اولاڪو بابت
معنيٰ
ساڙو. اُلڪو، فڪر، ڳڻتي، لُڇ، ساڙُ، پَچُ، کامَ. پريشاني، رولڙو، ڏوجهرو. مصيبت. تڪليف انتظار. ڏک.
Care, anxiety, grief.
بيتن ۽ وائين ۾
- نَہ وارِثُ نَہ وَلَهو، سَڱُ نَہ سِياڪو، تو پُڄاڻا سُپِرِين، آيُمِ اولاڪو، پانڌِيا پارانڀو، ڏِجان ڍاٽيءَ ڍولَ کي.[ سُر راڻو - رُس مَ رُسڻ گهورئو ]
- پَٽِيھَلُ چئَي پِرِينءَ کي، ساري آئُون سُڪو، دوسَ دِلاسو دِلِئان، مان ڏي ڪونَہ مُڪو، آھِمِ اولاڪو، جَسودَنَ جو جانِ ۾.[ سُر ڏھر - ڪنڊا، ڍور، پٽيھل اڪ ]
- لَکِي ۽ لاکو، ٻَئِي مُئا ٻاجَهہ ٿِي، قادِرَ لاٿو ڪَڇَ تان، اَدِيُون اولاڪو، واَنڍِنِ ۾ واڪو، ريٻارِي رَھِي وِئا.[ سُر ڏھر - لاکو ڦلاڻي، ريٻاڙي ۽ اوڏ ]
- فِڪرُ ۽ فاقو، مَرَڪُ مارُوئڙَنِ جو، ڪَڏِھِين ڪَڏِھِين ڏُٿَ جو، چَکَنِ چُئاڪو، ھِڪُ اَندَرِ اولاڪو، ٻِي وِنجُهلَ ويڙِهيچَنِ جِي.[ سُر مارئي - آڻين چاڙهين، سون برابر سڳڙا ]