پِيادِي جي سنڌي معنيٰ
پنڌ هلندڙ، پيادل. سپاهياڻي. پانڌياڻي.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
( a woman who is) not mounted on vehicle, horse, etc, walking, on foot.
پِيادِي جا بيتن ۾ حوالا
آءُ اوراھُون سُپِرِين، پَري وَڃُ مَ پِيَ،
موٽُ مَرَندِيَسِ ڇَپَرين تُون جِيارو جِيءَ،
ھوتَ مَ ڇَڏِج ھِيءَ، پُنهون پِيادِي پَنڌَ ۾.
[ سُر آبڙي، آءُ اوراھون، ناھ جميعت، 3 ]

ڪِھَڙو سَڱُ سِياڪو، ھاري تَنِ ھوتَنِ سين،
آئُون ھيڪَلِي حَبِ ۾، نَہ مُون مِٽُ نَہ ڪاڪو،
مُنڌَ پِيادِي پَنڌُ گهَڻو، نَہ مُون اُٺُ نَہ ناقو،
ھُوءَ جا پِڪَ پُنهونءَ جِي، چَٽِيان تَنھِن چُئاڪو،
پَسَڻَ ڌاران پِرِينءَ جي، فَقِيرِ پوءِ مَ فاقو،
چَڙھِي نَہ سَگهان چوٽيين، ڏُونگَرَ ڪونِهي ڏاڪو،
پِرِين پُڇَندِيَسِ پَٻَ ۾، وَڻِ وَڻِ وجِهندِيَسِ واڪو،
وِچُ مَ پوءِ وِصالَ ۾، لَکَ مَ پوءِ لِياڪو،
آرِيءَ جو آتَڻَ ۾، پُڇَندِيَسِ پاڻَ پَھاڪو.
[ سُر آبڙي، وايون، 17 ]

ٻاروچي سان ٻَڙِي جيڏِيُون، ھيڪَر ٿِيان ھيڪاندِي،
چَڙِھِي نَہ سَگهان چوٽِيين، يارَ بِنان دِلِ ماندِي،
پورِھِيَتِ پُنهونءَ ڄامَ جِي، باندِيَنِ جِي آئُون باندِي،
پَھچائِجِ پُنهونءَ کي، ھِيءَ پِيادِي پانڌِي،
ڀينَرُ ھِنَ ڀَنڀورَ ۾، آئُون ايرادي آندِي،
ڪَرَمَ ساڻُ ڪَرِيمَ جي، ڪيچِي ٿِيندَمِ ڪانڌِي.
[ سُر ديسي، جبل ڏي نہ جواب، 14 ]

لَکين لوڙائُو، سَھِسين آھِين سُڃَ ۾،
بَرَ ۾ بُورائُو، کَڻُ پِيادِي پاڻَ سين.
[ سُر حسيني، لَڪ لَڪيُون ۽ ڪُٺل، 22 ]
بَرَ ۾ بُورائُو، کَڻُ پِيادِي پاڻَ سين.
[ سُر حسيني، لَڪ لَڪيُون ۽ ڪُٺل، 22 ]
مِلَندي سِيئَن مَرَندي سِيئَن، مُون کي آھي،
آيَلِ سُورُ سَندونِ،
آئُون پِيادِي پَنڌُ گهَڻو، ڪيچِي وِئا ڪَرَھَلَ ڪاھي،
عَشقُ آرِيءَ ڄامَ جو، ڪامَ وَٺِئو ٿو ڪاھي،
اَدِيُون عَبدِالْلَطِيفُ چئَي، پِيرَ پَٿَرِ ڪا پائي.
[ سُر حسيني، وايون، 14 ]

ھوتَ نَہ پَھچان ھوڏَ، آئُون پِيادِي پَنڌُ گهَڻو،
لَڪَنِ تان لَطِيفُ چئَي، تِکا وَڃَنِ توڏَ،
اوڏِي ڪَري اوڏَ، پَھچائِجِ پُنهونءَ کي.
[ سُر حسيني، ڇپر، لوٺيي، حُج ۽ ھاءِ، 32 ]

ڇَپَرُ ۽ ڇَمَرُ، ٿا لَڳَھَ لَڳَنِ پاڻَ ۾،
آئُون پِيادِي پَٽِيين، نِماڻِي نِڌَرَ،
اَرڏا ڏُونگَرَ ڪَرڪِرا، ويڌَ وِنگايُون وَرَ،
سوڙِھا جِتِ سَڳَرَ، تِتِ ٻاتاڙِنِ ٻيلِي ٿِيين.
[ سُر ديسي، واٽُون ۽ سُور، 19 ]