ماڻِيين بابت
معنيٰ
حاصل ڪرين، پسين، ملئي، ھٿ ڪرين، انعام ۾ ملئي
Enjoy, possess, get, obtain, to have
بيتن ۽ وائين ۾
- طالِبُ قَصَرُ سُونھَن سَرُ، اِيءَ رُومِيءَ جِي اوطاقَ، جي ڀَڃين دَرُ فِراقَ، تَہ مَنجِهين مُشاھِدو ماڻِيين.[ سُر يمن ڪلياڻ - صوفي ۽ طالب ]
- ھارِيۡ حَقُ رَکيجِ، سانڀارا ساھَڙَ جو، وَھمَ جي وُجُودَ جا، وِچان سَڀَ وَڍيجِ، خُوابَ خِيالَ خَطِرا، تَنِ جي تَرَڪُ ڏيجِ،…[ سُر سھڻي - ساھڙ، اڀو آڇي ۽ سانڀارا ]
- مَرِي جِيءُ تَہ ماڻِيين، جانِبَ جو جَمالُ، ٿِيين ھُوندَ حَلالُ، جَي پَندِ اِھائِي پارِيين.[ سُر معذوري - منڌ ۽ موت ]
- مَنجهان پَنءَ پَرُوڙِ، سَڀَ مَ پُڇِجِ سَسُئِي، ويھِي وَڏي ڍِڳَ مان، ڌُڻِي وِجِهجِ ڌُوڙِ، تَہ تُون ماڻِيين مُوڙِ، جي پَندِ…[ سُر معذوري - سُڻڻ، ٻُڌڻ ۽ مڃڻ ]
- جَي ڀانيَين جوڳِي ٿِيان، تَہ ڪِينَ پِيالو پِيءُ، ”ناھِ“ نِھاري ھَٿِ ڪَرِ، آئُون اِتِ نَہ ٿِي، سَندو وَحدَتَ وِيءُ، طالِبَ…[ سُر رامڪلي - جي ڀانيَين جوڳِي ٿِيان ]
- سامِي چائِيين سُکُ طَلَبِيين، وارِيين نَہ ويراڳُ، لاڳاپا لَطِيفُ چئَي، ڇَڏي جوڳِي جاڳُ، جِيئَن تُون ڀُڻِين سَنِرو، اِيءُ آديسِي اَڀاڳُ،…[ سُر پورب - سامي سنياسي ]
- ڪا تُون ڪانِيۡ پاءِ، وَنِيُنِ ۾ وِصالَ جِي، دوبِينائِي دُورِ ڪَري، مَعرِفَتَ مَلهاءِ، سُپيرِيان جي سُونھَن ۾ رُخنو ڪونَہ رِھاءِ،…[ سُر آسا - ترڪ، ڪلمو ۽ سرمو ]
- جارو ھِنيُون ڪارو ڪَري، لُڙَ کان لا شَڪُ ٿِيءُ، اُڏُرُ اَڇي سامُهُون، پاڪُ نِھاري پِيءُ، ٻَگهَنِ سين ٻيلَ ٻَڌيِ، جوکي…[ سُر ڪارايل - پاڙون پاتار ۾ ]
- جارو ھِنيُون ڪارو ڪَري، لُڙَ کان ٿِيءُ لاشَڪُ، مَعرِفَتَ جو مَنَ ۾، سُوڌو پَڙُه سَبَقُ، ھَنجَ پَرُوڙِجِ حَقُ، تَہ ماڻِيين…[ سُر ڪارايل - پاڙون پاتار ۾ ]
- جارو ھِنيُون ڪارو ڪَري، پَکِيئَڙا پَرُوڙِ، اُڏُرُ اَڇي سامُهُون، ماٺي چُڻُ نَہ مُورِ، ڪوھُ نَہ گوھَرَ گَڏيِين، حاذِقَ حالُ حُضُورِ،…[ سُر ڪارايل - پاڙون پاتار ۾ ]