ٻِيھَرَ جي سنڌي معنيٰ
ٻئي دفعي، ٻئي ڀيري، ٻيھار. دوبارہ، وري، موٽي.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
A second time, twice.
ٻِيھَرَ جا بيتن ۾ حوالا
ڪارُون جِيئَن ڪِجَنِ، تِيئَن تو آيَلِ نَہ ڪِيُون،
ٻِيھَرَ وَڻِجارَنِ، موٽِي وَرَڻُ نَہ ٿِئي.
[ سُر سامونڊي، وايون وڃڻ جون، 2 ]
ٻِيھَرَ وَڻِجارَنِ، موٽِي وَرَڻُ نَہ ٿِئي.
[ سُر سامونڊي، وايون وڃڻ جون، 2 ]
سَڳَرُ جَو سَنئُون، سو مُون آڇِيو جيڏِيُون،
پَئي پُراڻو نَہ ٿِئي، اَڃا نِينھُن نَئُون،
تَہ مُون ڏِينھُن سَنئُون، جَي ٻِيھَرَ ٻاروچي مِڙان.
[ سُر آبڙي، سُک، ڏُک ۽ ارادا، 23 ]
پَئي پُراڻو نَہ ٿِئي، اَڃا نِينھُن نَئُون،
تَہ مُون ڏِينھُن سَنئُون، جَي ٻِيھَرَ ٻاروچي مِڙان.
[ سُر آبڙي، سُک، ڏُک ۽ ارادا، 23 ]
کاڻِي کيرِنِ ھيٺِ، ويٺِي روءِ رَتَ ڦُڙا،
ڪا مُون ٿِيندِي ڏيٺِ، ٻِيھَرَ ٻاروچَنِ سين.
[ سُر حسيني، ووءِ ووءِ ڪرڻ ۽ روئڻ ، 25 ]
ڪا مُون ٿِيندِي ڏيٺِ، ٻِيھَرَ ٻاروچَنِ سين.
[ سُر حسيني، ووءِ ووءِ ڪرڻ ۽ روئڻ ، 25 ]
پاڇاھِي نَہ پاڙِيان، سَرَتِيُون سُوئِيءَ ساڻُ،
ڍَڪي اُگهاڙَنِ کي، ڪِينَ ڍَڪِيائِين پاڻُ،
ٻِيھَرَ ڄاپِي ڄاڻُ، اِبرَ جي اوصافَ کي.
[ سُر مارئي، ڏيھ ڏاڏاڻي جي خبر، 23 ]
ڍَڪي اُگهاڙَنِ کي، ڪِينَ ڍَڪِيائِين پاڻُ،
ٻِيھَرَ ڄاپِي ڄاڻُ، اِبرَ جي اوصافَ کي.
[ سُر مارئي، ڏيھ ڏاڏاڻي جي خبر، 23 ]
آئِي اُتَرَ مُندَ، ھِينئين اُڊَڪو نَہ لَھي
وَٽِينِ لاڄُو بَندَ، ٻِيھَرَ مَکِين ٻيڙِيُون.
[ سُر سامونڊي، سيءَ ۽ جهيڙا، 3 ]
وَٽِينِ لاڄُو بَندَ، ٻِيھَرَ مَکِين ٻيڙِيُون.
[ سُر سامونڊي، سيءَ ۽ جهيڙا، 3 ]
English Meaning
A second time, twice.