راھِ بابت
معنيٰ
رستو، سڙڪ، واٽ، دڳ، لنگهہ. رِيت، طريقو.
Way, path, road, method, lane
بيتن ۽ وائين ۾
- اَوَلِ اللهُ عَلِيمُ، اَعلیٰ عالَمَ جو ڌَڻِي، قادِرُ پَنھِنجيءَ قُدرَتَ سين، قائِمُ آھِ قَدِيمُ، والِي واحِدُ وَحدَہٗ، رازِقُ رَبُ رَحِيمُ،…[ سُر ڪلياڻ - يڪتائي ]
- بَٺِنِ ھيٺان باھِ، مَڇُڻ آڳِ اُجهائِيينُ، رُپو ڪَندا راھِ، ڪَؤُنرَ ڪَلاڙين آيا.[ سُر ڪلياڻ - سُوري، ڪاتي ۽ زھر ]
- سودو اِھوئِي سَڦِرو، سو مُون پَلَئِہ پاءِ، وَسَ ويچارِيءَ ناھِ ڪو، آگا عَرَضُ اوناءِ، ريءَ ھَمراھِيءَ ھادِيءَ جي، مُورِ نَہ…[ سُر سريراڳ - تياري ۽ ساٺ ]
- سِڪَ تُنھِنجِي سُپِرِين، اَندَرِ ٿِي اَجَهلَ، ٻَڙَڪِئو ٻاھَرِ نِڪِري، کُوري کانئِي کَلَ، ري سِيراھِيءَ سَلَ، مُون کي ڏِنا سَڄَڻين.[ سُر سھڻي - تران، سڀت، ڏٺي ڏينھن ]
- ڪَرَھا مَ ڪاھِيو مِيان ڪيچِي، آئُون آرِياڻِيءَ عَرَضُ چَوَندِي، ڪَري ھوتَ ھَلَڻَ جِي، لُوٺِيءَ کي مَ لَڄايو، وَسِيلو وِلِهِيءَ جو،…[ سُر آبڙي - وايون ]
- وارو مُون وَڻَراھِ، ڪا سُڌِ سُونھَپَ جِي نَہ ڏِيو، وِجِهي وَراڪَنِ ۾، مَعذُورِ کي مَ مُنجهاءِ، مَنجهان پَھَڻَ پِيادِيُون، ھادِي…[ سُر معذوري - ھاڙھو پنڌ ]
- ڪيچان اوري ڪِٿَھِين، وَڻُ نَہ ويساھِين، ڪَمِيڻِي ڪيچِيَنِ لاءِ، پُورِجِ پَراھِين، تاڻِجِ تيڏاھِين، وارِجِ ڪا مَ وَرَڻَ جِي.[ سُر ديسي - ڪيچان آيو قافلو ]
- جَڏھِن ساٿِيَنِ ٿي سَڏَ ڪِئا، ٻُڌَئِي نَہ ٻُوڙِي، ھَمراھِي ھوتَنِ سين، تو جُودان نَہ جوڙِي، پَلَئُہ پُنهونءَ ڄامَ جو، جَهلِيُئِي…[ سُر ديسي - جبل ڏي نہ جواب ]
- آڻي لِکِئي لَنئُن لائِي، آئُون ڪا جوڙَ جَتَنِ جو، ٻَڙِي جيڏِيُون، آئُون ڪا ڪُڙُمُ ڪيچِيَنِ جو، ڪُھِي ڪَمِيڻِي ھَلِئا، ڪَھَلَ…[ سُر ڪوھياري - وايون ]
- ڪَمِيڻِيَنِ ھَٿان، ٿِيَنِ مُوراھِين مَدِيُون، تُون ڪَرِ پاڻَ وَڙان، موٽُ سَٻاجها سُپِرِين.[ سُر حسيني - جِيئڻُ ۽ مَرڻُ ]
- سَرَتِيُنِ سَھِجَ مَنجهان، ٿِي ڪوڏِ وَراھِيا ڪَپِڙا، تَڏِھِين مُنھِنجِيءَ ماءَ، ٿي پَھَڻَ آڇِيا پَٻَ جا.[ سُر حسيني - جِيئڻُ ۽ مَرڻُ ]
- چانڪِ آيُسِ آڳاھِين، اُتهيِن اُڀِي آھِيان، پِرتِ پَراھِين، ھاڻي مَران مَ جِيئان.[ سُر حسيني - لَڪ لَڪيُون ۽ ڪُٺل ]
- سُورَ وِراھِيان سَرَتِيُون، جَي وِراھِيا وَڃَنِ، ٻِيُون ڪوھُ ٻُجهَنِ، جَنِي سَندا تَنِي سامُھان.[ سُر حسيني - سؤُ سُک ۽ طالب، تات ]
- ڦِٽو ڦوڙائو، وَرِئو وَرَقُ وِصالَ جو، مُون کي ڏِنو سَڄَڻين، ڏُوران ڏيکائو، ھِينئَڙو اَڳَ ڍائو ، ويتَرِ پِرِيَنِ پَراھِئو.[ سُر بروو سنڌي - دل جو دلبر ]
- سوڍا سَمَرُ چاءِ، ڪَھَہ سُجهيئِي ڪاڪِ جي، تُھان چَڱيرا چَلِي وِئا، راڻا اِنَهِين راھِ، ڀَؤُ ڀَلَنِ آھِ مُومَلَ جي مَنزَلَ…[ سُر راڻو - خابرو ڪاپڙي ۽ گُجر ]
- ڪِي جو ڪاڪِ تَڙان، چانگي چَرَھو چَکِئو، ڪَرَھي ڪاڻيٺُون رَتِيُون، نائي ناگيلا، وَڳُ واسِئائِين پانھِنجو، سَڀوئِي سُراھِيان، ڪَرَھو سَرَھو ڏيھَ…[ سُر راڻو - رُس مَ رُسڻ گهورئو ]
- اُوڻِهئين ڏِينھِن امرَ ۾، آديسِي آھِينِ، ڪَنھِن پَرِ اچي ڪاپَڙِي، لکِئي ٿا لاھيِنِ، نَڪِي اڏِئائُون نِجُهَرا، نَڪِي ٿا ڊاھِينِ، ويٺا…[ سُر رامڪلي - ڏھاڙي وارتا ]
- پُوري مَڙَه مَھيسَ، ڪَنھِن تِيرَٿِ وِئا تَڪِڙا، جوڳِي جُنبِي ھَلِئا، ڪَنھِن ڏُوراھِين ڏيسِ، اِنَ اَڳھَيِن ٿي ڪِئا، پَھَ مَٿي پَرَديسَ،…[ سُر رامڪلي - آديسي ۽ مونا طور سينا ]
- ڪَسي ساڻُ ڪَسَنِ، ڏِيلَ ڪِئائُون ڏُٻِرا، پيٽَ نَہ ھيرِئائُون پانھِنجا، چوري ساڻُ چَسَنِ، اِنهين راھِ رَسَنِ، ڪاپَڙِي ڪابُولَ کي.[ سُر رامڪلي - قوت ڪڙايا ۽ پوڄا ڪار ]
- سَندَڙِيانِ سِڱَڙي، ڳالِهہ ڳُجَهڙِي، مُون مارِيندِي ڪَڏِھِين، جَا وَڄائِينِ جَتَڙا، نَہ تَنھِن نَڙَ جِھَڙِي، مُرلِيءَ کي جَنھِن ماتِ ڪِئو، نَہ…[ سُر رامڪلي - وايون ]
- مَڙِهيَنُون موڪَلَ، ڪالَهہ ڪَندا وِئا ڪاپَڙِي، بابُو ڪَنِ نَہ بِکِئا ، اِيءَ ويراڳِيَنِ وَلَ، ڪَڏِھِين اُتَرَ سامُھان، ڪَڏِھِين دُونھِيَنِ جَهلَ،…[ سُر رامڪلي - وايون ]
- وَڏَڙا ڏانَ ڏِنائِين، کَنيائِين رَختُ ريزالَنِ جو، ڏاتِيُوم ڏي ڏَڏَنِ کي، سونُ سَراھِيُون سائِين، اَنڌا مَنڊا آئِيا، سَخا سَڏُ وِڌائِين،…[ سُر جاجڪاڻي - وايون ]
- ھيٺِ جَرُ مَٿي مَڃَرُ، پاسي ۾ وَڻَراھِ، اَچي وَڃي وِچَ ۾، تَماچِيءَ جي ساءِ، لَڳي اُتَرَ واءِ، ڪِينجُهرُ ھِندورو ٿِئي.[ سُر ڪاموڏ - تڙ تماچِي آيو ]