ڪِ جي سنڌي معنيٰ
ڇا، (سوالي لفظ) ڪو، ڪجهہ. ڪِينَ، ڪِي
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
What, when, why (interrogatory word)
ڪِ جا بيتن ۾ حوالا
ڪِ ڪِي ڪَڙِيان پيرَ، ڪِ ڪَڙَهان ڪيچَ ڌَڻِينِ کي،
اِيءُ ڏَنءُ ڏيئِي ڏيرَ، پاڻان پَراھان وِئا.
[ سُر آبڙي، ٿڪيائي ٿر ٿيلهہ، 18 ]
اِيءُ ڏَنءُ ڏيئِي ڏيرَ، پاڻان پَراھان وِئا.
[ سُر آبڙي، ٿڪيائي ٿر ٿيلهہ، 18 ]
لَڳُمِ نِينھُن نِيَڻِ سين، آئُون ڪِ نَہ ڄاڻان اِيئَن،
مُون ھِنيين سين ھِيئَنِ، اَئِين آرِيچا اُسَهو.
[ سُر ديسي، دانھُون ڪُوڪُون، 14 ]
مُون ھِنيين سين ھِيئَنِ، اَئِين آرِيچا اُسَهو.
[ سُر ديسي، دانھُون ڪُوڪُون، 14 ]
روجَهہ ڏِٺائِين راتِ، ڀانءِ ڪِ اوٺِي آيا،
ڪيچِيَنِ جي ڪَڙِي ٿِي، توءِ تَنِي جِي تاتِ،
ٻاروچاڻِي ذاتِ، مَنان مُئي نَہ وِسَري.
[ سُر ديسي، واٽُون ۽ سُور، 3 ]
ڪيچِيَنِ جي ڪَڙِي ٿِي، توءِ تَنِي جِي تاتِ،
ٻاروچاڻِي ذاتِ، مَنان مُئي نَہ وِسَري.
[ سُر ديسي، واٽُون ۽ سُور، 3 ]
ڄاتُمِ نَہ ڄاڻِي، تَہ ڪِ سانگِ ھَلَندا سُپِرِين،
آئُون ڪِيئَن ڇَڏِيان پانھِنجو اَدِيُون آرِياڻِي،
پاھَڻَ ۾ پاڻِي، ھاريُون ھارَڻُ آيو.
[ سُر آبڙي، سڀ ڪجهہ سندي اندر، 20 ]
آئُون ڪِيئَن ڇَڏِيان پانھِنجو اَدِيُون آرِياڻِي،
پاھَڻَ ۾ پاڻِي، ھاريُون ھارَڻُ آيو.
[ سُر آبڙي، سڀ ڪجهہ سندي اندر، 20 ]
ڄاڻِي جَي ڄاتومِ، تَہ ڪِ پُوندو فَلَقُ فِراقَ سين،
اَکَرُ اِرادَتَ جو، ڌُرِيائِين ڌوتومِ،
پوءِ تان ڪو نَہ ڪِيومِ، ڪَشالو ڪيچَ ڏي.
[ سُر آبڙي، سڀ ڪجهہ سندي اندر، 21 ]
اَکَرُ اِرادَتَ جو، ڌُرِيائِين ڌوتومِ،
پوءِ تان ڪو نَہ ڪِيومِ، ڪَشالو ڪيچَ ڏي.
[ سُر آبڙي، سڀ ڪجهہ سندي اندر، 21 ]
جَتَنُ ڪِجِ جَتَنِ جو، آيا ڪِ اِيندا،
پُنهون تُنھِنجو پاڻَ سين، وَٺِي سي ويندا،
دَمُ نَہ دَمِيندا، سِڌارِيندا ساڻيھَ ڏي.
[ سُر ديسي، جَت نہ مِٽَ، 8 ]
پُنهون تُنھِنجو پاڻَ سين، وَٺِي سي ويندا،
دَمُ نَہ دَمِيندا، سِڌارِيندا ساڻيھَ ڏي.
[ سُر ديسي، جَت نہ مِٽَ، 8 ]
ڀانيُمِ جٖي سَرواڻَ، تَہ ڪِ ڇُلائِيندا ڇَپَرين،
کانيَمِ ھُوندَ پَلاڻَ، اُٺَ گُڏايَمِ اُنِ جا.
[ سُر ديسي، اڱڻ مٿي اوپرا، 16 ]
کانيَمِ ھُوندَ پَلاڻَ، اُٺَ گُڏايَمِ اُنِ جا.
[ سُر ديسي، اڱڻ مٿي اوپرا، 16 ]
ڪِيَمِ نَہ سيڻَ سَھِي، تَہ ڪِ چُلائِيندا ڇَپَرين،
ٽِلِي ٽَڪَرِ چَڙِهئا، روڏا ڪَري رَئِي،
وِئَڙو ساٿُ وِھِي، تو نِنڊائِي نَہ لَھي.
[ سُر ديسي، اڱڻ مٿي اوپرا، 17 ]
ٽِلِي ٽَڪَرِ چَڙِهئا، روڏا ڪَري رَئِي،
وِئَڙو ساٿُ وِھِي، تو نِنڊائِي نَہ لَھي.
[ سُر ديسي، اڱڻ مٿي اوپرا، 17 ]
ووءِ ووءِ وِڏوڻا، ووءِ ووءِ وَڃَنِ نِڱِئا،
مُون سانگِياڻِيءَ جا سُپِرِين، سَچُ ڪِ سَنڀُوڙا،
لاٿُمِ نَہ توڙان، ماءَ اوسِيڙو اُنِ جو.
[ سُر حسيني، جِيئڻُ ۽ مَرڻُ، 4 ]
مُون سانگِياڻِيءَ جا سُپِرِين، سَچُ ڪِ سَنڀُوڙا،
لاٿُمِ نَہ توڙان، ماءَ اوسِيڙو اُنِ جو.
[ سُر حسيني، جِيئڻُ ۽ مَرڻُ، 4 ]
راتِ ڏِٺائِين روجَهہ، ڀانءِ ڪِ اوٺِي آيا،
پِريَتَڻي پِرِيَنِ جي، سِڪَڻَ ڪِي سَٻوجَهہ،
ھُئِي گهَڻو اَٻوجَهہ، سُورَنِ سُونھائِي سَسُئِي.
[ سُر ديسي، واٽُون ۽ سُور، 2 ]
پِريَتَڻي پِرِيَنِ جي، سِڪَڻَ ڪِي سَٻوجَهہ،
ھُئِي گهَڻو اَٻوجَهہ، سُورَنِ سُونھائِي سَسُئِي.
[ سُر ديسي، واٽُون ۽ سُور، 2 ]
English Meaning
What, when, why (interrogatory word)