ڇيھُ جي سنڌي معنيٰ
پڇاڙي، آخر، انتھا، پُڄاڻي. دَنگُ، حد، نھايت.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
An incision, cut. End, termination, extremity.
ڇيھُ جا بيتن ۾ حوالا
ڏوري ڏوري ڏيھُ، ٿَڪِيَسِ ٿورو لاءِ مُون،
اُوچا پاھَڻَ پَٻَ جا، ڇَپَرَ ڪونِهي ڇيھُ،
ھِڪُ پاھَڻُ ٻِئو پَرَڏيھُ، موٽُ سَٻاجها سُپِرِين.
[ سُر آبڙي، ٿڪيائي ٿر ٿيلهہ، 1 ]

مُون کي لَڪَ مَ لوڏو ڏي، آئُون جا پَٻَ پَھوڙِي آھِيان،
آرِياڻِيءَ پُنهونءَ جي، نِينھَن نِھوڙِي ني،
مُون جيھِيءَ مَعذُورِ سين، شالَ نَہ ڪَندا ڇيھُ،
ڀَڳو ھِينُون سڄو ڪَندا، رُپي ڏيئِي ريھُ.
[ سُر حسيني، وڳ قطارون ۽ ڪاروُن، 38 ]

کاھوڙِيَنِ کَڻِي، ساجُهرِ ٻَڌا سَندِرا،
ڏورِيندي ۾ ڏُونگَرين، ڪِئائُون پاڻُ پَڻِي،
ڏُکَنِ ڏِيلُ ھَڻِي، ڇيھُ لَڌائُون ڇَپَرين.
[ سُر کاھوڙي، ڏوٿِي، ڏُٿ، ڏُونگر، 25 ]

جَي ڀانيَين جوڳِي ٿِيان، وَٺِي وَحدَتَ ويھُ،
اُونُهون مُلڪُ اللهَ جو، ڪَنھِن ڇُلِي ڏِٺو نَہ ڇيھُ،
ماٺِ مَڙِهيءَ ۾ پيھُ، تَہ ويٺيئي وِيرُناٿُ ٿِيين.
[ سُر رامڪلي، جي ڀانيَين جوڳِي ٿِيان، 16 ]