چَڙَهڻُ جي سنڌي معنيٰ
مٿي هلڻ، مٿي ٿيڻ. سُوار ٿيڻ ڪنهن وهٽ تي. اُڀرڻ سج چنڊ وغيرہ. ترقي ڪرڻ. اُٿڻ بيماري وغيره مان، بچي پوڻ. اُڏامڻ جهاز، لَغڙ، ڀرجڻ، تار ٿيڻ، چاڙه اچڻ درياءَ ۾. چوٽ رسڻ واپار وغيره ۾. مھانگو ٿيڻ، گِران ٿيڻ.
ذريعو:جامع سنڌي لغات
English Meaning
To rise, mount, go up, ascend, climb, attack, embark, improve in health etc., approach the end of nay business, be strung a bow, be braced a drum. To be offered up an oblation or sacrifice.
چَڙَهڻُ جا بيتن ۾ حوالا
سُورِيءَ چَڙَهڻُ سيڄَ پَسَڻُ اِيءَ ڪَمُ عاشِقَنِ،
اُوءِ پاھُون ڪِينَ پَسَنِ، سائُو ھَلَنِ سامُھان.
[ سُر ڪلياڻ، سُوري، ڪاتي ۽ زھر، 9 ]
اُوءِ پاھُون ڪِينَ پَسَنِ، سائُو ھَلَنِ سامُھان.
[ سُر ڪلياڻ، سُوري، ڪاتي ۽ زھر، 9 ]
جيڪا ڪَندِي نِينھُن، ٻاروچاڻِيءَ ذاتِ سين،
سِڪَڻُ سارو ڏِينھُن، چَڙَهڻُ چاڙِھِيڪَنِ تي.
[ سُر حسيني، ڏورِڻ ۽ ڏسڻ، 15 ]