عِرفانُ بابت
معنيٰ
سڃاڻپ، شناخت، آگھي، واقفیت، خدا تعالیٰ جي معرفت، خدا شناسی، حقيقي معرفت.
Deepest mystical awareness, gnosis, highest form of mystical experience, discernment, wisdom, intuitive knowledge.
بيتن ۽ وائين ۾
- جَو مُون پَڙِهئو پاڻَ لَئي، سَبَقُ سابِقَ جو، پھرِين سُڃاتُمَ پانھِنجي، نَفسَ جو نِھو، جِتِ عِرفانُ اَصلَ ۾، ٿي رُوحَنِ…[ سُر يمن ڪلياڻ - پنا پڙهڻ ۽ ڪڙهڻ ]
- جامِعُ سَڀَ جَھانُ، مُنھُن مِحرابُ پِرِينءَ جو، ڦَرَھِيءَ تان فُرقانَ جي، ڪاٽِئائُون قُرآنُ، اُڏامِي اُتِ وِئو، عَقُلُ عِرفانُ، سَڀوئِي سُبحانُ،…[ سُر رامڪلي - آديسي ۽ مونا طور سينا ]