گَڏِئا جي سنڌي معنيٰ
ٺھيا، ھڪ ٿئا، مليا، سنوت ۾ آيا، ٺيڪ ٿيا، ساڻ ٿيا
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Met, became one, become set
گَڏِئا جا بيتن ۾ حوالا
ڪُٺِيَسِ ڪُويڄَنِ، تَنَ طَبِيبَ نَہ گَڏِئا،
ڏيئِي ڏَنڀَ ڏَڏَنِ، پاڻان ڏِيلُ ڏُکويو.
[ سُر يمن ڪلياڻ، ويڄ ۽ دارُون، 17 ]
ڏيئِي ڏَنڀَ ڏَڏَنِ، پاڻان ڏِيلُ ڏُکويو.
[ سُر يمن ڪلياڻ، ويڄ ۽ دارُون، 17 ]
ھِي ٻَہ ڳالِهڙِيُون، آئُون اورِيندِي پِرِينءَ سين،
گوشي پِرِين نَہ گَڏِئا، کَرَ سين مُون نَہ ڪِيُون،
ڳالِهيُون پِريَمِ تُنھِنجُون، وَڌِي وَڻَ ٿِيُون.
[ سُر کنڀات، وايون، 1 ]
گوشي پِرِين نَہ گَڏِئا، کَرَ سين مُون نَہ ڪِيُون،
ڳالِهيُون پِريَمِ تُنھِنجُون، وَڌِي وَڻَ ٿِيُون.
[ سُر کنڀات، وايون، 1 ]
آڇاڙا عَمِيقَ جا، گَڏِئا غَواصَنِ،
جُهڙِيُون جهاڳي آيا، ڪارُونڀارَ ڪُنَنِ،
سَمُنڊُ سوجهي جَنِ، آڻي اَمُلَ اولِئا.
[ سُر سريراڳ، سيوا ۽ سار، 14 ]
جُهڙِيُون جهاڳي آيا، ڪارُونڀارَ ڪُنَنِ،
سَمُنڊُ سوجهي جَنِ، آڻي اَمُلَ اولِئا.
[ سُر سريراڳ، سيوا ۽ سار، 14 ]
پَتَڻِ پوءِ پَچارَ، آن ڪي سِڙَه ويندا گَڏِئا،
اُڪَنڊَ مُون اَپارَ، شالَ مُنھِنجا موٽِئا.
[ سُر سامونڊي، ڳرڻ ۽ چنتا، 14 ]
اُڪَنڊَ مُون اَپارَ، شالَ مُنھِنجا موٽِئا.
[ سُر سامونڊي، ڳرڻ ۽ چنتا، 14 ]
بَھادُرَ گَڏِئا بَھادُرِين، کَڙڳَ کِلوِلِ ڪَنِ،
وِجَهنِ ڌَڙَ ڌَڙَنِ تي، ھاڪارِينِ ھَڻَنِ،
ڪِرَنِ ڪُونڌَ نَچَنِ، رِڻُ گَجِئو راڙو ٿِئو.
[ سُر ڪيڏارو، ڪربلا ۽ ڪارا ڪڪر، 14 ]
وِجَهنِ ڌَڙَ ڌَڙَنِ تي، ھاڪارِينِ ھَڻَنِ،
ڪِرَنِ ڪُونڌَ نَچَنِ، رِڻُ گَجِئو راڙو ٿِئو.
[ سُر ڪيڏارو، ڪربلا ۽ ڪارا ڪڪر، 14 ]
ڪامِلَ ڪَربَلا ۾، آيا جُنگَ جُوانَ،
بَھادُرَ گَڏِئا بَھادُرين، شيرَ وَڏي سان شانَ،
ڌَرَتِي ڌُٻِي لَرزِي، ٿَرٿَلِئا آسِمانَ،
ڪَرَھَ ھُئِي ڪانَہ، ھو نِظارو نِينھَن جو.
[ سُر ڪيڏارو، ڪامل ڪربلا ۾، 5 ]
بَھادُرَ گَڏِئا بَھادُرين، شيرَ وَڏي سان شانَ،
ڌَرَتِي ڌُٻِي لَرزِي، ٿَرٿَلِئا آسِمانَ،
ڪَرَھَ ھُئِي ڪانَہ، ھو نِظارو نِينھَن جو.
[ سُر ڪيڏارو، ڪامل ڪربلا ۾، 5 ]
ڇَپَرَ جِيئَن پَھُون، تِيئَن رِڻِ ڳِجُهون پييُون،
وَڪا وَڪَنِ گَڏِئا، ڊوڙِئو ڏِينِ ڊَھُون،
مَھايَنِ وَھُون، نِيۡرُ مَھانگو ڪَندِيُون.
[ سُر ڪيڏارو، ڳجهُون ۽ چنڊ، 5 ]
وَڪا وَڪَنِ گَڏِئا، ڊوڙِئو ڏِينِ ڊَھُون،
مَھايَنِ وَھُون، نِيۡرُ مَھانگو ڪَندِيُون.
[ سُر ڪيڏارو، ڳجهُون ۽ چنڊ، 5 ]
ھي جٖي ھَلِئا ھوتَ سُونھارا،
مُون نَہ وَھِيَڻا، پُنهونءَ سَڱِيڻا،
سَسُئِي پُڇي ساٿَ جا، اوطاقُون اوتارا،
ٽَلِيُون ٽُونئُرَ حَلَويُون، مَيَنِ سِرِ موچارا،
آن ڪي ويندا گَڏِئا، آرِياڻِي اِھپارا،
مُون کي نِيندا پاڻَ سين، ڪامِلَ ڪُرَ اُجارا.
[ سُر آبڙي، وايون، 1 ]

جُهوڙا جَنِ جُهلُنِ ۾، ھيري لَکَ ھَزارَ،
وِڙِھِئا واٽَ وَڻَنِ جا، پُنهونءَ کي پالارَ،
آن ڪي ويندا گَڏِئا، ايھِيءَ سِٽَ سُوارَ،
ويئِي ڪالَهہ قَطارَ، تُون آئِي اَڄُ نِھارِيين.
[ سُر ديسي، ڪيچان آيو قافلو، 22 ]
وِڙِھِئا واٽَ وَڻَنِ جا، پُنهونءَ کي پالارَ،
آن ڪي ويندا گَڏِئا، ايھِيءَ سِٽَ سُوارَ،
ويئِي ڪالَهہ قَطارَ، تُون آئِي اَڄُ نِھارِيين.
[ سُر ديسي، ڪيچان آيو قافلو، 22 ]
مُون کي جَنِي مارِئو، آن ڪي گَڏِئا سي،
تَنَ ۾ طاقَتَ ناھِ ڪا، اَدا اُنِين ري،
سُورُ سَلِتُمِ تي، جيلاھَ ڳالِهہ ڳَرِي ٿِي.
[ سُر ڪوھياري، لاچارگي ۽ ساھس، 6 ]
تَنَ ۾ طاقَتَ ناھِ ڪا، اَدا اُنِين ري،
سُورُ سَلِتُمِ تي، جيلاھَ ڳالِهہ ڳَرِي ٿِي.
[ سُر ڪوھياري، لاچارگي ۽ ساھس، 6 ]
English Meaning
Met, became one, become set