کَڻي جي سنڌي معنيٰ
مٿي ڪري، چاڙهي، چڙهتي ڏيي. نِئي، ڍوئي، کڻي وڃي. مٿي ڪري، سوري. کڙو ڪري، وڌائي، کڻي وٺي.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
To be expended, to consume away, have a ready sale, to be wearied with labor. To be needful, wanting, required. To be peevish, fretful. (v. a) To nick, cut a nick, notch.
کَڻي جا بيتن ۾ حوالا
جيڏانھَن قاتِلَ ڪُلَ، اَکِيُون اوڏانھِين کَڻي،
مَٿو ڪَنِ نَہ مُلَ، پِڪَ بَرابَرِ پانھِنجو.
[ سُر يمن ڪلياڻ، سري پيالو ۽ موکي متارا، 5 ]

جيڏانھَن قاتِلَ ڪوڙَ، اَکِيُون اوڏانھِين کَڻي،
وِھُ تَنِي جي ووڙَ، جَنِي سانگُ نَہ ساھَ جو.
[ سُر يمن ڪلياڻ، سري پيالو ۽ موکي متارا، 6 ]

وَڏَپَڻُ ۽ واءُ، ڪَرَھي کاڏو کوڙِئو،
ساڻُو ٿِيُسِ ساھُ، ھاڻي پَلاڻُ ئِي نَہ کَڻي.
[ سُر کنڀات، ڪرھو، چانگو، اٺ، 20 ]

وَسي سارِي راتِ، صُبوحَ جو ساھُ کَڻي،
مَنجهيئِي مِينھُن پِرِيَنِ جو، جَي تَنَ ۾ ھوئي تاتِ،
وِھاڻِيءَ پِرِڀاتِ، بادَلُ بَسِ نَہ ڪَري.
[ سُر سارنگ، بادل نيڻ ۽ مينھن، 11 ]

موٽِي مانڊاڻَنِ جي، ڀَري ڪِئائِين ڀَرَ،
وِڄُون وَسَڻَ آيُون، ڪِوڏاَن کَڻي ڪَرَ،
مينھِيُون پاڻَمُرادِيُون، ٿَڌا چَرَنِ ٿَرَ،
وَڏِيءَ ويلَ آيُون، پُٺِيءَ لائي ڦَرَ،
ساڙِھي اَچَنِ سامُهِيُون، ڏِينِ کِيرَ سُٻَرَ،
ساڻُ وانڊِنِ وَرَ، پِرِين پَرَچَنِ ڪَڏِھِين.
[ سُر سارنگ، ڌرتي ڍُري، 2 ]

آءُ اوراھُون سُپِرِين، وَڃُ مَ اَڳاھُون،
ٿَڪِي کَڻي ٿَرَنِ ۾، ٻاڪارِئو ٻانھُون،
دَردَ جُون دانھُون، مُون مارِيندِيُون موٽُ تُون.
[ سُر آبڙي، آءُ اوراھون، ناھ جميعت، 1 ]

جيڏِيُون جاجَڙَ لائِي، جِيءَ جَتَنِ سين،
سا سَرَتِيُون سِيباڻِئامِ، تَنھِن جِيئَڻُ جالَ ڪِئومِ،
مَھَرَ جا مَيَنَ جِي، سَنجهي ھَٿِ ھُيامِ،
صُبحِ سُتي سُکَ ۾، ويسَلي وِئامِ،
ڪِيھُون ڪوھَنِ پَٽِيين، ڪُوڪُون جَمازانِ،
ھوتاڻِي ھَٿُ کَڻي مَنَ پُنهون پِيادِيانِ،
ھَڪَل ھوتَ پُنهونءَ جِي، سَڳَرَ ۾ سُيامِ،
ڏورِيندي ۾ ڏُونگَرين، ٿاھَرَ ٿوڀَ ٿِئام،
ڪوڙيِين ڀالَ پُنهونءَ جا، گَنجي مَنجِهہ گُهرِيامِ،
سُتي سَنگهَر پَٽِيين، جَنھِن سِگهَڙِي سارَ لَڌِيام،
وِلِهُون ويلا ڇَپَرين، ڪارَڻِ جَنِ ڪِئامِ،
موٽِي ماءُ ڀَنڀورَ ۾ اَڱَڻِ سي آيامِ.
[ سُر معذوري، وايون، 3 ]

آئُون نَہ گَڏِي پِرِينءَ کي، عُمِرِ تان ويئِي،
وِلِهِيءَ ڏِينھَن وِڃائِيا، سَرَتِيُون سَڀَيئِي،
پيرِيءَ ۾ پيئِي، اَکِيُون آرِيءَ ڏي کَڻي.
[ سُر معذوري، نہ گڏجڻ ۽ وڻين چڙهڻ، 6 ]

بَرُ وَڏو بارِ گَهڻي، ويجهو نَہ وَڻِڪارُ،
ليڙَنِ جو لَطِيفُ چئَي، کَنيو مُنڌَ مَدارُ،
وَڻَندُنِ تَہ وَرِ ڪَندا، تَہ اَڳِيَنِ جي اِختِيارِ،
ڪيٿي ٿِئو ڪوھِيارُ، ڪيٿي ٿِي ھَٿَ کَڻي.
[ سُر ديسي، اوٺي اُٻھرا، 8 ]

پيئِي کَڻي پَساھَ، ڏُکِي ڏيِئي وَٽِ جِيئَنِ،
اَڄُ ڪِي سَنجِهہ صَباحَ، ڪي چُوندا تَہ مُنڌَ مُئِي.
[ سُر حسيني، وڳ قطارون ۽ ڪاروُن، 34 ]