تُورُ بابت
معنيٰ
مُند يا موسم جا گُل. ٻُونگر، ٻُورُ. مَدائتو ۽ ڪچڙو ڦَلُ، ڦَرُ ولين يا وڻن جو، ڏورَ.
A crop, spoken of such plants as spring up a second or third time.
بيتن ۽ وائين ۾
- ٻُوۡرُ نَہ چَري ٻُورُ، پَسِئو تُورُ تَڪُون ڪَري، مُونين ھَڻِي موٽِئو، ڪَرَھو راتِ ڪَپُورُ، مَيو ٿِئو مَعمُورُ، چَندَنُ چکِي آيو.[ سُر کنڀات - ڪرھو، چانگو، اٺ ]
- تَڙِ نَہ گِهڙي تُورُ، مَنَ ڪاڍو ميھارَ ڏي، ڏاڍو دَورُ دَرياھَ ۾، سِڪَڻُ وَڏو سُورُ، مَنَ ۾ مَوجَ ميھارَ جِي،…[ سُر سھڻي - ساھڙ، اڀو آڇي ۽ سانڀارا ]
- ڏاتَرَ مُون ڏيکارِئو ھوتَنِ جو حُضُورُ، پِرِيَنِ پَرچَڻَ جو ڪِئو، موٽائي مَذڪُورُ، اِيءُ دوسِتَنِ جو دَستُورُ، جِيئَن ڇِنان ڇِنَنِ ڪِينَڪِي.[ سُر بروو سنڌي - دل جو دلبر ]
- وَنھِيَنِ ويڙِهيچَنِ جو، سَدا اَٿِم سُورُ، سِنجن ساٺِيڪَنِ تي، مَٿي تَڙَن تُورُ، سَندو ساڻيھَ سُورُ، سو مُون آهي سُومَرا.[ سُر مارئي - سيئي سارئان سومرا ]