نِٻَرُ بابت
معنيٰ
نِٻَلُ، نِٻَلو، اگهو، ڪمزور، هيڻو، نِسَتو، پؤڻو، اڀرو، لاغَرُ، هڏهيڻو، بيمار.
Sick, exhausted, ill, unhealthy.
بيتن ۽ وائين ۾
- ناسِيندي نَظَرُ، پھرِين ڪِجِ پِرِيَنِ ڏي، قَمَرَ ڪَھِجِ قَرِيبَ کي، نِسَتُ ۽ نِٻَرُ، ٻِئو ڀَروَسو نَہ ڀَرُ، اَکِيُون اَوَھانجي آسِري.[ سُر کنڀات - چنڊ ]
- جيڪُسِ نِٻَرُ نِينھُن سَندومِ، مُون اُڀي ھُنَ ٿيلِهيو، سَعيو سامُونڊِيَنِ سين، اَڳي تان نَہ ڪِئومِ، وِجَهڻُ مَنجِهہ ھومِ، پاڻُ وَراڪي…[ سُر سامونڊي - ڳرڻ ۽ چنتا ]
- مُون جَهليندي نَہ رَھِيا، جيڪُسِ نِٻَرُ نِينھُن سَندومِ، قادِرُ شالَ ڪَندومِ، ويجهِي وَڻِجارَنِ کي.[ سُر سامونڊي - ڳرڻ ۽ چنتا ]
- چُرَنِ چُڻڪَنِ چِتَ ۾، سَڄَڻَ سَدائين، عُمَرَ سُڻان مَ اُنِ جِي، نِٻَرُ نِلائِي، مُون کي مِلائِين، مارُو ڄامُ مَلِيرَ جو.[ سُر مارئي - چرن چڻڪن چت ۾ ]