ھَمراھِي جي سنڌي معنيٰ
مددگاري، دوستي، سنگت، ساٿ، حمايت، مدد، واهر، پٺڀرائي.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Aid, assistance, help.
ھَمراھِي جا بيتن ۾ حوالا
جَڏھِن ساٿِيَنِ ٿي سَڏَ ڪِئا، ٻُڌَئِي نَہ ٻُوڙِي،
ھَمراھِي ھوتَنِ سين، تو جُودان نَہ جوڙِي،
پَلَئُہ پُنهونءَ ڄامَ جو، جَهلِيُئِي نَہ ڊوڙِي،
ناحَقُ نِدورِي، مَٿي راھَ رَڙِيُون ڪَرِيين.
[ سُر ديسي، جبل ڏي نہ جواب، 8 ]

آڻي لِکِئي لَنئُن لائِي، آئُون ڪا جوڙَ جَتَنِ جو،
ٻَڙِي جيڏِيُون، آئُون ڪا ڪُڙُمُ ڪيچِيَنِ جو،
ڪُھِي ڪَمِيڻِي ھَلِئا، ڪَھَلَ نَہ ڪِئائُون ڪائِي،
آئُون سُتِي ھُو ھَلِئا، ڏيرَ ڪَري وِئا ڏاڍائِي،
ڀينَرُ ھِنَ ڀَنڀورَ ۾، ڪونهي سُورَنِ ڀائِي،
پَسِي پَنھِنجا ڪَمَڙا، لالَڻَ آئُون لَڄائِي،
پورِھِيَتِ پُنهونءَ ڄامَ جِي، ڪيچِيَنِ ڪَمِ نَہ آئِي،
اُتي عَبدِالْلَطِيفُ چئَي، ھوتَ ڪَرِيو ھَمراھِي.
[ سُر ڪوھياري، وايون، 6 ]