قَرابَتَ بابت
معنيٰ
ويجهي ٿيڻ جي حالت، ويجهڙائي، ويجهائي، نزديڪي، رشتيداري، مائٽي، عزازت. لاڳاپو، ناتو.
Kinship, relationship, kindred, affinity, nearness, vicinity.
بيتن ۽ وائين ۾
- ڏَکا ڏُونگَرَ جا مِرُون، مَرُ ٿا مُون تي ڪَنِ، پُوندا ڪِينَ پَريٽِ تي، سَڌَرَ ٿا سُڄَنِ، سَڳائِيءَ جِي سَيِّدُ چئَي،…[ سُر معذوري - ڪتا ۽ ڪوھ ]
- ڪَمِ قَرابَتَ جَنِ جِي، ھِتي آيَمِ ھِيئَن، رِفاقَتَ راڱَنِ جي، پَھتِيَسِ پَھَرَ سِيئَن، ماڻُهو مَلاحِظو تَنھِن جو، ڪيچِ نَہ ڪَندا…[ سُر معذوري - ڪتا ۽ ڪوھ ]
- قافَئُون قَرابَتَ ڪُڙِمَ کان، ڇِنِي ڇَڏِيائُون، لاھُوتَ ۽ جَبَرُوتَ جا، اُھِڃَ آندائُون، ناسُوتَ ۽ مَلَڪُوتَ ۾، گِهڙِي گهارِيائُون، فَبَصَرُڪَ الْيَوْمَ…[ سُر رامڪلي - ٽيھ اکري ]