تيلاھَ بابت
معنيٰ
تنھن لاءِ، تنھن صورت ۾، تيئن تہ، تيئن ئي، تنھن کان. تنھن مان.
Thats why, because of that, for that.
بيتن ۽ وائين ۾
- سَمُنڊَ ڪِينَ سُڪَنِ، ڪوڙيِين جي ڪائو ٿِئي، پاڻِيءَ سين پيکُ ڪِئو، تيلاھَن وَڻِجارَنِ، لالُون سي لَھَنِ، جَنِي سيوِئو سَمُنڊَ کي.[ سُر سريراڳ - سيوا ۽ سار ]
- مُون ۾ تُون مَوجُودُ، آئُون اَسُونھِين آھِيان. ماڻُهنِ جي موٽَڻَ جو، سائِينءَ ھَٿِ سُجُودُ، جيلاھَ رَسِئا بُودَ کي، تيلاھَ ٿِئا…[ سُر سريراڳ - وايون ]
- مَحَبتَ سَندو مَنَ ۾، پُرِ پِيالو جَنِ، پِيَنِ پَرَچاء ناھِ ڪو، ڪَنھِن جَنھِن ڏاھَ ڏَڀَنِ، جَنھِن نِھايَتَ ناھِ ڪا، تَنھِن…[ سُر آبڙي - ويھُ مَ مُنڌ ]
- سَدا سائِرَ سِيرَ ۾ اُنِ کي اَندَرِ لَھي نَہ اُڃَ، پَسَڻُ جو پِرِينءَ جو، سو سَڀائي سُڃَ، تيلاھَن مَرَنِ اُڃَ،…[ سُر آبڙي - ويھُ مَ مُنڌ ]
- سُتِيئَن سَوارِي، مُنھُن ويڙھي مُينُ جِيئَن، ڏِٺَئِي نَہ ڏيرَنِ جا، چَوڌارِي چارِي، تيلاھَ ويچارِي، پُنهون نِيائُون پاڻَ سين.[ سُر ڪوھياري - نِدورِي نِنڊ ]
- مُنھِنجو پاڙيچيَنِ، ڪَچو ڪو نَہ ڍَڪِئو، پاسي چَڙِھِي پُنهونءَ جي، ذاتِ سَلَتِي جَنِ، تيلاھَ ٻاروچَنِ، نِڌَرَ ڇَڏِي نِنڊَ ۾.[ سُر حسيني - ٻاروچا، فراق ۽ وصال ]
- ريءَ مَصلِحَتَ مَڱڻا، ھِتِ قَصرِ ڪِينَ اَچَنِ، نُورَ تَجَلِي نُورَ سين، نَمِئو نيڻَ پَسَنِ، خيمي ۾ کَنگهارَ جي، چانڊُوڻا چَمڪَنِ،…[ سُر سورٺ - سائل در آئيو ]
- ڪَھَندي ڪابُولَ ڏي، جوڳِيَنِ جُڳَ ٿِئا، راھَ سُوٺائُون رَبَ جِي، وِرِچِي تان نَہ وِئا، جيلاھَ ڌَڻِيءَ ڌُئا، تيلاھَ مُحَّمَدَ مَڃِئا.[ سُر رامڪلي - جوڳي، سامي ۽ ڪن ڪپڻ ]
- يادِ گُرُو ڪَنِ گودَڙِيا، ڀَرِ بازارِ بِيٺا، پَڙَهنِ سُورَ سُبحانَ جِي، پِيڙَ تَنھِن پِيٺا، جيلاھَن مُنھِن مِيٺا، تيلاھَن نَشا چاڙَھِئائُون…[ سُر رامڪلي - بازار، ناٿ، گرو ۽ ھرنام ]
- جَنِ وِڃايو وُجُودُ، سي فانِي ٿِئا فِي اللہِ ۾، نَہ قِيامُ نَہ قاعِدو، نَڪو ڪَنِ سُجُودُ، جيلاھَ ٿِئا نابُودُ، تيلاھَ…[ سُر آسا - آئون، تُون، روزا نمازُون ]