ڪاتُ جي سنڌي معنيٰ
وڍڻ ڇُرو، وڏي ڪاتي، خنجر، وڏو ڪَپُ. هٿيار جو هڪ قسم.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Large knife, dagger, butcher's cutting tool.
ڪاتُ جا بيتن ۾ حوالا
ڪَڏِھِين پَئِجي ڪَنُ تي، ڪَڏِھِين ٿِيجي واتُ،
ڪَڏِھِين ٿِيجي ٻَڪِرو، ڪَڏِھِين ٿِيجي ڪاتُ.
[ سُر معذوري، سُڻڻ، ٻُڌڻ ۽ مڃڻ، 5 ]

ڪوھِيارو ٿِي ڪاتُ، مُيُون مارَڻَ آيو،
ھوءِ مَرُ ھوتُ حَياتُ، آئُون مُيائِي تَہ خُوبُ ٿِي.
[ سُر حسيني، لَڪ لَڪيُون ۽ ڪُٺل، 26 ]

آسَڻَ وَٽِ آھُون ڪَرِيان، وَسِ نَہ مُنھِنجي واتُ،
لَڳُمِ لاھُوتِيَنِ جو، ڪِينَرَ مَنجهان ڪاتُ،
ھَلَڻَ کي ھَيھاتُ، آئُون نَہ جِيئَندِي اُنِ ري.
[ سُر رامڪلي، آءٌ نہ جِيئندي ان ري، 24 ]

راوَلُ رَھي نَہ راتِ، جيڏِيُون مُنھِنجو راوَلُ رَھي نَہ راتِ،
ڪوھُ ڪَرِيندِيَسِ ڪانڌَ ري، وِھاڻِيءَ پِرِڀاتِ،
مِٽَ نَہ مَعذُورِيَنِ جا، ڪا جَا جوڳِي ذاتِ،
لَڳُمِ لاھُوتِيَنِ جو، مَنجهان ڪِينَرَ ڪاتُ،
آيَلِ آديسِيَنِ جِي، آئُون مُٺِي مُلاقاتِ،
[ سُر رامڪلي، وايون، 9 ]
ڪوھُ ڪَرِيندِيَسِ ڪانڌَ ري، وِھاڻِيءَ پِرِڀاتِ،
مِٽَ نَہ مَعذُورِيَنِ جا، ڪا جَا جوڳِي ذاتِ،
لَڳُمِ لاھُوتِيَنِ جو، مَنجهان ڪِينَرَ ڪاتُ،
آيَلِ آديسِيَنِ جِي، آئُون مُٺِي مُلاقاتِ،
[ سُر رامڪلي، وايون، 9 ]
English Meaning
Large knife, dagger, butcher's cutting tool.
ڪاتُ ٻول جا زمرا