کائي جي سنڌي معنيٰ
ڪنھن شيءِ کي وات ۾ چٻاڙي ڳھي، مِٽائي، اُڏائي، وڃائي، کوهي، کپائي، کائي کپائي ڇڏي، هضم ڪري. چٻاڙي. چڪ وجهي، ڏنگي، چڪ پائي، ڏنگي، ڪَکَي، ڊاهي،
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
To eat, bite, sting. To wash away as the river does the bank, to wear or consume by attrition. To suffer, endure. s. m. Food, a meal.
کائي جا بيتن ۾ حوالا
جِيئَن ڄيرو کائي ڄَرَ سين، عِشقُ اِيئَن ڪَري،
اَڃا پِرتِ پَري، ڳالِهہ نَہ ڳالِهيُنِ جِھَڙِي.
[ سُر يمن ڪلياڻ، سري پيالو ۽ موکي متارا، 4 ]

صُورَتَ گهَڻو سُهڻا، ٽاڻا سَندَنِ ٽُوھَ،
ريلو ڏيئِي رُوحَ، جو کائي سو کامِي مَري.
[ سُر بروو سنڌي، صُورت فانِي ۽ مڙه مقام، 9 ]

آدِمِيَنِ اِخلاصُ، مَٽائي ماٺو ڪِئو،
ڪَڏِھِين کائي ڪو نَڪو، سَندو ماڻُهوءَ ماسُ،
دِلبَرَ ھِنَ دُنِيا ۾، وَڃِي رَھندو واسُ،
ٻِئو سَڀَ لوڪُ لِباسُ، ڪو ھِڪدِلِ ھُوندو ھِڪِڙو.
[ سُر بروو سنڌي، دل جو دلبر، 6 ]

بابُو بيکارِي ٿِئا، اَڄُ نَہ آسَڻَ وَٽِ،
خُودِي کائي ھَلِئا، پيرَ لايائُون پَٽِ،
ھئَي ھئَي جَنِي ھَٽِ، آئُون نَہ جِيئَندِي اُنِ ري.
[ سُر رامڪلي، آءٌ نہ جِيئندي ان ري، 25 ]

ڪِي اُنِهين ۾ آھي، ھُوءِ جي جُهونا پَسِجَنِ جُهوپَڙا،
ڌارِيا ڀانئِينِ ڌارِيُون، پاڻَ پِرِينءَ سين کائي،
اِنَ دَرِ سيئِي اَگهِئا، جَنِ کي ڪونَہ چِتائي،
پَنھِنجُون ڇَڏي پُٺِ ۾، رِڙُھ اُنِهيءَ جي راھي،
خِذمَتَ ڪَرِ خُلقَ سين، پاندُ ڳِچِيءَ ۾ پائي،
اِنَ اولِيَآئِي تَحتَ قَبَآئِي ، پَنھِنجا پاڻَ پَراھي،
لايَعرِفُهُم غَيرِی ، پَرَ کي ڪِينَ پَسائي.
[ سُر آسا، وايون، 8 ]

لوئِيءَ ۾ لائُون، مُون مارُوءَ سين لَڌِيُون،
اَوَلِ نانءُ اللهَ جو، مِڙِنِئان مَٿاهُون،
سا ڪِيئَن کائي کارِڪُونَ، جَنھِن کي ڏَنئُرا ڏيجُ ڏِنائُون،
ڪِيئَن پَٽُ پَرَهِيان، عُمَرَ جو آئُون،
سونَ بَرابَرِ سَڳَڙا، ٻانھُنِ ٻَڌائُون،
کِھَہ مانڌاڻِي مَکِڻِي، قُوتُ جَنِ جو سائُون،
عُمَرَ تي زورو ڪَري، جيلاھَ راڄُ اَڳاهُون،
کاڄُ کَٿيرِنِ سُرَهو، سَڱَرُ ۽ سائُون.
[ سُر مارئي، وايون، 13 ]

ھُو چوِنِئِي تُون مَ چَئُہ، واتان وَرائي،
اَڳھَيِن اَڳِرائِي جَو ڪَري، خَطا سو کائي،
پاندَ ۾ پائي، نِيو ڪِيني واري ڪِينَ ڪي.
[ سُر يمن ڪلياڻ، پريم پاٺ، 20 ]