اَحَدَ بابت
معنيٰ
خدا تعاليٰ جو هڪ صفاتي نالو. (صفت) هڪڙو، واحد. اڪيلو، تنھا، يگانو.
Name of Allah, single, alone, lone
بيتن ۽ وائين ۾
- اَوَتَڙِ ڪَنھِن نَہ اولِئا، سُتَڙِ وِئا سالِمَ، ھيڪائِي ھيڪُ ٿِئا، اَحَدَ سان عالِمَ، بي بَھا بالَمَ، آگي ڪِئا اَڳھَيِن.[ سُر ڪلياڻ - يڪتائي ]
- اَلَستُ اَرِواحَنِ کي، جَڏھِن اَمُرُ ڪِئو اَحَدَ، مَنَ ڪاڍو ميھارَ ڏي، سُهڻِيءَ سِڪَڻُ سَڌَ، دِلو دَورَ دَرياھَ جي، ڪِئو ايرادي…[ سُر سھڻي - الست ارواح، کامڻ پچڻ ]
- جٖي ڪِيڙِيءَ ڀَرِ ڪَنبَنِ، نانگَ نَمَنِ اُنِ کي، آگو اَمُنُ اُنِ ڪَري، جي اِنَهِينءَ ڀَيءِ ڀَڄَنِ، اِنَ اولِيَآئِي تَحتَ قَبَآئِي…[ سُر آسا - ترڪ، ڪلمو ۽ سرمو ]
- اَحَدَ جي اِسرارَ کي، جُنبِي ڏِٺو جَنِ، سي موٽِي ڪِينَ پَسَنِ، ڌاران ڌَڻِي ڪِي ٻِئو.[ سُر آسا - ترڪ، ڪلمو ۽ سرمو ]
- صِفَتَ سَنگُ اَحَدَ سين، اَحَدُ صِفَتَ ريءَ ناھِ، اُنھُ ۽ آھِ، ٻَئِي ٻِيائِي ٿِئا.[ سُر آسا - ترڪ، ڪلمو ۽ سرمو ]