ڌَري جي سنڌي معنيٰ
رکي، لاھي، وڍي، ڪپي
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا - ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Keep, put, cut
ڌَري جا بيتن ۾ حوالا
جِيئَن سي ھَرَڻُ ھُماءُ، سَرگَردان سَنسارَ ۾،
ھُو پَڳُ نَہ ڌَري پَٽِيين، ھِيءُ ڌَرۡ سِر ڌَري نَہ ساھُ،
جيڪُسِ تَنِ مُلا، سَسُئِيءَ سُورُ پِرايو.
[ سُر ديسي، واٽُون ۽ سُور، 1 ]
ھُو پَڳُ نَہ ڌَري پَٽِيين، ھِيءُ ڌَرۡ سِر ڌَري نَہ ساھُ،
جيڪُسِ تَنِ مُلا، سَسُئِيءَ سُورُ پِرايو.
[ سُر ديسي، واٽُون ۽ سُور، 1 ]
سُورِي سَڏُ ڪَري، اُڀِي عاشِقَنِ کي،
اَٿيئِي سَڌَ سِڪَڻَ ۾، تَہ ڪَھُ مَ پيرُ پَري،
سِسِي ڌارَ ڌَري، پُڇِجِ پوءِ پِريَتڻُون.
[ سُر ڪلياڻ، سُوري، ڪاتي ۽ زھر، 4 ]
اَٿيئِي سَڌَ سِڪَڻَ ۾، تَہ ڪَھُ مَ پيرُ پَري،
سِسِي ڌارَ ڌَري، پُڇِجِ پوءِ پِريَتڻُون.
[ سُر ڪلياڻ، سُوري، ڪاتي ۽ زھر، 4 ]
ڪاتِي جَنِ ڳَري، مانۡ لَنئُن لَڳو تَنِ سين،
مَحَبتَ جي مَيدانَ ۾، وَڃان پيرَ ڀَري،
اَڏِيءَ سِرُ ڌَري، مانَ ڪُھنِھُون سُپِرِين.
[ سُر ڪلياڻ، سُوري، ڪاتي ۽ زھر، 16 ]
مَحَبتَ جي مَيدانَ ۾، وَڃان پيرَ ڀَري،
اَڏِيءَ سِرُ ڌَري، مانَ ڪُھنِھُون سُپِرِين.
[ سُر ڪلياڻ، سُوري، ڪاتي ۽ زھر، 16 ]
سِرُ سانڌاڻِ ڪَري، پُڇِجِ گهَرُ لُھارَ جو،
ڌَڪَنِ ھيٺِ ڌَري، مانَ گَڏينِئِي رُڪَ سين.
[ سُر يمن ڪلياڻ، باھ ۽ ساڙو، 20 ]
ڌَڪَنِ ھيٺِ ڌَري، مانَ گَڏينِئِي رُڪَ سين.
[ سُر يمن ڪلياڻ، باھ ۽ ساڙو، 20 ]
ايڪُ پِيالو ٻَہ ڄَڻا، عِشقُ نَہ اَڌَ ڪَري،
آٽِي سي ايڪُ ٿِئا، کَتا نِينھَن کَري،
دُوئِي ڌارَ ڌَري، جُھ خُلَتَ خَنجَرُ آيو.
[ سُر يمن ڪلياڻ، سري پيالو ۽ موکي متارا، 2 ]
آٽِي سي ايڪُ ٿِئا، کَتا نِينھَن کَري،
دُوئِي ڌارَ ڌَري، جُھ خُلَتَ خَنجَرُ آيو.
[ سُر يمن ڪلياڻ، سري پيالو ۽ موکي متارا، 2 ]
دَھشَتَ دامَ دَرياھَ ۾، جِتِ ڪَڙَڪا ڪُنُ ڪَري،
توڏِي تاڪُنِ وِچَ ۾، وِيرِنِ مَنجِهہ وَري،
آءُ ساھَڙَ مُنھِنجا سُپِرِين، پِرتان پيرَ ڀَري،
ھادِي ھَٿَ ڌَري اُونِهي مان اُڪارِيين.
[ سُر سھڻي، دھشت دام درياھَ، 9 ]
توڏِي تاڪُنِ وِچَ ۾، وِيرِنِ مَنجِهہ وَري،
آءُ ساھَڙَ مُنھِنجا سُپِرِين، پِرتان پيرَ ڀَري،
ھادِي ھَٿَ ڌَري اُونِهي مان اُڪارِيين.
[ سُر سھڻي، دھشت دام درياھَ، 9 ]
گهوڙو گهوٽَ پَلاڻِئو، مَٿِسِ زِينَ ڌَري،
عَلِي شيرُ پُٽَنِ کي، اُڀو سَڏ ڪَري،
حَسَنَ مِيرَ حُسينَ تُون، اَچِي لَڳُ ڳَري،
ھاڻي ڪِيئَن ڪَري، جِيئَن اَمُرُ اِلاھِي آيو.
[ سُر ڪيڏارو، ڪربلا ۽ ڪارا ڪڪر، 9 ]
عَلِي شيرُ پُٽَنِ کي، اُڀو سَڏ ڪَري،
حَسَنَ مِيرَ حُسينَ تُون، اَچِي لَڳُ ڳَري،
ھاڻي ڪِيئَن ڪَري، جِيئَن اَمُرُ اِلاھِي آيو.
[ سُر ڪيڏارو، ڪربلا ۽ ڪارا ڪڪر، 9 ]
ڏِيندِيَسِ ماھُ مِرُنِ کي، آئُون ذَرا جِيءُ ڪَري، اي ھوتا،
ڏيئِي باھِ ڀَنڀورَ کي، آئُون آيسِ تو ڳَري،
آرِياڻِيءَ پُنهونءَ ري، ھَڏِ نَہ ساھَ سَري،
جَنڊِي پايو جانِ ۾، ڏُکرِي ڏُکَ ڏَرِي،
آءُ اوراھُون سُپِرِين وَڃُ مَ پِيَ پَري،
مُون ڏِٺِي مُون وِسَھو، وِرِچِي تان نَہ وَري،
ڏُکِيءَ جَي ڏيکارِيين، ڌَران مُنھَن مَري،
پِيالي پِرِيَنِ جي، موھِيَسِ ميٺَ کَري،
آرِيءَ جِي عِشقَ جِي، مُون کي اَندَرِ آڳِ ٻَري،
توکي توءِ نَہ ڇَڏيان، جَي وَڃان ڀُون تَري،
ڌَڙُ وِجَهندِيَسِ ڌُوڙِ ۾، مَٿو ڌارَ ڌَري،
ھَلَڻُ سُڻِي ھوتَ جو، ڏُکِي پَسُ ڏَري،
پِرِين کَڻِجِ پانھِنجُون، اَکِيُون ٻاجَهہ ڀَري.
[ سُر حسيني، وايون، 32 ]

چُرَنِ چُڻڪَنِ چِتَ ۾، وِسِرَنِ ڪِينَ وَرِي،
تَنِ وَنھِيَنِ ويڙِهيچَنِ جِي، سِٽائِي سَري،
ٿَرَ ۾ ٿوڪَ ڌَري، اُٺي وِئَڙا اُڪِرِي.
[ سُر مارئي، چرن چڻڪن چت ۾، 3 ]
تَنِ وَنھِيَنِ ويڙِهيچَنِ جِي، سِٽائِي سَري،
ٿَرَ ۾ ٿوڪَ ڌَري، اُٺي وِئَڙا اُڪِرِي.
[ سُر مارئي، چرن چڻڪن چت ۾، 3 ]
جوڳِي وِئا جامير، مَڙِيَنِئُون مُنھَن پايان،
ٻِئا پوڄِيندِينءَ ڪيرِ، ڌُوڌاڻِي ڌُوپُ ڌَري.
[ سُر پورب، جوڳي، 17 ]
ٻِئا پوڄِيندِينءَ ڪيرِ، ڌُوڌاڻِي ڌُوپُ ڌَري.
[ سُر پورب، جوڳي، 17 ]
English Meaning
Keep, put, cut