صاحِبُ بابت
معنيٰ
مالڪ، ڌڻي، محبوب
Lord, Master, Holy being
بيتن ۽ وائين ۾
- ايڪُ قَصَرُ دَرَ لَکَ، ڪوڙيِين سَھسَ کڙَڪِيُون، جاڏي ڪَرِيان پَرَکَ، تاڏي صاحِبُ سامُهُون.[ سُر ڪلياڻ - يڪتائي ]
- ويڄَ وِڄائُون ڇَڏِ، دُورِ ڪَري ٻِئا ڊَڀَڙا، آندِيَئِي جي اَگَهنِ لَئي، سي گورِيُون گورِيُنِ گَڏِ، صاحِبُ سوئِي سَڏِ، جَو پَرکا…[ سُر يمن ڪلياڻ - ويڄ ۽ دارُون ]
- عِشقَ تَمامُ بِرھَ تَمامُ، مَين لُٽِي يارَ لوڪو، راتِيان جاڳَڻُ صاحِبُ سَنڀالڻُ، اِيءُ فَقِيران دا ڪامُ، سيڄَ سُتي نُون جَپِ…[ سُر يمن ڪلياڻ - وايون ]
- ھِڪِي ٻانِهي چِتَ ۾، ٻِي صاحِبُ سَنواري، دَنگِي اِنَ دَرياھَ ۾، ھَلائي ھاڪاري، طَرازُون تاري، سُتَڙِ سَڀَيئِي ڪَري.[ سُر سريراڳ - سيوا ۽ سار ]
- ھِڪِي ٻانِهي چِتَ ۾، ٻِي سَنواري صاحِبُ، ڪَڍي اُونِهي ڪُنَ مان، اِيءُ آگي جو عَجَبُ، اِيءُ سائِينءَ جو سَبَبُ، جِيئَن…[ سُر سريراڳ - سيوا ۽ سار ]
- جاڳِي يارا جيڏِيُون پاڻُ پَرَنِجي، ھَلَندي حَبِيبَ ڏي، ويلو وِچِ نَہ ڪِجي، مَٿي اُھِسَ اُسِرِي، پَتَنگَ جِيئَن پَئِجيءَ، اَڳِئان اُونداھِيءَ…[ سُر سريراڳ - وايون ]
- مِلجان مِلجان مِلجان، سَڄَڻَ سانُون چورِي چورِي، بادَلُ بَرَسي وِڄُڙِي جا چَمڪي، بُوندَ پَڙِي ٿوڙِي ٿوڙِي، صاحِبُ دانا بي نِشانا،…[ سُر سارنگ - وايون ]
- جيڏِيُون آئُون تان نَہ چَوَندِي لو، ڏُکُ ڏوراپو سيڻَنِ جي صَريِحُ، سَڱا وَڃَنِ سَرَتِيُون، مِنَٿَ موٽَنِ مانَ، ڀينَرُ ڀِيڻِي حُجَ…[ سُر آبڙي - وايون ]
- ٿُڙُ وَٺِي ٿاھَرَ ڪَرِ، ناحَقُ ڏارَ مَ ڏورِ، لَڳِي لَڙَھَہ لامُنِ جي، ڀورِي مَنَ مَڀورِ، صاحِبُ سوئِي سورِ، سَڀَنِي جو…[ سُر معذوري - سُڻڻ، ٻُڌڻ ۽ مڃڻ ]
- جوڳِي جَڳُ ڇَڏي، پُرئا پُورَڀَ پَنڌَ ڏي، لاھُوتِي لَطِيفُ چئَي، ھَلِئا لالَ لَڏي، واللهُ يَدعُوا اِلَيٰ دارالسَلامِ ، صاحِبُ سَڀَنِ…[ سُر رامڪلي - جوڳي، سامي ۽ ڪن ڪپڻ ]
- نَہ گِدا نَہ گَبِري نَہ لانگوٽِيءَ لِکَ، جيڏانھَن ڀَرِينِ وِکَ، تيڏانھَن صاحِبُ سامُهُون.[ سُر رامڪلي - بُک، طعام، گدا ۽ گبري ]
- نَہ گِدا نَہ گَبِرِي، نَہ لانگوٽِيءَ لِيڙَ، جيڏانھَن ڪَرِينِ ڀِيڙَ، تيڏانھَن صاحِبُ سامُهُون.[ سُر رامڪلي - بُک، طعام، گدا ۽ گبري ]
- نَہ گِدا نَہ گِبَرِي، نَہ لانگوٽِيءَ لِينگَ، ڀُنگا جَنِي ڀينگَ، صاحِبُ تَنِي سامُهُون.[ سُر رامڪلي - بُک، طعام، گدا ۽ گبري ]
- تُون سَٻَڙُ آئُون سيڪِڙُو، تُون صاحِبُ آئُون سَڳُ، پُڇِي تُنھِنجو پَڳُ، ڪُلِهي پاتُمِ ڪِينِرو.[ سُر جاجڪاڻي - سٻڙ، سيڪڙو ۽ مڱڻھار ]
- پانڌِي سو مِڙئومِ، ھادِيءَ ھَٿُ ڏِنومِ، سائِين، سو سَچومِ مِيُون سو مِٺومِ، جَنھِن کي گهَڻو سارِيان، اَکَڻِ آيا سُپِرِين، ڪوڙيِين…[ سُر آسا - وايون ]