وِھي بابت
معنيٰ
ويھي، پلٿي ماري چپ ڪري ويھي رھي.
Sit, stable.
بيتن ۽ وائين ۾
- سِيني سَنگهَرَ سونَ جِي، ڳِچِيءَ روپِي ڳَٽِ، ڏاوَڻَ ڏانِئِيو نَہ رَھي وِھي نَہ وَڳَنِ وَٽِ، اِھَڙو لِيڙو لَٽِ، جَو ڪُجوئِئان…[ سُر کنڀات - ڪرھو، چانگو، اٺ ]
- وِھي مَنجِهين وَڳَ، کَٿُورِيءَ ڏارَ چَري، ماءَ مُنھِنجي ڪَرَھي، پَڌَرِ پَڳَ نَہ لَڳَ، جَڳَ سين جِھو جَڳَ، ھِنيَين سين ھُتِ…[ سُر کنڀات - ڪرھو، چانگو، اٺ ]
- ڏوري لَھُ ڏاتارُ، جِمَ وِھين ويسَلو، ھَڪِيو ھوئِجِ ھوشِيارِ، کِوَڻِ کِوَندِيَئيِ اوچتِي.[ سُر سريراڳ - توڪل، جاڳ سجاڳ ]
- ڪَرَھَلَ پائي لَڄُ، ڪوھُ نَہ ويئِيئَن اُنِ سين، اُجارِيائُون اولِيُون، ڌُئاريائُون ڌَڄُ، مَتان وِھين ويسَلِي اُٿِي ڀُورَلِ ڀَڄُ، سيڻَنِ ساجُهرِ…[ سُر سامونڊي - وايون ]
- ڪَھِي جا ڪِينَ کَڻِي، پِرِينءَ پَھتِي سا، وِھي ويڙِھِجِي جا، وَصُلُ تَنھِن وِڃايو.[ سُر معذوري - نڱي بي بوجهہ ]
- اَڌَرَ نِڌَرَ اَڀَرِي، ڪَمِ نَہ ڪُنماٽِي، سا ڪِيئَن وِھي ويسَرِي، جا گهائِي گُهنماٽِي، پيئِي پيشِ پُنهونءَ جي، اُسُنِ ۾ آٽِي،…[ سُر معذوري - اڌر نڌر ۽ ھيڪلي ]
- دوسِتُ ڏِٺائِين دِلِ سين، وِرِچِي تان نَہ وِھي، لانچِئو لَڪُ لَطِيفُ چئَي، پَھَڻنِ مَنجِهہ پِھي، سَندي نِينھَن نِھي، ڪِي سَرفِرازَ…[ سُر معذوري - اڌر نڌر ۽ ھيڪلي ]
- تَتِيءَ ڪَري تاڻَ، ٿَڌِيءَ ٿَڪِي نَہ وِھي، وِڌائِين وَڻِڪارَ ۾، سَسُئِيءَ پاڻُ سُڪاڻَ، پُڇي پَھَ پَکِيَنِ کي، پيئِي مُنڌَ پَرياڻَ،…[ سُر معذوري - سُڻڻ، ٻُڌڻ ۽ مڃڻ ]
- ڏُونگَرَ تان ٻيلِي، ڏِجي ٻَنِ ٻيلِيَنِ ري، سا ڪِيئَن وِھي ويسَرِي، سُورَنِ سَھيلِي، چوٽِي چَنبيلِي، جِيئَن تِيئَن جهاڳي اُکَتِي.[ سُر حسيني - ڇپر، لوٺيي، حُج ۽ ھاءِ ]
- وِھين ۽ ويلا ڪَرِيين، پُڇين ٿِي پانڌِي، ھارِي ھيڪاندِي، ڪَنھِن پَرِ ٿِيندِينءَ ھوتَ سين.[ سُر حسيني - ڇپر، لوٺيي، حُج ۽ ھاءِ ]
- وِھين ۽ ويلا ڪَرِيين، سَڏِيين سانگاتُو، آرِي آپاتُو، تو سين سُونھي نَہ سَسُئِي.[ سُر حسيني - ڇپر، لوٺيي، حُج ۽ ھاءِ ]
- وِھين ۽ ويلا ڪَرِيين، اِيءَ نَہ اُڪَنڊَ آھَ، سي لاڳاپا ئِي لاھِ، اورِيان اُڀِيارِينِ جي.[ سُر حسيني - ڇپر، لوٺيي، حُج ۽ ھاءِ ]
- توڻي تَتو توءِ، مُنڌَ وِرچي نَہ وِھي، رائي رَتو روءِ، اَپارِي اوٺِيَنِ لاءِ.[ سُر حسيني - وڳ قطارون ۽ ڪاروُن ]
- ھوڏَ ڇَڏي ھوڏي، جَي مان گهَرِ اَچين سُپِرِين، ڳالِهيُون ڳَرَھَڻَ جِھَڙِيُون، تَنَ گهُرِيُون توڏي، جَي وِھين گَڏُ گوڏي، تَہ دَورَ…[ سُر بروو سنڌي - دل جو دلبر ]
- ڪَتي نَہ ڪُوڙِي، پائي ڏوۡرِ اَرٽَ ۾، وِھانءِ جي واڌائِيين، ڀُڻي سَنڀُوڙي، مَٿي جَنھِن مُوڙِي، سا ڪِيئَن وِھي ويسَرِي.[ سُر ڪاپائتي - چائت ۽ محبت ]
- جو نَوازي ڏَڏَ، آسَرَ لاھِ مَ اُنَ جِي، اوڏايان اوڏو گهَڻو، ڪِھَڙا ڪَرِيين سَڏَ، ويھُ داتا جي دَرَ تي، لَنگها…[ سُر رِپ - وايون ]
- مِينڍا ڌوءِ نَہ مارُئِي، ٿِيَسِ ڳُڙلُون وارَ، سَتِيءَ سيئِي سارِئا، جٖي پائُرَ جا پَنوَھارَ، عُمَرَ اُنِهُون ڌارَ، مُورِ نَہ وِھي…[ سُر مارئي - سَوڙ سمهڻ، مينڍا ڌوئڻ ]
- پَنوَھارَنِ پاٻُوھِيو، ڪِي واھُوندَنِ وَسَ، عُمَرَ اُنِهينءَ ڏيھَ جا، ڏوٿِيَنِ ڏِنَمِ ڏَسَ، وَلِيُون وَڻَ ڦُلارِئا، لُلِرُ نِڱِئو لَسَ، آڻِئو وِجَهنِ…[ سُر مارئي - مارُن ريت، پنھوارن پاٻوھيو ]
- ھيٺِنِ مَٿِنِ ھيڪِڙِي، پُراڻِي پَرَھِين، توڙان تَماچِيءَ ڄامَ سين، ڳُجَهہ اَندَرِ ڳَڙَھِينِ، سَسِيُون جِتِ سَرَھِينِ، تِتِ مُھاڻِي مَنجِهہ وِھي.[ سُر ڪاموڏ - تڙ تماچِي آيو ]
- جِھَڙِي سُونھَن سَندِياسِ، تِھَڙِو ڪِينجُهرَ ۾ ڪِينَ ٻِئو، رِيسَ راڻينِ ڇَڏي، وِھي ڪانَہ وَٽانسِ، مَڏَ مِياڻِيُون مَڪُڙِيُون، مِڙَئِي مَعافُ ٿِئاسِ،…[ سُر ڪاموڏ - تڙ تماچِي آيو ]