ڪاڻِ جي سنڌي معنيٰ
واسطي، کپ، حاجت، غرض، محتاجي، پرواه، لاچاري.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
For, reason, compulsion, for sake of.
ڪاڻِ جا بيتن ۾ حوالا
جَهرَڪِيُون ۾ جِيلانَ، ڪِيائُون مِيران جو مُجِرو،
جِتي غَوثُ بَھاؤالدِينُ، اُتِ مَرَڪِيُون ۾ مُلتانَ،
اَچِي اُچَ اُکَتِيُون، ڪِيائُون پُرِ پُراڻِ،
وِڄَڙِيُنِ مُنھَن ڪاڻِ، لاٿِي سِنڌُ وَڻَنِ کي.
[ سُر سارنگ، آگمجڻ، 15 ]
جِتي غَوثُ بَھاؤالدِينُ، اُتِ مَرَڪِيُون ۾ مُلتانَ،
اَچِي اُچَ اُکَتِيُون، ڪِيائُون پُرِ پُراڻِ،
وِڄَڙِيُنِ مُنھَن ڪاڻِ، لاٿِي سِنڌُ وَڻَنِ کي.
[ سُر سارنگ، آگمجڻ، 15 ]
جَنِي جهيڙِئو ھاڻِ، عَلِيءَ جي اولادَ سين،
مَهِندان پييَنِ ڪاڻِ، ٿِئا جَماعِتِي يَزيدَ جا.
[ سُر ڪيڏارو، عليءَ جو اولاد، 4 ]
مَهِندان پييَنِ ڪاڻِ، ٿِئا جَماعِتِي يَزيدَ جا.
[ سُر ڪيڏارو، عليءَ جو اولاد، 4 ]
پيھِي جانۡ پاڻَ ۾، ڪِيَمِ رُوحَ رِھاڻِ،
نَڪو ڏُونگَرَ ڏيھَ ۾، نَہ ڪا ڪيچِنِ ڪاڻِ،
پُنهون ٿِيَسِ پاڻِ، جانۡ سَسُئِي تان سُورَ ھُئا.
[ سُر آبڙي، سڀ ڪجهہ سندي اندر، 2 ]
نَڪو ڏُونگَرَ ڏيھَ ۾، نَہ ڪا ڪيچِنِ ڪاڻِ،
پُنهون ٿِيَسِ پاڻِ، جانۡ سَسُئِي تان سُورَ ھُئا.
[ سُر آبڙي، سڀ ڪجهہ سندي اندر، 2 ]
ھِيڪَلِيائِي ھاڻِ پُورِيندِيَسِ پُنهونءَ ڏي،
ليڙَنِ سين لَطِيفُ چئَي، پُوندِيَسِ پَنڌِ پَرياڻِ،
رُلِي ڇُلِي ڇَپَرين، ڪَنھِن پَرِ لاھِيان ڪاڻِ،
ڪَندِيَسِ ڪوھِيارَلِ سين، رُچِي رُوحَ رِھاڻِ،
آھِيان گهَڻو اَڄاڻِ، پَرَ سُورَ پِريان جا ساڻُ مُون.
[ سُر معذوري، اڌر نڌر ۽ ھيڪلي، 13 ]

اَدِيُون آئُون اَڄاڻِ، جَنھِن سَڱُ سُڃاڻِي نَہ ڪِئو،
ھُوندَ نَہ ڪَڍِيَمِ ھيتِريِ، ڪوھِيارِي جِي ڪاڻِ،
رَتِيءَ جي رِھاڻِ، جِيءُ اَڙايُمِ جَتَ سين.
[ سُر ديسي، وديسي وَرُ، 18 ]
ھُوندَ نَہ ڪَڍِيَمِ ھيتِريِ، ڪوھِيارِي جِي ڪاڻِ،
رَتِيءَ جي رِھاڻِ، جِيءُ اَڙايُمِ جَتَ سين.
[ سُر ديسي، وديسي وَرُ، 18 ]
ٻانِهيءَ ٻَنڌَڻُ جَنِ سان، اللهَ سيئِي آڻِ،
پِييَمِ جا پِرِيَنِ سين ، سا ڪَنھِن پَرِ لاھِيان ڪاڻِ،
آھِيان گهَڻو اَڄاڻِ، موٽُ مُنھِنجا سُپِرِين.
[ سُر ديسي، ڏيرن ناھي ڏوھ، 19 ]
پِييَمِ جا پِرِيَنِ سين ، سا ڪَنھِن پَرِ لاھِيان ڪاڻِ،
آھِيان گهَڻو اَڄاڻِ، موٽُ مُنھِنجا سُپِرِين.
[ سُر ديسي، ڏيرن ناھي ڏوھ، 19 ]
نِڪِرُ ڏُکِي ڏيھَ مان، غافِلُ ڪِيمَ گُذارِ،
مَحبُوبُ تَغان شَهرابُ تَغان، اُٿِي جَذو نِهارِ،
ليڙو دَزو بُختَگا، تانگهو تِنگها تاڻِ،
بُرغا پُنهونءَ ڪاڻِ، ڏُونگَرَ ڪُلِي ڏورِ سَفان.
[ سُر ديسي، ٻروچڪي ٻولي، 27 ]
مَحبُوبُ تَغان شَهرابُ تَغان، اُٿِي جَذو نِهارِ،
ليڙو دَزو بُختَگا، تانگهو تِنگها تاڻِ،
بُرغا پُنهونءَ ڪاڻِ، ڏُونگَرَ ڪُلِي ڏورِ سَفان.
[ سُر ديسي، ٻروچڪي ٻولي، 27 ]
اوجاڳو اَڄاڻِ، ڪِيئِي نَہ ڪَمِيڻِيَنِ جِيئَن،
آسارِي ايھِيءَ پَرِ، پَوي ڪيچِيَنِ سين ڪاڻِ،
ٻانِهي چائِيين پاڻِ، ٿِي سَڄِيُون راتِيُون سُمهين.
[ سُر ڪوھياري، نِدورِي نِنڊ، 15 ]
آسارِي ايھِيءَ پَرِ، پَوي ڪيچِيَنِ سين ڪاڻِ،
ٻانِهي چائِيين پاڻِ، ٿِي سَڄِيُون راتِيُون سُمهين.
[ سُر ڪوھياري، نِدورِي نِنڊ، 15 ]
اَمَڙِ وَڃِي آڻِ، چَرَکو آتَڻَ وِچَ مان،
ڪِتُمِ جَنھِن ڪاڻِ، سو ڪوھِيارو ڪيچِ وِئو.
[ سُر حسيني، ماءُ سان ڪلام ۽ ڪاوڙ، 8 ]
ڪِتُمِ جَنھِن ڪاڻِ، سو ڪوھِيارو ڪيچِ وِئو.
[ سُر حسيني، ماءُ سان ڪلام ۽ ڪاوڙ، 8 ]
لائي جَڙَ جَتَنِ سين، آئُون جا چَڙِھِي نِينھَن نظاري،
آئُون جا ڪُٺِيَسِ ڪاڻِ ڪوھِيارِي،
مَچُ مُھِنجي مَنَ تي، وِئو ٻاروچو ٻاري،
اِيندا اَٿَمِ آسِرو، واڳَ وِلِهِيءَ تي واري،
اُتي عَبدِالْلَطِيفُ چئَي، مُون چاتو عَشقُ اِزاري.
[ سُر حسيني، وايون، 7 ]