تازو بابت
معنيٰ
سَڄر. هاڻوڪو. ٿوريءَ دير جو،
Fresh, recetly, before some time.
بيتن ۽ وائين ۾
- لَڪَڙِيارِيُون آڱِريون، ٻاروچاڻُو ڀيرُ، اَچِي پَسو جيڏِيُون، تازو پُنهونءَ پيرُ، ويچارِيءَ سين ويرُ، جَتَنِ جيڏو ئِي ڪِئو.[ سُر حسيني - لَڪ لَڪيُون ۽ ڪُٺل ]
- لَڳو مَنجِهہ لَڪَنِ آيَلِ تازو پيرُ پُنهونءَ جو، نَڪِي واؤ وِڃايو، جهورِئو تان نَہ جَهڪُنِ، بورائُو بَرَنِ جو، ريڙِھي مَنجِهہ…[ سُر حسيني - وايون ]
- مُنھِنجي حُجَتَ ناھي واٽَ، جِيجَن تَنِ جَتَنِ سين، تازو پيرُ پُنهونءَ جو، لُڙئو مَنجِهہ لُڙاٽ، مارِئو ڪِيمَ مُٺِيءَ کي، ڪيچِي…[ سُر حسيني - وايون ]
- اُوٺِي مَٿي لَڪَ، مُون ٻاروچا ڀانيا، تازو پيرُ پُنهونءَ جو، نَہ ڪَنھِن جهورِئو جَهڪَ، مُون کي ڇَڏي ھَلِئا، ڌَڙُ ڌُڻِئو…[ سُر ڪيڏارو - داستان پھريون ]
- ڍيٻَرَ ڪَتَنِ ڍيريُون، ڏاسَ جَنِي ڏاجو، پِيَنِ پِسُ پَنوَھارِيُون، تَڙَنِ تي تازو، اللهَ ڪَرِ آجو، مُلڪُ مارُوءَ ڄامَ جو.[ سُر مارئي - مارُن جو حال ]
- چَشا چائُرَ چُورِما، قِيمو قَليو اَنُ، جيڪِي آڇي سُومَرو، سو مُورِ نَہ باسي مَنُ، پوئِينءَ راتِ پِڙِ پَئي، جَي مُون…[ سُر مارئي - آڻين چاڙهين، سون برابر سڳڙا ]