وِھي جي سنڌي معنيٰ
ويھي، پلٿي ماري چپ ڪري ويھي رھي.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Sit, stable.
وِھي جا بيتن ۾ حوالا
سِيني سَنگهَرَ سونَ جِي، ڳِچِيءَ روپِي ڳَٽِ،
ڏاوَڻَ ڏانِئِيو نَہ رَھي وِھي نَہ وَڳَنِ وَٽِ،
اِھَڙو لِيڙو لَٽِ، جَو ڪُجوئِئان ڪَکَ چَري.
[ سُر کنڀات، ڪرھو، چانگو، اٺ، 13 ]
ڏاوَڻَ ڏانِئِيو نَہ رَھي وِھي نَہ وَڳَنِ وَٽِ،
اِھَڙو لِيڙو لَٽِ، جَو ڪُجوئِئان ڪَکَ چَري.
[ سُر کنڀات، ڪرھو، چانگو، اٺ، 13 ]
وِھي مَنجِهين وَڳَ، کَٿُورِيءَ ڏارَ چَري،
ماءَ مُنھِنجي ڪَرَھي، پَڌَرِ پَڳَ نَہ لَڳَ،
جَڳَ سين جِھو جَڳَ، ھِنيَين سين ھُتِ چَرِي.
[ سُر کنڀات، ڪرھو، چانگو، اٺ، 30 ]
ماءَ مُنھِنجي ڪَرَھي، پَڌَرِ پَڳَ نَہ لَڳَ،
جَڳَ سين جِھو جَڳَ، ھِنيَين سين ھُتِ چَرِي.
[ سُر کنڀات، ڪرھو، چانگو، اٺ، 30 ]
ڪَھِي جا ڪِينَ کَڻِي، پِرِينءَ پَھتِي سا،
وِھي ويڙِھِجِي جا، وَصُلُ تَنھِن وِڃايو.
[ سُر معذوري، نڱي بي بوجهہ، 5 ]
وِھي ويڙِھِجِي جا، وَصُلُ تَنھِن وِڃايو.
[ سُر معذوري، نڱي بي بوجهہ، 5 ]
اَڌَرَ نِڌَرَ اَڀَرِي، ڪَمِ نَہ ڪُنماٽِي،
سا ڪِيئَن وِھي ويسَرِي، جا گهائِي گُهنماٽِي،
پيئِي پيشِ پُنهونءَ جي، اُسُنِ ۾ آٽِي،
جا لُڪُنِ لُوساٽِي، سا سيڄَ چَڙَھَندِي سَسُئِي.
[ سُر معذوري، اڌر نڌر ۽ ھيڪلي، 6 ]
سا ڪِيئَن وِھي ويسَرِي، جا گهائِي گُهنماٽِي،
پيئِي پيشِ پُنهونءَ جي، اُسُنِ ۾ آٽِي،
جا لُڪُنِ لُوساٽِي، سا سيڄَ چَڙَھَندِي سَسُئِي.
[ سُر معذوري، اڌر نڌر ۽ ھيڪلي، 6 ]
دوسِتُ ڏِٺائِين دِلِ سين، وِرِچِي تان نَہ وِھي،
لانچِئو لَڪُ لَطِيفُ چئَي، پَھَڻنِ مَنجِهہ پِھي،
سَندي نِينھَن نِھي، ڪِي سَرفِرازَ سَسُئِي.
[ سُر معذوري، اڌر نڌر ۽ ھيڪلي، 10 ]
لانچِئو لَڪُ لَطِيفُ چئَي، پَھَڻنِ مَنجِهہ پِھي،
سَندي نِينھَن نِھي، ڪِي سَرفِرازَ سَسُئِي.
[ سُر معذوري، اڌر نڌر ۽ ھيڪلي، 10 ]
تَتِيءَ ڪَري تاڻَ، ٿَڌِيءَ ٿَڪِي نَہ وِھي،
وِڌائِين وَڻِڪارَ ۾، سَسُئِيءَ پاڻُ سُڪاڻَ،
پُڇي پَھَ پَکِيَنِ کي، پيئِي مُنڌَ پَرياڻَ،
ڏِنَسِ ڏيھَ وَڻَنِ جا، تَنِ اللهَ لَڳِ اُھڃاڻَ،
مانَ پَرچِي پاڻَ، اَچِي آرِياڻِي وَري.
[ سُر معذوري، سُڻڻ، ٻُڌڻ ۽ مڃڻ، 15 ]

ڏُونگَرَ تان ٻيلِي، ڏِجي ٻَنِ ٻيلِيَنِ ري،
سا ڪِيئَن وِھي ويسَرِي، سُورَنِ سَھيلِي،
چوٽِي چَنبيلِي، جِيئَن تِيئَن جهاڳي اُکَتِي.
[ سُر حسيني، ڇپر، لوٺيي، حُج ۽ ھاءِ، 2 ]
سا ڪِيئَن وِھي ويسَرِي، سُورَنِ سَھيلِي،
چوٽِي چَنبيلِي، جِيئَن تِيئَن جهاڳي اُکَتِي.
[ سُر حسيني، ڇپر، لوٺيي، حُج ۽ ھاءِ، 2 ]
توڻي تَتو توءِ، مُنڌَ وِرچي نَہ وِھي،
رائي رَتو روءِ، اَپارِي اوٺِيَنِ لاءِ.
[ سُر حسيني، وڳ قطارون ۽ ڪاروُن، 28 ]
رائي رَتو روءِ، اَپارِي اوٺِيَنِ لاءِ.
[ سُر حسيني، وڳ قطارون ۽ ڪاروُن، 28 ]
ڪَتي نَہ ڪُوڙِي، پائي ڏوۡرِ اَرٽَ ۾،
وِھانءِ جي واڌائِيين، ڀُڻي سَنڀُوڙي،
مَٿي جَنھِن مُوڙِي، سا ڪِيئَن وِھي ويسَرِي.
[ سُر ڪاپائتي، چائت ۽ محبت، 6 ]
وِھانءِ جي واڌائِيين، ڀُڻي سَنڀُوڙي،
مَٿي جَنھِن مُوڙِي، سا ڪِيئَن وِھي ويسَرِي.
[ سُر ڪاپائتي، چائت ۽ محبت، 6 ]
جو نَوازي ڏَڏَ، آسَرَ لاھِ مَ اُنَ جِي،
اوڏايان اوڏو گهَڻو، ڪِھَڙا ڪَرِيين سَڏَ،
ويھُ داتا جي دَرَ تي، لَنگها لاھي لَڏَ،
اَگَلَنِ کي اوڏو وِھي، گَندا ڪَري گَڏَ،
ڪِھڙا جَڏَ جَڏوئِيين، جُودَ مَهِندان جَڏَ،
اَڳِئان عَجِيبَنِ جي، مُشُڪِلُ ڪينِهي مَڏَ،
آدَمُ تِئان خَلَقِئو، ھُوءَ جا کَڄي مَنجهان کَڏَ،
سَمي سيئِي سيڻَ ڪِئا، ھيڻا جَنِ جا ھَڏَ،
سانگِيَنِ جِي سَيِّدُ چئَي، ڄامَ پَرتَئِي لَڏَ،
جِيءُ جِيءُ تَماچِي ڪَري، سُڻِئو نُورِيءَ سَڏَ،
ادا اِنَهِيءَ پارَ جا، موڙي اَچو مَڏَ،
غافِلِي ڪُفرِي، ايڪَ نَہ سُئَيءِ سَڏَ،
ھُوءِ جُنبِئا جابانَ ڏي، تُون سُتو ساھِيين ھَڏَ.
اَوِلِيَ ۾، عَبدِالْلَطِيفُ چئَي، سَڄَڻَ ڏِيندو سَڏَ.
[ سُر رِپ، وايون، 1 ]