آرامَ بابت
معنيٰ
بدن جي آسايش واري حالت. فرحت. سُکُ، آنند، راحت، آسايش. مرض ۾ افاقو. درد ۽ سور لھڻ بعد قرار. اطمينان، چَين، ننڊ. تندرستي، صحت. خوشي. فراغت فرصت، واندڪائي.
Best, ease, amusement, repose. cure, rest, respose, relief, relaxation, comfort, health.
بيتن ۽ وائين ۾
- گورا وَڃَنِ گامَ، ڏيرَنِ سَندي ڏيھَ تي، توڏَنِ جُون تَڙَ ڀِيڙَ ۾، تَرِيُون تَرٽِجَنِ تان مَ، اوٺِيئَڙا آرامَ، لَنگهي پَٻُ…[ سُر ديسي - اوٺي اُٻھرا ]
- جوڳِيَڙا جَھانَ ۾، ھُئا مَنجِهہ حَمامَ، آرامان اَرَڳِ ٿِئا، اوڏا نَہ آرامَ، ڪِئائُون قِيامَ، آئُون نَہ جِيئَندِي اُنِ ري.[ سُر رامڪلي - آءٌ نہ جِيئندي ان ري ]