ڍولا جي سنڌي معنيٰ
ڍول، محبوب، معشوق، پيارا، وڻندڙ، دل گهريا دوست.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Beloved, love, lovely friend, sweetheart.
ڍولا جا بيتن ۾ حوالا
اوڇَڻُ گُهرِجي آجِڪو، جُهوپو سَھي نَہ سِيءُ،
سُڻائيجِ سُوَڙَ کي، حالُ مُنھِنجو ھِيءُ،
اَڱَڻِ آيو ٿِيءُ، تَہ ڍولا ڪَنھِن ڍَنگِ ٿِيان.
[ سُر سارنگ، سيڪارا سارنگ، 2 ]
سُڻائيجِ سُوَڙَ کي، حالُ مُنھِنجو ھِيءُ،
اَڱَڻِ آيو ٿِيءُ، تَہ ڍولا ڪَنھِن ڍَنگِ ٿِيان.
[ سُر سارنگ، سيڪارا سارنگ، 2 ]
مُون جُهڙُ ڏِٺو اُڀَ ۾، ڍولا لَڏَ مَ لاھِ،
اَچَنِ آبُ اَڳي ڪِئو، وِڄُون اُتَرَ واءِ،
ڇَنَ ڇَڏي پَٽِ پاءِ، اَڏِ اُتاھِينءَ پَکَڙو.
[ سُر سارنگ، سيڪارا سارنگ، 16 ]
اَچَنِ آبُ اَڳي ڪِئو، وِڄُون اُتَرَ واءِ،
ڇَنَ ڇَڏي پَٽِ پاءِ، اَڏِ اُتاھِينءَ پَکَڙو.
[ سُر سارنگ، سيڪارا سارنگ، 16 ]
جَي مُنھَن ۾ مَدِيُون نَہ ڏيِين، تو ۾ ٻَڌِيَسِ تي،
ڍولا جٖي ڍَڪيَئي، سي مَڇُڻ عَيبَ اَپَٽِيين.
[ سُر راڻو، سوڍي صبر ۽ ڍولي ڍَڪِي، 21 ]
ڍولا جٖي ڍَڪيَئي، سي مَڇُڻ عَيبَ اَپَٽِيين.
[ سُر راڻو، سوڍي صبر ۽ ڍولي ڍَڪِي، 21 ]
جَي مُنھَن ۾ مَدِيُون نَہ ڏيِين، تو ۾ ٻَڌِياسِ،
سوڍا اِنَ سُھاڳَ کي، ويٺي واجهاڻِياسِ،
ڍولا تو ڍَڪِياسِ، ڏيئِي پاندُ پَناھَ جو.
[ سُر راڻو، سوڍي صبر ۽ ڍولي ڍَڪِي، 22 ]
سوڍا اِنَ سُھاڳَ کي، ويٺي واجهاڻِياسِ،
ڍولا تو ڍَڪِياسِ، ڏيئِي پاندُ پَناھَ جو.
[ سُر راڻو، سوڍي صبر ۽ ڍولي ڍَڪِي، 22 ]
راڻا ھُيَسِ رِيءُ، تو سائِينءَ مُون سونُ ڪِئو،
مُنھِنجي مَدايُنِ جو، حالُ اَٿيئِي ھِيءُ،
ڍولا ڍَڪَڻُ ٿِيءُ، ڪامِلَ ڪَچايُنِ جو.
[ سُر راڻو، سوڍي صبر ۽ ڍولي ڍَڪِي، 25 ]
مُنھِنجي مَدايُنِ جو، حالُ اَٿيئِي ھِيءُ،
ڍولا ڍَڪَڻُ ٿِيءُ، ڪامِلَ ڪَچايُنِ جو.
[ سُر راڻو، سوڍي صبر ۽ ڍولي ڍَڪِي، 25 ]
تُون ڍاٽِي ڍَٽَ ڌَڻِي، ڍولا تُنھِنجو ڍَٽُ،
پائِي تُراڙي توريان، تَہ مُلڪُ نَہ تُنھِنجو مَٽُ،
لاھي ڪَسَرَ ڪَٽُ، کوڙِ قَناتُون ڪاڪِ ۾.
[ سُر راڻو، راڻو راحت، رُٺو ڪاڪ، 2 ]
پائِي تُراڙي توريان، تَہ مُلڪُ نَہ تُنھِنجو مَٽُ،
لاھي ڪَسَرَ ڪَٽُ، کوڙِ قَناتُون ڪاڪِ ۾.
[ سُر راڻو، راڻو راحت، رُٺو ڪاڪ، 2 ]
پائي آيَسِ پاندَ ۾، سوڍا سَڀَيئِي،
ڍولا ڍَڪِجِ اِي، مَڇُڻ عَيبَ اُپَٽِيين.
[ سُر راڻو، ڪاڪ قاصد ۽ آسڻ، 21 ]
ڍولا ڍَڪِجِ اِي، مَڇُڻ عَيبَ اُپَٽِيين.
[ سُر راڻو، ڪاڪ قاصد ۽ آسڻ، 21 ]
ڍولا ڪُڄاڙِئا، ٻُولايو ٻوڏُ چَئِين،
آئُون تو پيراندِيان، ڪَرَ موڙِئو وَرَ اُٿِيان.
[ سُر ليلا، مڻيو چنيسر، ليلا سھاڳڻ، 34 ]
آئُون تو پيراندِيان، ڪَرَ موڙِئو وَرَ اُٿِيان.
[ سُر ليلا، مڻيو چنيسر، ليلا سھاڳڻ، 34 ]
ڍولا اولا نَہ سَھان، آڏا اڏِيَئِي جي،
ڪانڌَ ڪَمِيڻِيءَ کي، نيئِي وِھارِجِ وِچَ ۾.
[ سُر ليلا، مڻيو چنيسر، ليلا سھاڳڻ، 35 ]
ڪانڌَ ڪَمِيڻِيءَ کي، نيئِي وِھارِجِ وِچَ ۾.
[ سُر ليلا، مڻيو چنيسر، ليلا سھاڳڻ، 35 ]
ڍولا اولا نَہ سَھان، آڏا اَڏِيَئِي جي،
تو وَرَ وَھُون ڪيتِريُون، مُون وَرُ تُون وَري،
پِرتَئُون پيرَ ڀَري، مَلَهائيجِ مِسڪِينِ کي.
[ سُر ليلا، مڻيو چنيسر، ليلا سھاڳڻ، 36 ]
تو وَرَ وَھُون ڪيتِريُون، مُون وَرُ تُون وَري،
پِرتَئُون پيرَ ڀَري، مَلَهائيجِ مِسڪِينِ کي.
[ سُر ليلا، مڻيو چنيسر، ليلا سھاڳڻ، 36 ]
English Meaning
Beloved, love, lovely friend, sweetheart.