جُهلَ بابت
معنيٰ
سينگار لاءِ گهوڙي يا اٺ جي پٺيءَ تي وجهڻ جو هڪ ڪپڙو جو هيٺ تي لڙڪندو آهي. بالاپوش، ڀَرتُ ڀريلُ رنگين ٽُڪريُنِ سان ڪپڙو جو گهوڙي يا اُٺ، ڍڳي وغيرہ تي پٺي ڍڪڻ خاطر وجهجي. ڍَڪُ ڪپڙي جو.
Covering, coverlet, saddlecloth.
بيتن ۽ وائين ۾
- ڪاتِيءَ تان نَہ ڪَھِين، مَنُ وِجُهلَڻَ وَڍِئو، مَارِيَسِ سُورَ تَھِين، جو نَہ جِياري جيڏِيُون.[ سُر حسيني - لَڪ لَڪيُون ۽ ڪُٺل ]
- راڻو رُٺو ڪاڪِ سين، وِجُهلَندو وِئو، مُنھِنجو مَنُ مَينڌَري، پائي نِيَرُ نِيو، ٻُجهان ڪو ٻِئو، سوڍي سانگُ چِتايو.[ سُر راڻو - راڻو راحت، رُٺو ڪاڪ ]
- ديکِيندي دِيدارَ کي، ڪِينَ سُڃاتو ڪُلَ، تازِي طَويلَنِ ۾، آھِ اَحاطو جُهلَ، ھُئا جٖي اَمُلَ، سي حِسابان ھَڄِي وِئا.[ سُر آسا - ترڪ، ڪلمو ۽ سرمو ]
- فِڪرُ ۽ فاقو، مَرَڪُ مارُوئڙَنِ جو، ڪَڏِھِين ڪَڏِھِين ڏُٿَ جو، چَکَنِ چُئاڪو، ھِڪُ اَندَرِ اولاڪو، ٻِي وِنجُهلَ ويڙِهيچَنِ جِي.[ سُر مارئي - آڻين چاڙهين، سون برابر سڳڙا ]
- مارُو گُهرَنِ مِينھَن، آئُون مارُنِ ميڙائو گهُران، ساڏوهِيُون ۽ سَرَتِيُون، هِنيين مَنجِهہ هُرَنِ، ھِڪُ لِڱَين لوھَ چُرَنِ، ٻِي وِنجُهلَ ويڙِهيچَنِ…[ سُر مارئي - مُونھان پوءِ ملير ]
- هِنَ مُنھِنجي حالَ جو، وِرھُ نَہ ويڙِهيچَنِ، چُران تَہ چُورِ ٿِيان، نِيَر ڪِينَ نَمَنِ، هِڪُ لِڱين لوھَ چُرَنِ، ٻِي وِنجُهلَ…[ سُر مارئي - مُونھان پوءِ ملير ]
- زُمَرِ زُخرُفِ سُومَرا، سَبا سيڻَ وِئا، وِنجُهلَ ويڙِهيچَنِ جي، مُون کي مارِئو ماءُ، مَريَمَ طٰهٰ اَنبِياءِ، واسي وَسَ وِئا، مارُوءَ…[ سُر مارئي - زمر زخرف سومرا ]