اُڪارِيين بابت
معنيٰ
مٿي ڇڪي ڪڍيين، چاڙهيين. پار لنگهائيين، ٻيءَ ڪنڌيءَ رسائيين، اُپڙائيين.
To take down, cause to descend, to accompany or escort, to settle a dispute.
بيتن ۽ وائين ۾
- آڏو چِڪَڻُ چاڙُه، مُنھِنجِي مَوجَ نَہ سَھي مَڪُڙِي، ميڙي مَٺايُنِ جو، بيحَد چاڙھيُمِ بارُ، چَوَڻَ چارو ناھِ ڪو، بَدِيُون بيشُمارُ،…[ سُر سريراڳ - سيوا ۽ سار ]
- دَھشَتَ دامَ دَرياھَ ۾، جِتِ سَٽاڻا سيسارَ، بيحَد واڳُو بَحرَ ۾، ھيبَتَ نانگَ ھَزارَ، سارِيان ڪانَہ سَرِيرَ ۾، طاقَتَ توھِيان…[ سُر سھڻي - دھشت دام درياھَ ]
- دَھشَتَ دامَ دَرياھَ ۾، جِتِ ڪَڙَڪا ڪُنُ ڪَري، توڏِي تاڪُنِ وِچَ ۾، وِيرِنِ مَنجِهہ وَري، آءُ ساھَڙَ مُنھِنجا سُپِرِين، پِرتان…[ سُر سھڻي - دھشت دام درياھَ ]
- اُونِهي مان اُڪارِيين، ھادِي ڏيئِي ھَٿَ، ڏي دِلاسو دوسَ مُون، ڪامِلَ ٿِيئيمِ قُوَتَ، سَندِي ساھَڙَ سَٿَ ھَلِي پَسان حُضُورَ ۾.[ سُر سھڻي - دھشت دام درياھَ ]
- ھُنَ ڀَرِ نَہ ھِنَ، ويچارِي وَھَ وِچَ ۾، نيڇُ نِھاري نَہ گِهڙي، تَنھِن ۾ پييَسِ تُنَ، اللهَ ساڻُ اَمُنَ، آرا…[ سُر سھڻي - الست ارواح، کامڻ پچڻ ]
- ڪَچو کان ڪُنڀارَ، اوڳِي کَڻِيئو اُٿِيين، ڪِ تو ڪَنين نَہ سُئِي، ڀيلي تي ڀُلِڪارَ، لوڙِھِئا لَکَ لَطِيفُ چئَي، ڪوڙيِين ڪارُونڀارَ،…[ سُر سھڻي - ترھو، ڪچو ۽ ڪنڀار ]
- پيرَ پَرِيندي ٺَرِئا، اِيندي لَٿِي اُڃَ، مَنجِهہ وِيَرِي سُڃَ، ڪَرَ لَڌِي رِڻَ اُڪارِيين.[ سُر بلاول - مجوسِي، ڄام ۽ جادم ]