پييَنِ بابت
معنيٰ
سمجهن، پرکن، پروڙين، رکن
Felt, understand, put.
بيتن ۽ وائين ۾
- تَنبُو طَبِيبَنِ، آڻي اَڱَڻِ کوڙِئا، دارُون ھِنَ دَردَ کي، ڦَڪِيُون فَرَقُ نَہ ڪَنِ، وِرِچِئو ويڄَ وَڃَنِ، سُڌِ نَہ پييَنِ سُورَ…[ سُر يمن ڪلياڻ - ويڄ ۽ دارُون ]
- جَنِي جهيڙِئو ھاڻِ، عَلِيءَ جي اولادَ سين، مَهِندان پييَنِ ڪاڻِ، ٿِئا جَماعِتِي يَزيدَ جا.[ سُر ڪيڏارو - عليءَ جو اولاد ]
- ڪا جَا ڍَرِي ڍُنگَرِي، ڪو جو وَرِئو واءُ، اَڀَنِ ۾ اوسُ پِئو، ڇَپَر چَڙِھئو شاھُ، عَلِيءَ شيرَ وِياءَ، رِڻُ ۾،…[ سُر ڪيڏارو - ڪربلا ۽ ڪارا ڪڪر ]
- ٻاروچي جِي ذاتِ، سَڄَڻَ ٻاروچي جِي ذاتِ، اُٺَ گُنگائي ھَلِئا، وائِي ڪِئائُون نَہ واتِ، جانِي جَتَ وَٺِي وِئا، تَنَ تَنِي…[ سُر ديسي - وايون ]
- ڪَتان نَہ پُوڻِي، تاڻِيان تَندُ نَہ نِڪِري، ويڇِي پييَنِ وِچَ ۾، ڪاڪِيُون ڪالُهوڻِي، مُون سين ڇِنُوڻِي، جيڏِي جَتَ ڪَري وِئا.[ سُر حسيني - ماءُ سان ڪلام ۽ ڪاوڙ ]
- لَڄايا مُنھان، ساجُهرِ ٿي سيڻَ وِئا، پييَنِ ڀَنڀوران، سُڌِ مُنھِنجِيءَ ذاتِ جِي.[ سُر حسيني - بُرو ھو ڀنڀور ]
- مُون سين مارُوئَڙِيُون، ڪِھَڙِيءَ رِيتِ رُسَندِيُون، چوٽي ۾ جيڙُھ پِئو، پِيَنِ رَتُ ڄَيُون، نيڻين نِنڊَ وِھُ ٿِي، ساري ساڏوھِيُون، ھِتي…[ سُر مارئي - سونھن وڃايم سومرا ]