اَرِواحَنِ بابت
معنيٰ
روحن، آتمائن، سنڌيءَ ۾ ارواح واحد صيغي ۾ استعمال ٿيندو آھي. ھتي ارواح جو جمع ٻول آھي يعني رُوحن.
Spirits, souls.
بيتن ۽ وائين ۾
- اَلَستُ اَرِواحَنِ کي، جَڏھِن چَيائُون، مِيثاقا ميھارَ سين، لَڌِيُون مُون لائُون، سو موٽي ڪِيئَن پاھُون، جو مَحفُوظا مَحڪُمُ ٿِئو.[ سُر سھڻي - الست ارواح، کامڻ پچڻ ]
- اَلَستُ اَرِواحَنِ کي، جَڏھِن چَيائِين جِيئَن، قالُو بَلیٰ قَلبَ ۾ ٿِي تَفالي تِيئَن، مَحبَتِيءَ ميھارَ جي، آئُون نِھوڙي نِينھَن، سَرَتِيُون…[ سُر سھڻي - الست ارواح، کامڻ پچڻ ]
- اَلَستُ اَرِواحَنِ کي، جَڏھِن چَيائِين، مَنَ ڪاڍو ميھارَ ڏي، سُهڻِيءَ سَدائِين، جيڪي آيُسِ اوڏاھِين، سو پاري مُنڌَ پاتارَ ۾.[ سُر سھڻي - الست ارواح، کامڻ پچڻ ]
- اَلَستُ اَرِواحَنِ کي، جَڏھِن اَمُرُ ڪِئو اَحَدَ، مَنَ ڪاڍو ميھارَ ڏي، سُهڻِيءَ سِڪَڻُ سَڌَ، دِلو دَورَ دَرياھَ جي، ڪِئو ايرادي…[ سُر سھڻي - الست ارواح، کامڻ پچڻ ]
- اَلَستُ اَرِواحَنِ کي، جَڏھِن فَرِمايو فَتاحَ، ھو مَنَ ڪاڍو ميھارَ ڏي، سُهڻِيءَ سِڪَڻُ ساھَ، دِلو دَورَ دَرياھَ جي، ڪِئو اِرادي…[ سُر سھڻي - الست ارواح، کامڻ پچڻ ]
- اَلَستُ اَرِواحَنِ کي، جَڏھِن فائِقَ فَرِمايو، ھو مَنَ ڪاڍو ميھارَ ڏي، سُھِڻِيءَ کي سَعيو، دِلو دَورَ دَرياھَ جي، اوڏاھِين آيو،…[ سُر سھڻي - الست ارواح، کامڻ پچڻ ]
- اَلَستُ اَرِواحَنِ کي، جَڏھِن جاڳايو جَلِيلَ، سَنئِين راھَ سَيِّدُ چئَي، سوٺائُون سَبِيلَ، وَحدَتَ جي وادِيءَ ۾، ڪِي قَدرَ قَلِيلَ، دَرياھَ…[ سُر سھڻي - الست ارواح، کامڻ پچڻ ]