صَبُرُ بابت
معنيٰ
ماٺ ۾ رهڻ چُپ، ماٺ، ٻالاس، توازن، خاموشي، سانت، شانتي. ڌيرج، تحمل، ٿامر، حلم، بردباري. برداشت، توقف، تامل. تسلي، تسڪين، اطمينان. توڪل. قناعت. دير.
Patience, forbearance, endurance, contentment, balance, resignation.
بيتن ۽ وائين ۾
- ھَڻُ حَبِيبَ ھَٿَ کَڻِي، دِلِ ۾ تَيرِي دانھَن، ڪَھان تَہ ڪُوڪَ ٿِئي، صَبُرُ آئُون نَہ سَھان، ڪَنھِن کي اِيئَن چَوان،…[ سُر يمن ڪلياڻ - حبيب ۽ طبيب ]
- صَبُرُ گهَڻو سَفِرو، ٻِي جُڳائي ماٺِ، پِئو لَتاڙجِ لَطِيفُ چئَي، چُرِجِ مَ اَڳِيان چاٺِ، ڏُڄَڻَ پُونِ ڪاٺِ، سَڄَڻَ ٿِيَنِ سامُھان.[ سُر يمن ڪلياڻ - پريم پاٺ ]
- صَبُرُ شاڪِرَنِ، آھي اوطاقُنِ ۾، جٖي وَصُلَ ٿِئا وِصالَ سين، سي ذَرو ظاھِرُ نَہ ڪَنِ، وييَتَ واھُرَ تَرَنِ، ھِينئَڙا جَنِ…[ سُر سھڻي - سانوڻ، سيارو گهڙي ۽ گهوري ]
- مَڇُڻ وَرَ وِسارِئين، صَبُرُ نَہ سارِيان، توکي نِھارِيان، آءُ مُنھِنجا سُپِرِين.[ سُر آبڙي - آءُ اوراھون، ناھ جميعت ]
- ھَٿان ھَڏِ نَہ ڇَڏِيان، صَبُرُ شُڪرانو، ذَوقَ زَمانو، مُون وَرَ وِئَڙو وِسَرِي.[ سُر آبڙي - آءُ اوراھون، ناھ جميعت ]
- ڏُورِ مَ تُون ڏورِجِ، صَبُرُ ڪَرِ مَ سَسُئِي، پُرَڻُ ڇَڏِ پيرَنِ سين، وِھَڻُ وِساريجِ، سَڌُنِ جا سَيِّدُ چئَي، لاڳاپا لاھيجِ،…[ سُر آبڙي - ٿڪيائي ٿر ٿيلهہ ]
- وارَو وَرُ وَٺِي وِئا، جوري سين جابِرَ، صَبُرُ ڪِيئَن صابِرَ، اَچي عَجِيبَنِ ري.[ سُر ديسي - دانھُون ڪُوڪُون ]
- ووءِ ووءِ ڪَندِي وَتُ، مَڇُڻ ووءِ وِسارِيين، پاڻِي ھارِ مَ پَڌِرو، رو مَنجهائِين رَتُ، صَبُرُ وَڏو سَتُ، سِگها ميڙي سُپِرِين.[ سُر حسيني - ووءِ ووءِ ڪرڻ ۽ روئڻ ]
- پَرَديسان پَنڌُ ڪَري، ھَلِي آيو ھِيءُ، مالُ نَہ مَڱي مَڱِڻو، جاجِڪُ مَڱي جِيءُ، وَڍِ وَھِلو ٿِيءُ، ساعَتَ صَبُرُ نَہ سَھان.[ سُر سورٺ - سائل در آئيو ]
- خاموشِي خَبَرَ جِي، مُومَلَ ٿِي مَتِ، صَبُرُ ٿِئو سُپَتِ، مُنھِنجي حَقِ مَينڌَرا.[ سُر راڻو - سوڍي صبر ۽ ڍولي ڍَڪِي ]
- سوڍا صَبُرُ تُنھِنجو، مُومَلَ مَتِ ٿِئو، تو جو ڪالَهہ ڪِئو، تَنھِن مَدِيُون ميٽي ڇَڏِيُون.[ سُر راڻو - سوڍي صبر ۽ ڍولي ڍَڪِي ]
- سوڍا صَبُرُ تُنھِنجو، سَڀَنِي سُونھائي، چُپَ سين چَلائي، چِٺيُون جي چَوَڻَ جُون.[ سُر راڻو - سوڍي صبر ۽ ڍولي ڍَڪِي ]
- سوڍا صَبُرُ تُنھِنجو، مَرڪُ لَڄايُنِ، چُپَ سين جٖي چَوَنِ، اَدَبُ ڪِجي اُنِ جو.[ سُر راڻو - سوڍي صبر ۽ ڍولي ڍَڪِي ]
- سوڍا صَبُرُ تُنھِنجو، لَڄايُنِ مَرَڪُ، نَہ ڪُڇَڻَ سين نَڪُ، ريءَ رُڪَ رَڻي وِڍِئو.[ سُر راڻو - سوڍي صبر ۽ ڍولي ڍَڪِي ]
- سوڍا صَبُرُ تُنھِنجو، مُون کي نَصِيحَتَ، ريلا ڪَندِيَسِ رَتَ، مَينڌَرا تو مَھِندان.[ سُر راڻو - سوڍي صبر ۽ ڍولي ڍَڪِي ]
- سوڍا صَبُرُ تُنھِنجو، بي عَقلَنِ عَقُلُ، آھي اُنگَ اَمُلُ، ماٺِ تُنھِنجِي مَينڌَرا.[ سُر راڻو - سوڍي صبر ۽ ڍولي ڍَڪِي ]
- سوڍا صَبُرُ تُنھِنجو، بي عَقلَ آڻي بازِ، سَندي صَبُرُ سازَ، توبَهَ ڪارِيَسِ تَڪِڙِي.[ سُر راڻو - سوڍي صبر ۽ ڍولي ڍَڪِي ]
- سوڍا صَبُرُ تُنھِنجو، سَھسَ سيکاري، مُومَلَ جي واري، نِڄاڻان ڪوھُ ٿِئو.[ سُر راڻو - سوڍي صبر ۽ ڍولي ڍَڪِي ]
- سوڍا صَبُرُ تُنھِنجو، سيکاري سَھسَ، پُڄِي تِئان پَھَسَ، مُون کي نَصِيبَ نيئِي جَهلِئو.[ سُر راڻو - سوڍي صبر ۽ ڍولي ڍَڪِي ]
- سوڍا صَبُرُ تُنھِنجي، ماڻُهو ڪِي مُومَلَ، ڪَپَرِ مَنجهان ڪَلَ، پييَمِ پِرِين تُنھِنجِي.[ سُر راڻو - سوڍي صبر ۽ ڍولي ڍَڪِي ]
- جَي ڀانيَين جوڳِي ٿِيان، تَہ سِنڱي سالَ وَڄاءِ، مالا ڦيرِجِ مَنَ ۾، ڌَڙَ کي ڌُوڙِ مَ لاءِ، ويراڳَڻِ وُجُودَ، کي،…[ سُر رامڪلي - جي ڀانيَين جوڳِي ٿِيان ]
- جَي ڀانيَين جوڳِي ٿِيان، طَمَعُ ڇَڏِ تَمامُ، گولا جٖي گولَنِ جا، ٿِيءُ تَنِ جو غُلامُ، صَبُرُ جي شَمشِيرَ سين، ڪَرِ…[ سُر رامڪلي - جي ڀانيَين جوڳِي ٿِيان ]
- صادَئُون صَبُرُ سِکِئا، ڌُرِيانئي ڌُڻِي، اُبَٺِئا اِنَ ڳالِهہ تي، چِيرَنِ مَنجِهہ چُڻِي، اِنَّمَا یُوَفَّى الصّٰبِرُوْنَ اَجْرَهُمْ ، سَرَھا ٿِئا سُڻِي،…[ سُر رامڪلي - ٽيھ اکري ]
- آئِي مائِي آئِي، جوڳِيَنِ جا جَڙَ لائِي، سامِي صَبُرُ سِکِئا، مَٽائي وائِي، سامِيَنِ سونُ ڪَنَنِ ۾، ڇَتَنِ جِي ڇائِي.[ سُر رامڪلي - وايون ]
- اللهَ ٻاجُهن ڪَؤنُ ساٿِي، ڦِرندِي آئِي، مَين چُپ چُپاتِي، سِڪَ شاھَ رانجَهنِ دِي مِيان، ڏِينھان جو راتِين، آکي لَطِيفُ فَقِيرُ…[ سُر جاجڪاڻي - وايون ]