ڏاڏاڻا جي سنڌي معنيٰ
ڏاڏي جا، ڏاڏي جي رشتي وارا، اباڻا، ڏاڏي جي آڪھ جا، ڏاڏاڻڪا.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Of or related to grand father.
ڏاڏاڻا جا بيتن ۾ حوالا
حَسَنَ مِيرَ حُسينَ جِي، سُئِي جَنگِ جھانَ،
اُڏاڻا اُورِ ڪَري، ڪارين پَکِين ڪانَ،
پِيءُ ڏاڏاڻا پاڻَ، سَيِّدَ سَڀَ مَلهائِيا.
[ سُر ڪيڏارو، عليءَ جو اولاد، 10 ]
اُڏاڻا اُورِ ڪَري، ڪارين پَکِين ڪانَ،
پِيءُ ڏاڏاڻا پاڻَ، سَيِّدَ سَڀَ مَلهائِيا.
[ سُر ڪيڏارو، عليءَ جو اولاد، 10 ]
مِڙِي مُنڌَ ڏي آيُون، سَرَتِيُون سَڀَيئِي،
وَتَوَاْصَوْاْ بِٱلْحَقِّ وَتَوَاصَوْاْ بِٱلصَّبْرِ، ھوءِ تُون ھِتيئِي،
نَہ تو سَڱَ نَہ سَڱِيڻا، نَہ ڏاڏاڻا ڏيھِي،
تَنِي کي روئِي، جَڏو ڪِيُئِي جَمالَ کي.
[ سُر ديسي، اوٺي اُٻھرا، 2 ]
وَتَوَاْصَوْاْ بِٱلْحَقِّ وَتَوَاصَوْاْ بِٱلصَّبْرِ، ھوءِ تُون ھِتيئِي،
نَہ تو سَڱَ نَہ سَڱِيڻا، نَہ ڏاڏاڻا ڏيھِي،
تَنِي کي روئِي، جَڏو ڪِيُئِي جَمالَ کي.
[ سُر ديسي، اوٺي اُٻھرا، 2 ]
سيئِي تو شَڪُون تَڪِيا، سيئِي وِڇاڻا،
پَسِئو پَرَ پَچي ھِنيُون، حَبِيبَنِ ھاڻا،
ھِڪُ ڏُونگها ڏاڏاڻا، ٻِئو موٽِئو تان نَہ مَينڌَرو.
[ سُر راڻو، رُس مَ رُسڻ گهورئو، 6 ]
پَسِئو پَرَ پَچي ھِنيُون، حَبِيبَنِ ھاڻا،
ھِڪُ ڏُونگها ڏاڏاڻا، ٻِئو موٽِئو تان نَہ مَينڌَرو.
[ سُر راڻو، رُس مَ رُسڻ گهورئو، 6 ]
جَو ڏيھَ ڏاڏاڻا آيو، ڏِنُمِ تَنھِن طَعنو،
پائي ويھُ مَ پَلَنگين، ڳِچِيءَ سِرِ ڳانو،
مَٿان لَڪَ لَطِيفُ چئَي، کاءُ مَ خَرانو،
سَرَتِنِ سِيلُ چَوايو، جورِ ھَڻِي جانو،
تو سَڏُ سَمانو، حَرَفَ لَٿي ھيڪَڙي.
[ سُر مارئي، ڏيھ ڏاڏاڻي جي خبر، 2 ]
پائي ويھُ مَ پَلَنگين، ڳِچِيءَ سِرِ ڳانو،
مَٿان لَڪَ لَطِيفُ چئَي، کاءُ مَ خَرانو،
سَرَتِنِ سِيلُ چَوايو، جورِ ھَڻِي جانو،
تو سَڏُ سَمانو، حَرَفَ لَٿي ھيڪَڙي.
[ سُر مارئي، ڏيھ ڏاڏاڻي جي خبر، 2 ]
جٖي هِتِ گَهارِئَمِ ڏِينھَڙا، وَطَنَ ريءَ ويھِي،
مارُو ڏِيندَمِ مُنھَن ۾، ڏاڏاڻا ڏيھِي،
پَکَنِ مَنجِهہ پيھِي، شَلَ مَحَلنِ جِي مَرُ ڌُئان.
[ سُر مارئي، جھ سي لوڙائو ٿئا، 4 ]
مارُو ڏِيندَمِ مُنھَن ۾، ڏاڏاڻا ڏيھِي،
پَکَنِ مَنجِهہ پيھِي، شَلَ مَحَلنِ جِي مَرُ ڌُئان.
[ سُر مارئي، جھ سي لوڙائو ٿئا، 4 ]
English Meaning
Of or related to grand father.