ھَڏو جي سنڌي معنيٰ
جسم ۾ ڪنڊو، ھڏو، لڱ، عضوو، جسم اندر پڪو پختو عضوو
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Bone, osteon, ossicle
ھَڏو جا بيتن ۾ حوالا
پُڇي پاڙي وارِيُون، ڪوھُ ڪَرِيندو ڏَمُ،
ڪارِيءَ راتِ ڪُنَنِ ۾، اِيءُ ڪاڻِيارِنِ ڪَمُ،
ھِيءُ ھَڏو ۽ چَمُ، گهورِئو مُحِبَ ميھارَ تان.
[ سُر سھڻي، جيئري، ساھڙ ڌاران، 7 ]
ڪارِيءَ راتِ ڪُنَنِ ۾، اِيءُ ڪاڻِيارِنِ ڪَمُ،
ھِيءُ ھَڏو ۽ چَمُ، گهورِئو مُحِبَ ميھارَ تان.
[ سُر سھڻي، جيئري، ساھڙ ڌاران، 7 ]
مَٿو مَٿانئِي گهورِيان، مَٿو تو مَٿان،
ھَڏو ھِيءُ ھَٿِ ڪَري، جاجِڪَ وَھِلو جا،
تُون سين اَنِيراءِ، واچا ۾ وِلِهو ٿِيين.
[ سُر سورٺ، سائل گهُري سِر، 16 ]
ھَڏو ھِيءُ ھَٿِ ڪَري، جاجِڪَ وَھِلو جا،
تُون سين اَنِيراءِ، واچا ۾ وِلِهو ٿِيين.
[ سُر سورٺ، سائل گهُري سِر، 16 ]
اَصلِ عاشِقَنِ جو، سِرُ نَہ سانڍِڻُ ڪَمُ،
سَؤُ سِسِنِئان اَڳِرو، سَندو دوسان دَمُ،
ھِيءُ ھَڏو ۽ چَمُ، پِڪَ پِريان جِي نَہ پَڙي.
[ سُر ڪلياڻ، سُوري، ڪاتي ۽ زھر، 31 ]
سَؤُ سِسِنِئان اَڳِرو، سَندو دوسان دَمُ،
ھِيءُ ھَڏو ۽ چَمُ، پِڪَ پِريان جِي نَہ پَڙي.
[ سُر ڪلياڻ، سُوري، ڪاتي ۽ زھر، 31 ]
English Meaning
Bone, osteon, ossicle