مُون کي نِينِ مَلِيرَ ۾، پَرَ آئُون بَندِياڻِي بَندِ، ويٺِي لِکِئو لوڙِيان، هاڻي هِنَ هَنڌِ، پُئان پائُرَ پَنڌِ، جي…[ سُر مارئي - سيئي سارئان سومرا ]