ڪَوَنرَ جي سنڌي معنيٰ
ڪنول جا گُل، نيلوفر. گل، گل ڦل لس. مکڙيون، ڪَليون.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Lotus flowers, flowers, floweret.
ڪَوَنرَ جا بيتن ۾ حوالا
جارو ھِنيُون ڪارو ڪَري، لُڙَ کان ٿِيءُ لاشَڪُ،
مَعرِفَتَ جو مَنَ ۾، سُوڌو پَڙُه سَبَقُ،
ھَنجَ پَرُوڙِجِ حَقُ، تَہ ماڻِيين ڪَوَنرَ ڪُلابَ جا.
[ سُر ڪارايل، پاڙون پاتار ۾، 16 ]
مَعرِفَتَ جو مَنَ ۾، سُوڌو پَڙُه سَبَقُ،
ھَنجَ پَرُوڙِجِ حَقُ، تَہ ماڻِيين ڪَوَنرَ ڪُلابَ جا.
[ سُر ڪارايل، پاڙون پاتار ۾، 16 ]
جارو ھِنيُون ڪارو ڪَري، پَکِيئَڙا پَرُوڙِ،
اُڏُرُ اَڇي سامُهُون، ماٺي چُڻُ نَہ مُورِ،
ڪوھُ نَہ گوھَرَ گَڏيِين، حاذِقَ حالُ حُضُورِ،
پَکِي پھرِين پُورِ، ماڻِيين ڪَوَنرَ ڪُلابَ جا.
[ سُر ڪارايل، پاڙون پاتار ۾، 17 ]
اُڏُرُ اَڇي سامُهُون، ماٺي چُڻُ نَہ مُورِ،
ڪوھُ نَہ گوھَرَ گَڏيِين، حاذِقَ حالُ حُضُورِ،
پَکِي پھرِين پُورِ، ماڻِيين ڪَوَنرَ ڪُلابَ جا.
[ سُر ڪارايل، پاڙون پاتار ۾، 17 ]
جارو ھِنيُون ڪارو ڪَري، چِلُڙَ ڏيجِ مَ چَسُ،
ٻَگهَنِ سين ٻيلَ ٻَڌِي، ڪُنبَ نِھارِ مَ ڪَسُ،
پَکِي سيئِي پَسُ، جَنِ ماڻِئا ڪَوَنرَ ڪُلابَ جا.
[ سُر ڪارايل، پاڙون پاتار ۾، 18 ]
ٻَگهَنِ سين ٻيلَ ٻَڌِي، ڪُنبَ نِھارِ مَ ڪَسُ،
پَکِي سيئِي پَسُ، جَنِ ماڻِئا ڪَوَنرَ ڪُلابَ جا.
[ سُر ڪارايل، پاڙون پاتار ۾، 18 ]
ڪَوَنرَ پاڙُون پاتارَ ۾، ڀَؤُنرَ ڀَري آڪاسِ،
ٻِنهِي سَندِي ڳالِهڙِي، رازِقَ آندِي راسِ،
تَنھِن عِشقَ کي شاباسِ، جَنھِن مُحبَتِي ميڙِئا.
[ سُر ڪارايل، پاڙون پاتار ۾، 34 ]
ٻِنهِي سَندِي ڳالِهڙِي، رازِقَ آندِي راسِ،
تَنھِن عِشقَ کي شاباسِ، جَنھِن مُحبَتِي ميڙِئا.
[ سُر ڪارايل، پاڙون پاتار ۾، 34 ]
ڪَوَنرَ پاڙُون پَتارَ ۾، ڀَؤُنرُ ڀِري ۾ سُڃَ،
ٻِنهِي سَندِي ڳالِهڙِي، عِشقَ اِي اُھِڃَ،
تَہ پُڻ مَرَنِ اُڃَ، جي پِيو پِيَنِ پاڻَ ۾.
[ سُر ڪارايل، پاڙون پاتار ۾، 35 ]
ٻِنهِي سَندِي ڳالِهڙِي، عِشقَ اِي اُھِڃَ،
تَہ پُڻ مَرَنِ اُڃَ، جي پِيو پِيَنِ پاڻَ ۾.
[ سُر ڪارايل، پاڙون پاتار ۾، 35 ]
English Meaning
Lotus flowers, flowers, floweret.