ڪَڍِئو جي سنڌي معنيٰ
ڪڍي ڇڏيو، ٻاھر تڙيو
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Quit, put through out
ڪَڍِئو جا بيتن ۾ حوالا
تَڙي طَبِيبَنِ، گهايَلُ گهَران ڪَڍِئو،
چِڪِئا چاڪَ چِيھُون ڪَري، ڪَڙِيُون مُورُ نَہ ڪَن،
دوسِتَ دَرسَنَ تُنھِنجي، وِڌو ٺارُ ٺَپَنِ،
وِرِچِئو ويڄَ وَڃَنِ، آءُ تَہ پِريَمِ اُٿِيان.
[ سُر يمن ڪلياڻ، ويڄ ۽ دارُون، 23 ]

جَرَ گِهڙِيي جوکو ٿِئي، آئُون ڪِ نَہ ڄاڻان اِيئَن،
قَضا جَا ڪَرِيمَ جِي، تَنھِن کان ڪَنڌُ ڪَڍِئو ڪِيئَن،
ھِڪُ لِکِئي ٻِئو نِينھَن، آڻي اولِيَسِ اولَ ۾.
[ سُر سھڻي، تران، سڀت، ڏٺي ڏينھن، 22 ]

مُون کي ڏِنَڙو دوسِتَ دِلِاسو ڀَلو جيڏِيُون،
ڏِنَڙو يارَ دِلِاسو، جُڙِي آھِيان،
ھيڏانھَن ھوڏانھَن سُپِرِين، ڪيڏانھَن وارايان پاسو،
ھَنڌَ حَويلِيُون حُجرا، پِڙُ پِيراڻون خاصو،
سَيِّدُ سَڀَنِئان سُھِڻو، نُورُ نَبِيءَ جو خاصو،
جَنِ ڪَڍِئو تَنِ ڪوٺِئو، ٿِئَڙو لوڪَ تَماشو.
[ سُر بروو سنڌي، وايون، 4 ]

مُون کي ڪِينَرَ ڪَڍِئو، ڀَڃِي مَنجهان ڀِتِ،
ھُوءِ جٖي ھَيان ھِتِ، آئُون نَہ جِيئَندِي اُنِ ري.
[ سُر رامڪلي، آءٌ نہ جِيئندي ان ري، 14 ]

پَنوَھارَنِ پاٻُوھِيو، ڪِي وَسَ واھُوندَنِ،
لَٿو سِيءُ لَطِيفُ چئَي، ٻَڌو ڦَنُ ڦَرَنِ،
پائُرِ ڏِنِيُون پُٺِيُون، نَنڍَن نوراپَنِ،
عُمَرَ اُنَ اَگُوندَرِي، پاسي ڪانڌَ ڪَتَنِ،
اُوءِ ٿا ڪورِينِ ڪُؤَنرِي، سَرَتِيُون مَٿان سَسَنِ،
کائُرِ کَٿِيُون خاصِيُون، اوڄي اُتِ اَچَنِ،
ڪَڍِئو پيڻُ ڪَھَنِ، مَلِيرِ گُهرِجي مارُئِي.
[ سُر مارئي، مارُن ريت، پنھوارن پاٻوھيو، 7 ]