موٽِئو بابت
معنيٰ
موٽي وڃڻ، موٽي اچڻ، موٽ کائڻ، وَرڻ، واپس اچڻ. پويان پير ڪرڻ، پُٺتي هٽڻ. هَٽڻ، پُٺ ڏيڻ، اصلوڪي حالت ۾ اچڻ. لھڻ (بدن ۾)، گهٽجڻ پڌارجڻ، روانو ٿيڻ، اُسهڻ، موڪلائڻ. (موٽيو، موٽندو، موٽيل).
To return, go back, come back, recede, retire, turn back.
بيتن ۽ وائين ۾
- سَڌَڙِيا شَرابَ جُون، ڪُه پَچارُون ڪَنِ، جُھ ڪاتَ ڪَلاڙِنِ ڪَڍِئا، تَہ موٽِئو پوءِ وَڃَنِ، پِڪُون سي پِيَنِ، سِرَ جَنِي جا…[ سُر ڪلياڻ - سُوري، ڪاتي ۽ زھر ]
- کاڻا کُوري وِچَ ۾، وِئا پَتَنگَ سَڀَ پَچِي، اُنِهين وَٽِ آتِش جي، سَڀَڪا سُڌِ سَچِي، موٽِئو ڪونَہ بَچِي، کامِي مِڙيئِي…[ سُر يمن ڪلياڻ - پتنگ ۽ باھ ]
- پُرِي پَتَنگَ آئِيا، سائُو سَڀَ سَري، کاڻا کُوري وِچَ ۾، مَنجهان قُرِبَ ڪَري موٽِئو ڪو نَہ وَري، اُڇَلَ پَسِي آڳِ…[ سُر يمن ڪلياڻ - پتنگ ۽ باھ ]
- ٻُوۡرُ نَہ چَري ٻُورُ، پَسِئو تُورُ تَڪُون ڪَري، مُونين ھَڻِي موٽِئو، ڪَرَھو راتِ ڪَپُورُ، مَيو ٿِئو مَعمُورُ، چَندَنُ چکِي آيو.[ سُر کنڀات - ڪرھو، چانگو، اٺ ]
- وِئا اوھَرِي اُوءِ، مُون کي ڇَڏي ماڳھِين، جُڳَنِ جا جُڳَ ٿِئا، تِئان نَہ موٽِئو ڪوءِ، گُوندَرُ مارِيندو، ويچارِي وِئَنِ جو.[ سُر سامونڊي - پڳھ ۽ سامونڊين سڱ ]
- ڀَرِيائِين ڪُنَ ڪِراڙِ جا، وَٺو وارِياسو، ماکَرِيءَ تان موٽِئو، ڏيئِي پَيَ پاسو، کُوري تي کِوَڻِيُنِ جو، ٿِئو چَڱو چَوماسو، خالِقَ…[ سُر سارنگ - بادل نيڻ ۽ مينھن ]
- ديسِي سيڻَ ڪِجَنِ، پَرَديسِي ڪِھَڙا پِرِين، لَڏِئِو لاڏُوڻا ڪَرِئو، موٽِئو ڏيھَ وَڃَنِ، پُڄاڻا پِرِيَنِ، ڪِجي بَسِ ڀَنڀورَ کان.[ سُر ديسي - وديسي وَرُ ]
- ڪارُون جِيئَن ڪِجَنِ، تِيئَن تو آيَلِ نَہ ڪِئا، موٽِئو ڪيچِ وَڃَنِ، ڏيرَ پَنھِنجي ڏيھَ تي.[ سُر حسيني - وڳ قطارون ۽ ڪاروُن ]
- ڪارُون وَسَ ڪِئامِ، ڙي ھئَي ھئَي وو لَڏي ڏُورِ وِئامِ، مُنھِنجو ھوتُ نَہ موٽِئو، ٻَنڌَڻَ ٻاروچَنِ جا، پينگهي مَنجِهہ پييامِ،…[ سُر حسيني - وايون ]
- جانِبَ اِيئَن نَہ جُڳاءِ، جِيئَن مارِئو موٽِئو نَہ پُڇين، رَتِي رَتُ نَہ سِنجِري، سِڪَ تُنھِنجي ساءِ، اَسان تَوِھِين لاءِ، ٿِي…[ سُر بروو سنڌي - عاشق اکڙِيُون ]
- سيئِي تو شَڪُون تَڪِيا، سيئِي وِڇاڻا، پَسِئو پَرَ پَچي ھِنيُون، حَبِيبَنِ ھاڻا، ھِڪُ ڏُونگها ڏاڏاڻا، ٻِئو موٽِئو تان نَہ مَينڌَرو.[ سُر راڻو - رُس مَ رُسڻ گهورئو ]
- آئُون اُتاھُون آيو، جِتِ ڪَنھِن جِي ناھِ مَجالَ، مُومَلَ جي ماڙِيءَ کي، طَرَحين طَرَحين تالَ، لَکين مارايو لالَ، موٽِئو اَچان…[ سُر راڻو - ڪاڪ قاصد ۽ آسڻ ]
- تُون ڪِئان اَچين ڪاپَڙِي، موٽِئو ڪِيئَن مارِي، آئُون اُتاھِين ٿو اَچان، جِتِ مُومَلَ موچارِي، ڪَنڌِيءَ ڪاڪِ ڪَڪورِئا، چَندَنَ چَوڌارِي، سُوڌا…[ سُر راڻو - ڪاڪ قاصد ۽ آسڻ ]
- مِيان مَينڌَرا تو جيھا ھُئا، مُون سين پُرسَنِ پَنجَ ھَزارَ، ھِڪِيُون کاڻِيُون خَزانَنِ جُون، ٻِئا موتِي مَڻِيارَ، قِصو ڪَھَندا وَڃَنِ…[ سُر راڻو - ڪاڪ قاصد ۽ آسڻ ]
- سَڀَنِي سَمُنَ ڪاڪِ جِي، راڻَنِ حَمِيرَنِ، ھُئان موٽِئو ڪو نَہ ڪو، ھِئان لَکَ وَڃَنِ، وِيندي ويچارَنِ، عُذُرُ اوڏاھِين نَہ ڪِئو.[ سُر راڻو - ڪاڪ قاصد ۽ آسڻ ]
- سِياڪو سيڻان، ڀورِي تو پاڻُ سُڃاڻِي نَہ ڪِئو، آٽَنِ مُنھِنجا اَڱڙا، ڪالُهون پوءِ ڪيڻانِ، ھُوندَ نَہ پيئِيَن ھيتَري، وَھِئِيَن جي…[ سُر کاھوڙي - وايون ]
- جان واھُڙَ ۾ وَھُ، تان تُون مَڇَ نَہ موٽِئو، ڪائي ۾ ڪوھُ ڪَرِيين، پوءِ موٽَڻَ جو پَھُ، سِرَ مَٿي تُون…[ سُر گهاتو - ڪو جو قھر ڪلاچ ۾ ]
- تانۡ تُون مَڇَ نَہ موٽِئو، جانۡ جَرُ ھُئَڙو جالَ، پُونِئِي اَڄُ ڪِ ڪالَهہ، سانڀُويُون سانگُنِ ۾.[ سُر گهاتو - ڪو جو قھر ڪلاچ ۾ ]
- تان تُون مَڇَ نَہ موٽِئو، جان جَرُ ھُئَڙو سِيرَ، آڏا مَنڊي ڪِيرَ، گَهٽَ پِہ جَهِليَئِي گهاتُئين.[ سُر گهاتو - ڪو جو قھر ڪلاچ ۾ ]
- جِيئَن تُون مَڇَ نَہ موٽِئو، ڀَلو ڀَلو مَڇَ، جا تو ڏِٺي اَڇَ، تَنھِن پاڻِيءَ پُنا ڏِينھَڙا.[ سُر گهاتو - ڪو جو قھر ڪلاچ ۾ ]
- سِڄُ لَھِي سانجِهي ٿِي، وَڻين ھَنئِي وَڻِڪَ، ساجَنَ تُنھِنجِيءَ سِڪَ، موٽِئو ماڳَ نِھارِيان.[ سُر ڪارايل - پاڙون پاتار ۾ ]