اِتِ بابت
معنيٰ
اِتي، انهيءَ هنڌ، ھِن هنڌ.
Here, at this place.
بيتن ۽ وائين ۾
- طالِبُ قَصَرُ سُونھَن سَرُ، اَندَرِ رُومِي راءُ، ماڻُهو اِتِ ڪِئا، مَنڊُ نَہ پَسِين مَنڊِئو.[ سُر يمن ڪلياڻ - صوفي ۽ طالب ]
- ھَرَ ھَرَ ھَٿُ مَ پاءِ، اِي ڳَنڍِ چُھِنڊِيءَ نَہ ڇُڙي، ڪوڙيِين وِڌا ڪيتِرا، اِنَ وَرَ مَنجِهہ مُنجَھاءِ، ھئَي ھئَي ڪَندا…[ سُر يمن ڪلياڻ - پريم پاٺ ]
- ويئِي سُونھَن سَسُئِيءَ جِي، پُنهون ٿِيَسِ پاڻَ، سَڀَنِي جِي سَيِّدُ چئَي، آھي اِتِ اُماڻَ، ڀَنڀورَ جا ڀاڻَ، آڏا عَجِيبَنِ کي.[ سُر آبڙي - سڀ ڪجهہ سندي اندر ]
- ٻُڌُ تَہ ٻِيائِي لَھي آئُون اِتِ نَہ آھِ، ڪُڇَڻُ ڪَڍِي لاھِ، ڪَنُ ٿِيءُ، ڪيچِيَنِ ڪُڇِئو.[ سُر معذوري - سُڻڻ، ٻُڌڻ ۽ مڃڻ ]
- ڪَرَھا ڪاڪِ چَري، وَنءُ وَڻانئُون نِڪِري، لُڊُوڻان لَطِيفُ چئَي، آيو ڪو نَہ وَرِي، گَهڻا اِتِ گِهڙِي، وَڳَ وِساري ھَلِئا.[ سُر راڻو - ڏِيئا، تيل ۽ مھمان ]
- جَي ڀانيَين جوڳِي ٿِيان، تَہ ڪِينَ پِيالو پِيءُ، ”ناھِ“ نِھاري ھَٿِ ڪَرِ، آئُون اِتِ نَہ ٿِي، سَندو وَحدَتَ وِيءُ، طالِبَ…[ سُر رامڪلي - جي ڀانيَين جوڳِي ٿِيان ]
- عَينَئُون عارِفَنِ جِي، آھي ڳالِهہ عَجِيبَ، پاڻِيهِي گهائِينِ گَهٽَ کي، پاڻيھِي تَنَ طَبِيبَ، وَٺَنِ واٽَ وِچَٿَرِي، ڪَرِئو نِرِتِ نَجِيبَ، اَلإِيمَانُ…[ سُر رامڪلي - ٽيھ اکري ]
- اَنا عَبدُ معبُودُ تُون، اِتِ شِرڪُ نَڪو شَڪُ، پَچارُون پِرِيَنِ جُون، مَحَبَتِيَنِ مَرَڪُ، سو سَڀوئِي حَقُ، جَنھِن ۾ پَسَنِ پِرِينءَ…[ سُر آسا - آئون، تُون، روزا نمازُون ]
- نابُودِيءَ نيئِي، عَبدَ کي اَعليٰ ڪِئو، جي مُورَتَ ۾ مَخفِي ٿِئا، صُورَتَ پُڻ سيئِي، ڪِبِي اِتِ ڪيھِي، ڳالِهہ پِريان جي…[ سُر آسا - آئون، تُون، روزا نمازُون ]
- اَکِيُنِ کي اُتومِ، مَتان اِتِ اَڙو، ڪُنجِي ڪُرفُ ڪَڙو، ٽيئي ھَٿِ حَبِيبَ جي.[ سُر آسا - نيراني اکڙيون ]