ھَرَ رائِي جي سنڌي معنيٰ
ھلڪڙائي، ھيجڙائي، چِلولائي، سفلائي وغيرہ
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Mean, low level, low mannered
ھَرَ رائِي جا بيتن ۾ حوالا
ھَرَھَرَ ھَرَ رائِي وَڃَڻُ دَرِ دوسِتَنِ جي،
پاڙي ڏانھَن پِرِيَنِ جي، اُجُهہ مَ اَوائِي،
اَلَڙِ ٿِي مَ آڇِ تُون، واٽاڙُوئَن وائِي،
لائِيندِينءَ لَطِيفُ چئَي، سُوران سُرھائِي،
ڳُجهو ڳالَهائي، پِرتِ وَٽِجي پاڻَ ۾.
[ سُر يمن ڪلياڻ، پريم پاٺ، 1 ]
پاڙي ڏانھَن پِرِيَنِ جي، اُجُهہ مَ اَوائِي،
اَلَڙِ ٿِي مَ آڇِ تُون، واٽاڙُوئَن وائِي،
لائِيندِينءَ لَطِيفُ چئَي، سُوران سُرھائِي،
ڳُجهو ڳالَهائي، پِرتِ وَٽِجي پاڻَ ۾.
[ سُر يمن ڪلياڻ، پريم پاٺ، 1 ]
ھَرَ ھَرَ ھَٿُ مَ پاءِ، اِي ڳَنڍِ چُھِنڊِيءَ نَہ ڇُڙي،
ڪوڙيِين وِڌا ڪيتِرا، اِنَ وَرَ مَنجِهہ مُنجَھاءِ،
ھئَي ھئَي ڪَندا ھاءِ، اِتِ حاذِقَ ھَزارين وِئا.
[ سُر يمن ڪلياڻ، پريم پاٺ، 33 ]
ڪوڙيِين وِڌا ڪيتِرا، اِنَ وَرَ مَنجِهہ مُنجَھاءِ،
ھئَي ھئَي ڪَندا ھاءِ، اِتِ حاذِقَ ھَزارين وِئا.
[ سُر يمن ڪلياڻ، پريم پاٺ، 33 ]
مَٿي اُتي مُنھِنجي، جَي ھُونِ سِرَنِ سَؤُ ھَزارَ،
تَہ تُنھِنجِيءَ ساڻُ تَنوارَ، ھَرَ ھَرَ وَڍِيان ھيڪِڙو.
[ سُر سورٺ، حاضر آھي سِر، 14 ]
تَہ تُنھِنجِيءَ ساڻُ تَنوارَ، ھَرَ ھَرَ وَڍِيان ھيڪِڙو.
[ سُر سورٺ، حاضر آھي سِر، 14 ]
ڪانگا ڪِتابَتَ جِي، آندِيَئِي خُوبُ خَبَرَ،
لَسَ تَنھِن ۾ لِکِئا، دِلِاسا دِلبَرَ،
ھِينئَڙو مُون ھَرَ ھَرَ، واچِئو واچِئو وِندُري.
[ سُر پورب، ڪانگ، 30 ]
لَسَ تَنھِن ۾ لِکِئا، دِلِاسا دِلبَرَ،
ھِينئَڙو مُون ھَرَ ھَرَ، واچِئو واچِئو وِندُري.
[ سُر پورب، ڪانگ، 30 ]
کَرَ ٿو کَرايُون ڪَرِيين، ھَرَ ھَرَ ھَچارا،
پُورِيَئِي ڳَلِيُون پِرِيَنِ جُون، چَوڌارِي چارا،
مَرين مُنھَن ڪارا، سَڙِي اُنِهين سُورَ ۾.
[ سُر آسا، کَرُ ۽ حوصلو حيرت، 9 ]
پُورِيَئِي ڳَلِيُون پِرِيَنِ جُون، چَوڌارِي چارا،
مَرين مُنھَن ڪارا، سَڙِي اُنِهين سُورَ ۾.
[ سُر آسا، کَرُ ۽ حوصلو حيرت، 9 ]
ھَرَ ھَرَ ھوءِ ٻِئو، رَنگُ فاقِيري رُوحَ جو،
ڪَنھِن جَنھِن پاھِ پِئو، جِيئَن رچي رَنگِ سَڀَ ڪَنھِن.
[ سُر آسا، من، گولو ۽ جنڊ، 26 ]
ڪَنھِن جَنھِن پاھِ پِئو، جِيئَن رچي رَنگِ سَڀَ ڪَنھِن.
[ سُر آسا، من، گولو ۽ جنڊ، 26 ]
وِھُ مَ واٽَ وِرِچِي، ھو اَلا مِيان جي ڪَھَندِينءَ تي لَھَندِينءَ وو،
پيرَ پَٽائِين ڪُونئَرا، رائِي ڪِيَسِ رَچِي،
مُنھُن ڪَرِ مَعذُورِنِ ڏي، پُنهون ڄامَ پَرَچي،
مُون کي تَھِين مارِئو، جَتَنِ مُون کي جا چَئِي،
وِندُرَ واٽَڙِيُنِ تي، ڪانڌِي ٿِيندَمِ ڪيچِي،
ڪَنِي اَچِي ڪا ڪَھِي، ڪَنِي اَچِي ڪا چَئِي،
اَمُلَ ڀايان اُنَ کي، ساجَنَ مُون کي جا چَئِي.
[ سُر معذوري، وايون، 5 ]

اَڌَرَ نِڌَرَ اَڀَرِي، اوڳِي اَوائِي،
لاڳاپَنِ لَطِيفُ چئَي، مُنڌَ رائِي رَھائِي،
ڪانَہ ٽُھارِي ٽَڪَرين ساڻُسِ سَڳائِي،
جَلَڻُ جَڏائِي، آرِي لاھِ اَصِيلِ کي.
[ سُر معذوري، اڌر نڌر ۽ ھيڪلي، 4 ]
لاڳاپَنِ لَطِيفُ چئَي، مُنڌَ رائِي رَھائِي،
ڪانَہ ٽُھارِي ٽَڪَرين ساڻُسِ سَڳائِي،
جَلَڻُ جَڏائِي، آرِي لاھِ اَصِيلِ کي.
[ سُر معذوري، اڌر نڌر ۽ ھيڪلي، 4 ]
مُندَ ٿِي مَنڊَلَ وِڄِئا، تاڙي ڪَئِي تَنوارَ،
ھارِيُنِ ھَرَ سَنباھِيا، سَرَھا ٿِئا سَنگهارَ،
اَڄُ مُنھِنجي يارَ، وَسَڻَ جا ويسَ ڪِئا.
[ سُر سارنگ، بادل نيڻ ۽ مينھن، 17 ]
ھارِيُنِ ھَرَ سَنباھِيا، سَرَھا ٿِئا سَنگهارَ،
اَڄُ مُنھِنجي يارَ، وَسَڻَ جا ويسَ ڪِئا.
[ سُر سارنگ، بادل نيڻ ۽ مينھن، 17 ]
English Meaning
Mean, low level, low mannered