ڪُسڻُ جي سنڌي معنيٰ
مارڻ. ماڻهوءَ جو جانور جو، قتل ٿيڻ، خون ٿيڻ. ڪسجڻ. حلال ٿيڻ، تڪبير پوڻ. مَرَڻ. قبول پوڻ.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
To be slaughtered, to die by the sword or knife.
ڪُسڻُ جا بيتن ۾ حوالا
پاٻُوھِيو پُڇَنِ، ڪِٿي ھَٿُ حَبِيبَ جو،
نيزي ھيٺان نِينھَن جَي، پاسي پاڻَ نَہ ڪَنِ،
عاشِقَ اَجَلَ سامُھان، اُوچي ڳاٽِ اَچَنِ،
ڪُسڻُ قُربُ جَنِ، مَرَڻُ تَنِ مُشاھِدو.
[ سُر ڪلياڻ، عشق ۽ معشوق، 16 ]
نيزي ھيٺان نِينھَن جَي، پاسي پاڻَ نَہ ڪَنِ،
عاشِقَ اَجَلَ سامُھان، اُوچي ڳاٽِ اَچَنِ،
ڪُسڻُ قُربُ جَنِ، مَرَڻُ تَنِ مُشاھِدو.
[ سُر ڪلياڻ، عشق ۽ معشوق، 16 ]
سَختِي شَھادَتَ جِي، مَلارُ مِڙيوئِي،
ذَرو ناھِ يَزِيدَ جو، آثارُ اُھوئِي،
ڪُسڻُ ھو ڪوئِي، اَصلِ اِمامَنِ سين.
[ سُر ڪيڏارو، ڏٺو محرم ماھ، 10 ]
ذَرو ناھِ يَزِيدَ جو، آثارُ اُھوئِي،
ڪُسڻُ ھو ڪوئِي، اَصلِ اِمامَنِ سين.
[ سُر ڪيڏارو، ڏٺو محرم ماھ، 10 ]
English Meaning
To be slaughtered, to die by the sword or knife.