ھَٿين جي سنڌي معنيٰ
ھٿن سان، ھٿن تي، ھٿن ۾. ھٿن.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
By hands, with hands, on hands
ھَٿين جا بيتن ۾ حوالا
ڪَچي ڪَٽُ نَہ جَهلِئو، ڀيلو سَھي نَہ ڀَرُ،
ھَٿين پيرين آڱُرِيين، ٻانھُنِ ڇڏِئو ٻَرُ،
ساھَڙَ سِگهو وَرُ، پييَسِ مُنھِن مَھِراڻَ جي.
[ سُر سھڻي، ترھو، ڪچو ۽ ڪنڀار، 17 ]
ھَٿين پيرين آڱُرِيين، ٻانھُنِ ڇڏِئو ٻَرُ،
ساھَڙَ سِگهو وَرُ، پييَسِ مُنھِن مَھِراڻَ جي.
[ سُر سھڻي، ترھو، ڪچو ۽ ڪنڀار، 17 ]
ھَٿين پيرين مُونَڙِيين، ھَلِج ساڻُ ھِنيَين،
عِشقُ آرِيءَ ڄامَ جو، نِباھي نِيين،
جان سِينءَ ٿِي جِيين، تَہ پاڙِجِ ڪو مَ پُنُوھَ سين.
[ سُر معذوري، منڌ ۽ موت، 14 ]
عِشقُ آرِيءَ ڄامَ جو، نِباھي نِيين،
جان سِينءَ ٿِي جِيين، تَہ پاڙِجِ ڪو مَ پُنُوھَ سين.
[ سُر معذوري، منڌ ۽ موت، 14 ]
ھَٿين پيرين مُونَڙِيين، سِرِجِ ساھِ پَساھَ،
ھوتُ گَڏُبِئِي حَبِ ۾، رَھبَرُ مَٿي راھَ،
جانۡ جانۡ ساڻُئِي ساھُ، تَہ پاڙِجِ ڪو مَ پُنُوھَ سين.
[ سُر معذوري، منڌ ۽ موت، 15 ]
ھوتُ گَڏُبِئِي حَبِ ۾، رَھبَرُ مَٿي راھَ،
جانۡ جانۡ ساڻُئِي ساھُ، تَہ پاڙِجِ ڪو مَ پُنُوھَ سين.
[ سُر معذوري، منڌ ۽ موت، 15 ]
ھَٿين پيرين مُونَڙِيين، ڪَھِجِ ڀَرِ قُدامَ،
وِچِ وَسِيلو ناھِ ڪو، اوري آرِيءَ ڄامَ،
ھِنيَين لاھي ھامَ، پاڙِجِ ڪومَ پُنهونءَ سين.
[ سُر معذوري، منڌ ۽ موت، 16 ]
وِچِ وَسِيلو ناھِ ڪو، اوري آرِيءَ ڄامَ،
ھِنيَين لاھي ھامَ، پاڙِجِ ڪومَ پُنهونءَ سين.
[ سُر معذوري، منڌ ۽ موت، 16 ]
ھَٿين پيرين مُونَڙِيين، ڪَھِجِ ڀَرِ ڪَپارَ،
مَتان ڇورِي ڇَڏِيين، پِريَتَڻِي پَچارَ،
توکي سَنَدَ سَسُئِي، سَندِي لَنئُن لَغارَ،
جَي ھُونِئِي ھوتَ ھَزارَ، تَہ پاڙِجِ ڪومَ پُنهونءَ سين.
[ سُر معذوري، منڌ ۽ موت، 17 ]
مَتان ڇورِي ڇَڏِيين، پِريَتَڻِي پَچارَ،
توکي سَنَدَ سَسُئِي، سَندِي لَنئُن لَغارَ،
جَي ھُونِئِي ھوتَ ھَزارَ، تَہ پاڙِجِ ڪومَ پُنهونءَ سين.
[ سُر معذوري، منڌ ۽ موت، 17 ]
ھَٿين پيرين مُونَڙِيين پُري پَنڌُ پَرَکُ،
قَدَمُ ڪيچَ ڌَڻِيَنِ ڏي، وِجُهہ وَڌَندِي وِکَ،
جي ھُونَئِي ھوتَنِ لَکَ، تَہ پَڙِجِ ڪومَ پُنهونءَ سين.
[ سُر معذوري، منڌ ۽ موت، 18 ]
قَدَمُ ڪيچَ ڌَڻِيَنِ ڏي، وِجُهہ وَڌَندِي وِکَ،
جي ھُونَئِي ھوتَنِ لَکَ، تَہ پَڙِجِ ڪومَ پُنهونءَ سين.
[ سُر معذوري، منڌ ۽ موت، 18 ]
سُھاڳُ پُڻ سَنبران، ڏُھاڳُ پُڻ ڏِٺومِ،
ھَي اَڀاڳي حالَ کي، ھَٿين ھارُ ڇُتومِ،
تِھان پوءِ ٿِئومِ، قَدُرُ ڪاڻِيارِنِ جو.
[ سُر ليلا، مڻيو چنيسر، ليلا سھاڳڻ، 18 ]
ھَي اَڀاڳي حالَ کي، ھَٿين ھارُ ڇُتومِ،
تِھان پوءِ ٿِئومِ، قَدُرُ ڪاڻِيارِنِ جو.
[ سُر ليلا، مڻيو چنيسر، ليلا سھاڳڻ، 18 ]
سُھاڳُ پِہ سَنبِران، ڏُھاڳُ پہ ڏِٺومِ،
سَرَتِيُون ڪَنھِن سَڀَاڳَ کي، ھَٿين ھارُ ڇُتومِ،
ڍيلي ڍولُ وِئومِ، سَندا جوڀَنَ ڏِينھَڙا.
[ سُر ليلا، مڻيو چنيسر، ليلا سھاڳڻ، 19 ]
سَرَتِيُون ڪَنھِن سَڀَاڳَ کي، ھَٿين ھارُ ڇُتومِ،
ڍيلي ڍولُ وِئومِ، سَندا جوڀَنَ ڏِينھَڙا.
[ سُر ليلا، مڻيو چنيسر، ليلا سھاڳڻ، 19 ]
جيڪَرَ ڀانيان اِيئَن، تَہ دِلِ مَٽِيندو داسَڙو،
تَہ سُوڙَه لَڳَندي سِينءَ، ھُوندَ ھَٿين ھارُ نَہ جَهلِيان.
[ سُر ليلا، ڏيئي جي ڏھاڳ، 3 ]
تَہ سُوڙَه لَڳَندي سِينءَ، ھُوندَ ھَٿين ھارُ نَہ جَهلِيان.
[ سُر ليلا، ڏيئي جي ڏھاڳ، 3 ]
ھَٿين ھَٿَ ڪَڙولَ، ھِينئَڙي پِئَمِ اُنِ سين،
سانگِي سارِئَمِ سُومَرا، ڍاٽِي پاسي ڍولَ،
ٻاٻاڻَنِ سين ٻولَ، ڪِئَمِ نَہ ڪوٽَ وِھَڻَ جا.
[ سُر مارئي، بندياڻي واجهائي وطن کي، 27 ]
سانگِي سارِئَمِ سُومَرا، ڍاٽِي پاسي ڍولَ،
ٻاٻاڻَنِ سين ٻولَ، ڪِئَمِ نَہ ڪوٽَ وِھَڻَ جا.
[ سُر مارئي، بندياڻي واجهائي وطن کي، 27 ]
English Meaning
By hands, with hands, on hands
ھَٿين ٻول جا زمرا