ٻِيھَرَ بابت
معنيٰ
ٻئي دفعي، ٻئي ڀيري، ٻيھار. دوبارہ، وري، موٽي.
A second time, twice.
بيتن ۽ وائين ۾
- آئِي اُتَرَ مُندَ، ھِينئين اُڊَڪو نَہ لَھي وَٽِينِ لاڄُو بَندَ، ٻِيھَرَ مَکِين ٻيڙِيُون.[ سُر سامونڊي - سيءَ ۽ جهيڙا ]
- ڪارُون جِيئَن ڪِجَنِ، تِيئَن تو آيَلِ نَہ ڪِيُون، ٻِيھَرَ وَڻِجارَنِ، موٽِي وَرَڻُ نَہ ٿِئي.[ سُر سامونڊي - وايون وڃڻ جون ]
- سَڳَرُ جَو سَنئُون، سو مُون آڇِيو جيڏِيُون، پَئي پُراڻو نَہ ٿِئي، اَڃا نِينھُن نَئُون، تَہ مُون ڏِينھُن سَنئُون، جَي ٻِيھَرَ…[ سُر آبڙي - سُک، ڏُک ۽ ارادا ]
- کاڻِي کيرِنِ ھيٺِ، ويٺِي روءِ رَتَ ڦُڙا، ڪا مُون ٿِيندِي ڏيٺِ، ٻِيھَرَ ٻاروچَنِ سين.[ سُر حسيني - ووءِ ووءِ ڪرڻ ۽ روئڻ ]
- پاڇاھِي نَہ پاڙِيان، سَرَتِيُون سُوئِيءَ ساڻُ، ڍَڪي اُگهاڙَنِ کي، ڪِينَ ڍَڪِيائِين پاڻُ، ٻِيھَرَ ڄاپِي ڄاڻُ، اِبرَ جي اوصافَ کي.[ سُر مارئي - ڏيھ ڏاڏاڻي جي خبر ]