ماڳُ بابت
معنيٰ
رهڻ جو هنڌ، جاءِ، جڳھ، هنڌ، مڪان، آستانُ، گهَرُ، رهائش، اِسٿاڻو، مُقامُ، جُوءِ. منزل گاھ، ٽيڪ، اڏو، ٺِڪاڻو. وطن، ملڪ، ديسُ. گام، ڳوٺ، شھر.
Place, residence, station.
بيتن ۽ وائين ۾
- جِتي ماڻِڪَ ماڳُ، تِتي چوران تَڪِيو، سَنؤُن تَنِ سَڀاڳُ، اَمُلُ جَنِ اوباھِيو.[ سُر سريراڳ - صراف ۽ جوھري ]
- وانءُ وَڃِي وانئُٺِ، ھِينئَڙا ماڳُ پِرِيَنِ جو، چُمِيو چُمُ چانئُٺِ، ھُوءَ جا سَندِي سَڄَڻين.[ سُر سامونڊي - سيءَ ۽ جهيڙا ]
- گولِي ٿِي گُذارِئان، تَہ مُون وَڏو ڀاڳُ، رَتو روئِي پِرِينءَ کي، وِڌُمِ ٿي ويراڳُ، جَنِ ھِتي ھوتُ وِسارِئو، سي مَهِندِ…[ سُر ديسي - دانھُون ڪُوڪُون ]
- جوڳِي ھُئا جِتِ، سو ماڳُونِ نِھارِئان، مَڙِهيُون مُورَتَ مِتِ، مانَ وِسَرِئُونِ ڪِي لَهان.[ سُر رامڪلي - قوت ڪڙايا ۽ پوڄا ڪار ]
- تُون اوڍَرُ تُون اوڍَڪو، تُون اَجهو تُون آڳُ، ھِتِ پُڻ تُنھِنجو تَڪِئو، مَھِندِ پُڻ تُونھِين ماڳُ، سي لورِيُون ڏِينِ نَہ…[ سُر بلاول - مجوسِي، ڄام ۽ جادم ]
- وِڳَندُ وَرِي آئِيو، وَسِيُنِ ڪِينَ وِندوسِ، گَندِي مانِي ماڳُ موچارو، پاسي پِيرَ ٿِئوسِ.[ سُر بلاول - وڳند ]
- چَنيسَرَ سين چاڳُ، مَڇُڻ ڪا مُنڌَ ڪَري، جان مُون پوءِ پَرُوڙِئو، اِيءُ نَہ ماڻي ماڳُ، ڏَمَرِئو ڏُھاڳُ، سِگهو ڏي سُھاڳَڻِيين.[ سُر ليلا - مڻيو چنيسر، ليلا سھاڳڻ ]
- جي ڪارُون آڙِئا ڪانڌَ کي، تَہ روئِي رِيجهائِيجِ، لِيلان لِيلائيجِ، اَٿيئِي ماڳُ مِنَٿَ جو،[ سُر ليلا - ليلا ليلائيج ]
- سُتا اُٿِي جاڳُ، نِنڊَ نَہ ڪِجي ايتِري، جَو تو ساڻيھُ ڀانيو، سو مانجهاندي ماڳُ، سُلطانِي سُھاڳُ، نِنڊُون ڪَندي نَہ ٿِئي.[ سُر ڏھر - رات، ڍول ۽ پرھ ڦُٽي ]
- ڪِجِ طَرِيقَتَ تَڪِيو، شَرِيعَتَ سُڃاڻُ، ھِنيُون حَقِيقَتَ ھيرِ تُون، ماڳُ مَعرِفَتَ ڄاڻُ، ھوئِجِ ثابُوتِيءَ ساڻُ، تَہ پُسَڻَ کان پالهو رھين.[ سُر آسا - من، گولو ۽ جنڊ ]
- تَنِ مُنھَن موچارا مارُوئين، مَلِيرُ جَنِي ماڳُ، ناقِصَ نَوازي گَهڻا، سَندو تَنِ سَڀاڳُ، اَکَرُ مُون اَڀاڳُ، حُسُنُ تي ھِيئَن وِئو.[ سُر مارئي - سونھن وڃايم سومرا ]
- ڪونِهي قادِرُ ڪو ٻِئو، اُنِين جو اَڀاڳُ، قُلْ لَنْ يُصِيبَنَا إِلاّ مَا ڪَتَبَ اللهُ ، اِيءُ مَعذِرَتَ ماڳُ، سَڀوئِي سَڀاڳُ،…[ سُر مارئي - سونھن وڃايم سومرا ]
- ويندِيَسِ وَطَنَ سامُھِين، مَلِيرُ مُنھِنجو ماڳُ، ڏُٿُ چُونڊِيندِيَسِ ڏيھَ ۾، ساڻُ سَرَتِيُنِ ساڳُ، تَہ مُون سَنئُون سَڀاڳُ، جَي ويجهِي ٿِيان…[ سُر مارئي - مارُن ريت، پنھوارن پاٻوھيو ]
- سَڏِ پُڻ سَلامِي ٿِئا، وَهِيءَ پُڻِ وَرِئا جٖي، آهي تَنِي کي، مَھِندان ماڳُ مَلِيرَ ۾.[ سُر مارئي - پائران پيھي آيا ]