مَنا بابت
معنيٰ
من سان، دل جي حضور سان، دل جي پاتالن سان
Cordial, with deep core of heart
بيتن ۽ وائين ۾
- ٿَرَ جَبَلَ رِڻَ روھَ، مَيي سَڀَ مَناڙِئا، اَڱڻُ اَسِي ڪوھَ، ھاڻي ھِنَ ڄَمارَ کي.[ سُر کنڀات - ڪرھو، چانگو، اٺ ]
- چَنڊَ ميرائِي سُپِرِين، کارا جِھَڙا کِيرَ، ڪَڙا گهاءِ ڪيوِڙي، آڪا گهاءِ عَنبِيرَ، ساجَنُ ڀَرِئو ڌِيرَ، مَنان مُورِ نَہ وِسِري.[ سُر کنڀات - چنڊ ]
- مُلاحِظو مَھِراڻَ جو، مُورِ مَ لاھِ مَنان، سامُونڊِي سَڀاڳَ کي، سُمَهڻَ آيوءِ ساءُ، جاڳِي جَرَ مَٿان، تاري وانءُ طَرازَ کي.[ سُر سريراڳ - اجگر لھرون ۽ جھاز ]
- ڪوڙيِين ڀالَ ڪَرِيمَ، ڪَرِ سَھِسين شُڪرانا، فاذڪُرُونِي اَذڪرُڪُم، ڪَھي قُرآنا، واشڪُرُو الِي وَلا تَڪفُرُونِ، ڪَڍُ تُون ڪُفراَنا، حَمدُ چؤُ حَڪِيمَ…[ سُر سريراڳ - وايون ]
- سَچا سَيِّدَ مُون کي تُون، وَھِيان واھَرَ، نيئِي نيئِي اَوَلِ پِريان جي پارَ ڏي، ڪُنَ جٖي ڪارُونڀارَ جا، سي آئُون…[ سُر سھڻي - وايون ]
- روجَهہ ڏِٺائِين راتِ، ڀانءِ ڪِ اوٺِي آيا، ڪيچِيَنِ جي ڪَڙِي ٿِي، توءِ تَنِي جِي تاتِ، ٻاروچاڻِي ذاتِ، مَنان مُئي نَہ…[ سُر ديسي - واٽُون ۽ سُور ]
- زَڙِتو بَڙِئو روزِ، پُنهون نِيائُون پاڻَ سين، ٿَشِ ٿَڙَشِ ڪِينَ ڪِي، بُرو ڏُونگَرَ ڏورِ، مَنان ٿَڙِشا نَہ ڪَرِ، بَرابَر اُٿِي…[ سُر ديسي - ٻروچڪي ٻولي ]
- ڏُکُ لَڳو ڏُونگَرُ ٻَرِئو، ڀينَرُ کاڻِي ڀُون، مَنان لاٿو مُون، سَندو جِيئَڻَ آسِرو.[ سُر حسيني - سُور ۽ ڏکن ماري ]
- مُئي ھاٿِيءَ سين مامِرو، اَچِي پِئو اَنڌَنِ، مَناڙِينِ ھَٿَنِ سين، اَکِيين ڪِينَ پَسَنِ، في الَحقِيقَتهِ فِيلَ کي، سَڄا سُڃاڻَنِ، سَندِي…[ سُر کاھوڙي - سَپ، جهنگُ، ڪُتي ڪوڪار ]
- ڀينَرُ ڀِنِيءَ راتِ، مُون چَنيسَرُ چِتُ ۾، سُتو لوڪُ نِنڊُون ڪَري، مُون پِريان جِي تاتِ، سَڄَڻُ سِينءَ پِرِڀاتِ، مَنان مُورِ…[ سُر ليلا - ھاڻي ويٺي رو ]
- مَنان مارُوئَڙَنِ، ڇَنِ نَہ وييَسي وِسَرِي، قَيدِ ڪِئَڙِيُئِي ڪوٽَ ۾، ڏاڍا سين ڏاڍَنِ، پَلئو پَنوَھارَنِ، سوسُ مُنھِنجو سُومَرا.[ سُر مارئي - بندياڻي واجهائي وطن کي ]