گهَٽِ جي سنڌي معنيٰ
ٿورو، ڪَسو، اوڻو، گهٽ، ھيڻو، اڻ پورو، ڪوتاھ، لاٺيرو. گهٽ قيمت وارو، ٿوري قيمت وارو، ھلڪي ناڻي وارو. گهٽ تور عيبدار، خاميءَ وارو، غير ڪافي ڪم.
ذريعو:جامع سنڌي لغات
English Meaning
Deficient, wanting, short, defective, insufficient, less, inferior.
آيو سو اُلَٽَ - (Antonym)
گهَٽِ جا بيتن ۾ حوالا
اَڳِئان اَڏِنِ وَٽِ، پويَنِ سِرَ سَنباھِئا،
ڪاٽِ تَہ پوءِ قَبُولَ ۾، مَڇُڻ ڀانيَين گهَٽِ،
مَٿا مَھايَنِ جا، پِئا نَہ پَسيين پَٽِ،
ڪَلاڙَڪي ھَٽِ، ڪُسَڻَ جو ڪوپُ وَھي.
[ سُر ڪلياڻ، سُوري، ڪاتي ۽ زھر، 17 ]
ڪاٽِ تَہ پوءِ قَبُولَ ۾، مَڇُڻ ڀانيَين گهَٽِ،
مَٿا مَھايَنِ جا، پِئا نَہ پَسيين پَٽِ،
ڪَلاڙَڪي ھَٽِ، ڪُسَڻَ جو ڪوپُ وَھي.
[ سُر ڪلياڻ، سُوري، ڪاتي ۽ زھر، 17 ]
مُون اُڀي تَڙَ وَٽِ، پِرِيَنِ پَڳَھَ ڇوڙِئا،
ڪا مُونھِين ۾ گهَٽِ، نَہ تَہ سَڄَڻَ سَٻاجها گهَڻو.
[ سُر سامونڊي، وايون وڃڻ جون، 5 ]
ڪا مُونھِين ۾ گهَٽِ، نَہ تَہ سَڄَڻَ سَٻاجها گهَڻو.
[ سُر سامونڊي، وايون وڃڻ جون، 5 ]
ويٺو آھي واٽَ تي، ڪُتو ڪُتِيءَ وَٽِ،
پَلَئَہ پانڌِيئَڙَنِ جا، چِيرِيو ڪَري چَٽُ،
جا گُلِرَ ۾ گهَٽِ، سا پونچِي ٿِي پورِي ڪَري.
[ سُر معذوري، ڪتا ۽ ڪوھ، 15 ]
پَلَئَہ پانڌِيئَڙَنِ جا، چِيرِيو ڪَري چَٽُ،
جا گُلِرَ ۾ گهَٽِ، سا پونچِي ٿِي پورِي ڪَري.
[ سُر معذوري، ڪتا ۽ ڪوھ، 15 ]
پُرِي پَتَنگَ آئِيا، سِرِي سَھائيءَ وَٽِ،
ڪَندا ڪانَہ گهَٽِ، مَٿو وِجَهندا مَچَ ۾.
[ سُر يمن ڪلياڻ، پتنگ ۽ باھ، 8 ]
ڪَندا ڪانَہ گهَٽِ، مَٿو وِجَهندا مَچَ ۾.
[ سُر يمن ڪلياڻ، پتنگ ۽ باھ، 8 ]
English Meaning
Deficient, wanting, short, defective, insufficient, less, inferior.