گَڏِجِي جي سنڌي معنيٰ
ھڪ مٺ ٿي، اتفاق سان، يڪ مشت ٿي
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Unitedly
گَڏِجِي جا بيتن ۾ حوالا
گَهنگَهرئا گَهڻَ ڄاڻَ، مُوڙِهِي مَتِ مَھائِيين،
وِئا گَڏِجِي وِيرِ ۾، پِئا مُنھِن مَھِراڻَ،
اَڳِئان پويان ٽاڻ، وِئا ويچارِيين وِسَرِي.
[ سُر گهاتو، ڪو جو قھر ڪلاچ ۾، 1 ]
وِئا گَڏِجِي وِيرِ ۾، پِئا مُنھِن مَھِراڻَ،
اَڳِئان پويان ٽاڻ، وِئا ويچارِيين وِسَرِي.
[ سُر گهاتو، ڪو جو قھر ڪلاچ ۾، 1 ]
وَحدَہٗ جٖي وَڍِئا، الاللهَ اَڌَ ڪِئا،
مُحَّمَدُ رَسُولُ چَئِي، مُسلِمانَ ٿِئا،
عاشِقَ عَبدِالْلَطِيفُ چئَي، اِنهين پَھِ پِئا،
جيلاھَ ڌَڻِي ڌُئا، تي وِئا وَحدَتَ گَڏِجِي.
[ سُر ڪلياڻ، يڪتائي، 8 ]
مُحَّمَدُ رَسُولُ چَئِي، مُسلِمانَ ٿِئا،
عاشِقَ عَبدِالْلَطِيفُ چئَي، اِنهين پَھِ پِئا،
جيلاھَ ڌَڻِي ڌُئا، تي وِئا وَحدَتَ گَڏِجِي.
[ سُر ڪلياڻ، يڪتائي، 8 ]
جِيارِيَسِ سَنڀارَ، ڪوھُ ڪَرِيندَمِ گَڏِجِي،
ويروتارِ وُجُودَ ۾، پِرِيَنِ جِي پَچارَ،
سَڄَڻَ ھُونِ نَہ ڌارَ، ھِيئَڙي ۾ حَلُ ٿِئا.
[ سُر سھڻي، مينھون، چاھڪ، کرڪن، 9 ]
ويروتارِ وُجُودَ ۾، پِرِيَنِ جِي پَچارَ،
سَڄَڻَ ھُونِ نَہ ڌارَ، ھِيئَڙي ۾ حَلُ ٿِئا.
[ سُر سھڻي، مينھون، چاھڪ، کرڪن، 9 ]
وِصالان وِچُ پِئو، ڦِرِي آءُ فِراقَ،
جي ٿي چِڪئَمِ چاڪَ، پِرِينءَ گَڏِجِي پُورِئا.
[ سُر حسيني، ٻاروچا، فراق ۽ وصال، 21 ]
جي ٿي چِڪئَمِ چاڪَ، پِرِينءَ گَڏِجِي پُورِئا.
[ سُر حسيني، ٻاروچا، فراق ۽ وصال، 21 ]
رُئان تان راندِ، کِلان تان کامي ھِنيُون،
جَهلِئان جِهيڻو نَہ ٿِئي، جو جَرُ نيڻين پاندِ،
اَکڙِيُون ويساندِ، پِرِينءَ گَڏِجِي ڪَندِيُون.
[ سُر حسيني، ووءِ ووءِ ڪرڻ ۽ روئڻ ، 22 ]
جَهلِئان جِهيڻو نَہ ٿِئي، جو جَرُ نيڻين پاندِ،
اَکڙِيُون ويساندِ، پِرِينءَ گَڏِجِي ڪَندِيُون.
[ سُر حسيني، ووءِ ووءِ ڪرڻ ۽ روئڻ ، 22 ]
ٻارَھين ڏِينھِن ٻَئِي، مَنَ مُرادُون پُنِيُون،
جوڳِي اِنَ جاٽا کي، ٿي سِڪِئا سَڀَيئِي،
سَمانا سيئِي، جٖي گُرَ گَڏِجِي آيا.
[ سُر رامڪلي، ڏھاڙي وارتا، 12 ]
جوڳِي اِنَ جاٽا کي، ٿي سِڪِئا سَڀَيئِي،
سَمانا سيئِي، جٖي گُرَ گَڏِجِي آيا.
[ سُر رامڪلي، ڏھاڙي وارتا، 12 ]
English Meaning
Unitedly