ھُڳاءُ جي سنڌي معنيٰ
آواز، پڙلاءُ، سُڳنڌ.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Noise, echo, fragrance.
ھُڳاءُ جا بيتن ۾ حوالا
لَڳِي ڪوسو واءُ، لوڪُ مِڙيوئِي لهسِئو،
اُڀَنِ مَنجهان آيو، ھئَي ھئَي جو ھُڳاءُ،
طَيُورَنِ تَنوارِئو، پُنهونءَ پُڄاڻاءُ،
رَسِئو سُورُ شَبانَ کي، وُحُوشَنِ وَٽاءُ،
مِروئَنِ مَوتُ قَبُولِئو، اَپَرِ اَفسوساءُ،
بَرَ پُڻ ڪَنِ بُڪاءُ، اُڪَنڊِئا آرِيءَ لَئي گهَڻو.
[ سُر آبڙي، ويھُ مَ مُنڌ، 12 ]

ڪَرِڙا ڏُونگَرَ ڪَھَ گهَڻِي، جِتِ ھيبَتَ ھُوءِ ھُڳاءُ،
رَھِئا راتِ لَطِيفُ چئَي، لَڪَنِ ۾ تو لاءِ،
پَرَوَرَ ڄامَ پُڇا ڪِي، سَڳَرَ مَنجِهہ سَندِياءِ،
ھادِي ھوتُ مِلاءِ، آسَرَوَندِي آھِيان.
[ سُر ديسي، ڪرڙا ڏُونگر، 10 ]
رَھِئا راتِ لَطِيفُ چئَي، لَڪَنِ ۾ تو لاءِ،
پَرَوَرَ ڄامَ پُڇا ڪِي، سَڳَرَ مَنجِهہ سَندِياءِ،
ھادِي ھوتُ مِلاءِ، آسَرَوَندِي آھِيان.
[ سُر ديسي، ڪرڙا ڏُونگر، 10 ]
ڀَرِئو ڍورَ تَراءُ، پيٺِيُون ڪوٽَ دَرازِئا،
نَہ سي پاڻِيءَ وارِيُون، نَہ سو ھُلُ ھُڳاءُ،
اَدِيُون آڳَڙِيا، کَڻِي ڪَنھِن کُوڻِ وِئا.
[ سُر ڏھر، ڪنڊا، ڍور، پٽيھل اڪ، 7 ]
نَہ سي پاڻِيءَ وارِيُون، نَہ سو ھُلُ ھُڳاءُ،
اَدِيُون آڳَڙِيا، کَڻِي ڪَنھِن کُوڻِ وِئا.
[ سُر ڏھر، ڪنڊا، ڍور، پٽيھل اڪ، 7 ]
دَھشَتَ دامَ دَرياھَ ۾، ھُنَ ڀَرِ ھُوءِ ھُڳاءُ،
لَٽي وييُون لَهرِيُون، مَوجُون مُون مَٿا،
ساھَڙَ ڄامَ سَواءِ، ڪونِهي تُرَھو تارِ ۾.
[ سُر سھڻي، دھشت دام درياھَ، 6 ]
لَٽي وييُون لَهرِيُون، مَوجُون مُون مَٿا،
ساھَڙَ ڄامَ سَواءِ، ڪونِهي تُرَھو تارِ ۾.
[ سُر سھڻي، دھشت دام درياھَ، 6 ]
English Meaning
Noise, echo, fragrance.